ٽُوِيٽَر انقلاب

'مختلف موضوع' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏13 فيبروري 2011۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ٽُوِيٽَر انقلاب


    جاويد قاضي


    انقلابن جون ڪيتريون ئي نوعيتون، پاڙا ۽ وصفون ٿين، فردن جي هر اُڇل کي انقلاب ته چئي سگهجي ٿو پر ضروري ناهي هر انقلاب کي هڪ ئي اَک سان ڏسجي يا ايئن کڻي چئجي ته اهو معاملو بنهه سليس آهي!! دنيا جي تختي تي پهريون انقلاب هو: Domestication of Plants & Animals يعني پاڻ جنهن کي زراعت چئون، جنهن جي وجود ۾ پيو هو Social Contract يعني سماجي معاهدو، ماڻهن غارن مان نڪري گڏ رهڻ شروع ڪيو، ان جي اندر به وڏا انقلاب هئا، يعني پيداواري رشتا ته ساڳيا رهيا پر سماجي نوعيتن ۾ تبديليون اينديون رهيون پر اهڙيون تبديليون سئو سئو سال لڳائينديون هيون ۽ پوءِ معاشيات جي تاريخ جا محقق يڪ راءِ ٿي چون ٿا ته ٻيو وڏو انقلاب جيڪو آيو اهو Industrial Revolution هو. يعني زراعتي پيداواري رشتا ڇلانگ هڻي صنعتي پيداواري رشتن ۾ تبديل ٿي ويا، خود ان ۾ سرمائيداري نظام آيو ۽ ان جي خلاف هو اشتراڪي نظام پر ٻنهي جو بنياد هو صنعتي نظام.

    اڄ کان تيرنهن سال اڳ جڏهن سنڌ جي اندر بحثن ۾ پهريون دفعو اهو بحث لاٿو ويو ته انفارميشن ٽيڪنالوجي دنيا کي تبديل ڪري رهي آهي، دنيا ۾ گلوبلائيزيشن وارو بحث تيزي وٺي رهيو آهي، ان جو هڪ ته بنياد مارڪيٽ اڪانومي آهي پر ٻيو بنياد انٽرنيٽ وغيرهه آهي، تڏهن دوستن ان ڳالهه تي ڌيان نه ڏنو ۽ ڪيترا نافهم دوست سنڌ جي پسمانده جاگيرداراڻي Gravity تي بيهي مون تي کلندا به رهيا پر اڄ مصر ۾ آيل پهرئين ڪامياب Twitter انقلاب منهنجيون ان ڌنڌ ۾ ڪيل ڳالهيون حقيقت ۾ تبديل ڪري ڇڏيون.

    اهڙي ٽُوِيٽَر انقلاب جي پهرين جهلڪ اسان کي ڏسڻ ۾ آئي هئي، ڪجهه سال اڳ ايران ۾ تهران جي گهٽين ۾ جڏهن لوڪ اليڪشن ۾ ڌانڌلين جي خلاف ٻاهر نڪري آيا هئا، ان مذهبي يا سماجي ڌر جي خلاف جنهن ايران جي هزار سال پراڻي تهذيب جي روح جي Plurality کي مسخ ڪري ڇڏيو هو، ايران تي عربن اسلام جي نانءَ تي قبضو ته ڪيو پر عربن جي ثقافت جو ارتقا وڌيڪ ٿيل هو ۽ پوءِ فارسي ڪلچر اسلام کي وڌيڪ معنيٰ ڏني ان کي نوان لاڙا ڏنا، خاص ڪري تصوف يا ٻين لفطن ۾ ان کي اسلامي صوفي ازم چئي سگهجي ٿو ۽ پوءِ اهو ٽُوِيٽَر انقلاب ڪجهه سالن جي وقفي کان پوءِ اندران پچندو پچندو تيونس ۾ ظهور پذير ٿيو، ويندي سعودي عرب ۾ به هڪ شخص پنهنجو پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. تيونس، جارڊن، يمن ويندي هاڻ هڪ دفعو وري ايران به بچيل ناهي.

    ٽُوِيٽَر جو نالو انقلاب کي ڇو ڏنو ويو؟ جڏهن سوويت يونين ٽٽو هو، ايسٽ يورپ جي سوشلسٽ رياست ۾ آمريتون ٽٽيون هيون تڏهن ان کي End Of History جو نالو ڏنو ويو. تازو جڏهن يوڪرين ۾ تبديليءَ جي ڇال کنئي ته ان کي orange Revolution جو نالو ڏنو ويو، جڏهن اسٽالن واري جارجيا جا لوڪ ٻاهر نڪري آيا تڏهن ان کي Pink Revolution جو نالو ڏنو ويو. اهي سڀ تبديليون سياسي يا سماجي تبديليون ان لحاظ کان هيون ته انهن پيداواري رشتن کي تبديل نه پئي ڪيو پر ان ساڳي پيداواري رشتن ۾ رهندي يعني مارڪيٽ اڪانومي کي تسليم ڪندي سماج ۾ Openness پئي آندي يا جمهوريت پئي آڻڻ چاهي.

    تازو آيل عرب دنيا ۾ جمهوريت جي تبديلي يا کليل فضا جي آزاديءَ جي پويان بنيادي ۾ بنيادي ڪارڻ هو انٽرنيٽ، جڏهن آمريتن آزاد صحافت جا رستا روڪيا، جڏهن لوڪن وٽ انفارميشن جو آزاد وهڪرو بند ٿي ويو، تڏهن ماڻهن پنهنجا گس پاڻ ٺاهيا، اهي انٽرنيٽ تي پهچي ويا، هو Twitter واري، FaceBook واري ويب سائيٽ تي پهچي ويا، انٽرنيٽ معنيٰ ڳنڍڻ، ويب معنيٰ هڪڙي ڌاڳي ۾ ڳنڍيل ۽ پوءِ انهن جو ڪلچر به ساڳيو هو، زبان به ساڳي هئي، پوءِ ڀل هو ڪيترن ئي ملڪن ۾ ورهايل ڇو نه هجن، انهن کي Twitter هڪ هنڌ بيهاري ڇڏيو، توهان کي ٿورڙو مثال ڏيندو هلان ته جڏهن مشرف ميڊيا تي پابندي هنئي تڏهن اسان ڏٺو ماڻهن وري ڊش ايٽينا وٺڻ شروع ڪياهئا، انهن بند چئنل انٽرنيٽ تي ڳولڻ شروع ڪيا هئا.

    انٽرنيٽ، ويب يا انفارميشن ٽيڪنالوجي يا گلوبلائيزيشن جتي ڪلچرل شاڪ به آندا آهن اتي لوڪن کي دنيا ڏسڻ ۾ اچي وئي آهي، عربن کي خبر پئي ته هنن وٽ آمريتون آهن، حسني مبارڪ ايئن ئي ويسٽ کي اسلامي جهادين کان ڊيڄاري رکندو هو جيئن مشرف هتي ڪندو هو. حسني مبارڪ جا ڀاڳ ڀلا هئا ان جون سرحدون اسرائيل سان لڳل آهن جو ٻٽيهه سال ڪڍي ويو، هيڏي وري سعودي عرب ۾ بادشاهت بچائڻ لاءِ حڪمرانن مذهب ۾ پناهه ورتي آهي، هتي پاڪستان ۾ جمهوريت کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ اسلامي انقلاب جي ڳالهه ڪئي ٿي وڃي، جڏهن ته حقيقت اها آهي ته تاريخ ٻڌائي ٿي ته انقلاب اتي آيا آهن جتي آمريتون هونديون آهن، تاريخ ٻڌائي ٿي ته جمهوريت خلاف ڪڏهن به انقلاب نه آيا آهن، ها اگر جمهوريتون صحيح نه ٿيون هلن ته اتي حڪومتون وينديون رهنديون آهن پر بيليٽ باڪس جي ذريعي ۽ ايئن پوءِ جمهوريتون ارتقا ڪنديون وينديون آهن، جڏهن ته آمريتن جو ارتقا جمهوريت ۾ تبديلي آهي، ان جي بر عڪس خود جمهوريت جو به ارتقا ٿيندو آهي پر گهٽ بهتر کان وڌيڪ بهتر ٿيڻ واري سفر ۾ يقينن هيل تائين جمهوريت جو نعم البدل اُڀار ڪنهن وٽ به ناهي، جڏهن ته آمريتن جو نعم البدل جمهوريت آهي.

    ٽُوِيٽَر انقلاب ڪنهن به خوني انقلاب جي نفي ٿو ڪري، مثال طور مصر ۾ خوني انقلاب لاءِ سڀ رستا ۽ سڀ وصفون موجود هيون، هڪ ته اتي 32 سالن کان آمر هو، ٻيو ته اتي ڪورٽون آزاد نه هيون، ٽيون ته آمر کي ٻاهر ڪڍڻ جو ڪو به آئيني حل نه هو، چوٿون ته بدعنواني ۽ نيپاٽزم جي ڪري بي روزگاري ۽ پوءِ فوڊ Inflation 19 سيڪڙو تي وڃي بيٺي (جڏهن ته هن وقت پاڪستان ۾ اهڙي مهانگائي 22 سيڪڙو آهي) پنجون آزاد ميڊيا اتي ڪانه هئي، اڄ کان ويهه سال اڳ چائنا جي اندر تائنا سين اسڪوائر ۾ چيني ڪميونسٽ حڪومت هزارين ماڻهو ٽينڪن هيٺان ڪچلي ڇڏيا ۽ بغاوت کي ختم ڪيو، مطلب ته اهڙي صورت ۾ اگر ماڻهو اٿندا آهن ته ان جي ڪاميابي ۽ ناڪامي ۾ ٻنهي صورتن ۾ خون خرابو ٿيندو آهي، جڏهن ته مصر جو بدترين آمر ڏاڍو سولو نڪري ويو، ان جو ڪارڻ هو ٽُوِيٽَر، فيس بڪ يا انفارميشن ٽيڪنالوجي جو سڄي دنيا مصر جي ماڻهن سان گڏ بيهي وئي ۽ سڄو عرب گڏجي ويو، ان سيٽلائيٽ جو پهريون ڪم هو عربن جو الجزيرا ٽي وي چئنل جنهن انهن آمريتن کي وائکو ڪيو، سيٽلائيٽ وارو انقلاب خود انفارميشن ٽيڪنالوجي جي انقلاب جو بنياد ثابت ٿيو، شايد فيض احمد فيض اهو محسوس ڪندي هي سٽون چيون هيون. ”محبوب سان انڌيري ۾ ملندڙ شمعون ڀلي هو وسائي ڇڏين، چنڊ کي وسائين ته مان مڃان“.

    ”جلوه گا هي وصال ڪي شمعين وه بجها ڀي چڪي گر تو ڪيا،

    چاند ڪو گُل ڪرين تو هم جانين“

    اهو چنڊ هو ٽُوِيٽَر، اهو چنڊ هو سيٽلائيٽ تي هلندڙ الجزيرا ٽي وي، چنڊ ڇا هو پر ڄڻ چوڏهين جو چنڊ هو، ڪا ايڪسري مشين هئي، جنهن آمرن کي ننگو ڪري ڏيکاريو ۽ آمر وٽ اهڙي اٿندڙ عوامي اڀارن کي ڪچلڻ به هاڻ آسان نه هو، هاڻ ته اهڙن آمرن کي جيڪو پناهه به ڏيندو اهو به بدنام ٿيندو، هي انقلاب Wikileaks جيڪو خود ٽُوِيٽَر انقلاب جو حصو هو، کان پوءِ پهريون ڪامياب انقلاب هو، هاڻ ته WikiLeaks چئي ٿي ته اسين Swiss (سوئس) بئنڪن ۾ موجود اهڙن آمرن ۽ ٽين دنيا جي سياست دانن جي بئنڪ اڪائونٽس کي به وائکو ڪنداسين، ان ڪري ٽُوِيٽَر انقلاب هاڻ خوني انقلاب جا گس روڪي ڇڏيا آهن، پر انقلاب لاءِ اٿڻو ماڻهن کي پوندو نه ته اهو ٽويٽر به توهان جي وات ۾ چمچي ذريعي انقلاب ڪونه ٿو وجهي سگهي.

    ضروري ناهي هر انقلاب جون راهون صحيح تعين ٿين، بولشويڪ انقلاب تي اسٽالن قبضو ڪري ويو، تاريخ جو عظيم ترين انقلاب جنهن صنعتي انقلاب مان پيدا ٿيندڙ نون پيداواري رشتن ۾ سرمائيداري کي يعني Private Property کي نا انصافي قرار ڏيندي اشتراڪي يا ٻين لفطن ۾ جيڪو مزدور آ ان جو سڀ ڪجهه آهي جو نظام ڏنو پر سرمائيدار جمهوريت کي پروان چڙهايو، ميڊيا جي آزادي ڏني، ڪورٽون آزاد ڇڏيون، جڏهن ته سوشلسٽ رياست اهو ڪجهه ڏيڻ ته ڇا پر خود هڪ اهڙي شرفا پيدا ٿي جنهن وٽ سڀ ڪجهه هو ۽ ٻين وٽ رڳو ڇڪي تاڻي سوشل سيڪيورٽي پر ان جي عيوض شين مان معيار نڪري ويو، ان غير معيار شين ۽ شين جي کوٽ ان انقلاب کي ناڪام ڪري ڇڏيو. جڏهن ته چائنا، ماڻهن کي معياري شيون به ڏنيون ۽ مارڪيٽ کي واپس بحال ڪري اڄ به آمريت رکيو ويٺا آهن ۽ ان لاءِ به هڪ انقلاب اڻ ٽر ٿئي ٿو، اتي جمهوريت اچڻ ۾ اڃا ڪجهه وقت لڳي ڇو ته معاشي حالتون عام فرد جون بهتر آهن. ايران جي انقلاب تي به اتان جي ساڄي ڌر ايئن قبضو ڪري وئي، جيئن پاڪستان ۾ آيل وڪيلن واري جدوجهد تي ڪري وئي.

    هر انقلاب هڪ ليگل آرڊر آڻيندو آهي هر ليگل آرڊر ٻين لفظن ۾ آئين ڏيندو آهي، هر آئين اگر Constitutionalism جي معيارن تي بيٺل هوندو آهي ته اهو انقلاب، ڪامياب انقلاب چئي سگهجي ٿو، ڇو جو اهڙي آئيني سرپرستيءَ جي بنيادن تي بيٺل آئين جون جيڪي وصفون ٿين ان ۾ هوندي آهي Trichotomy of Powers يعني اقتدار جي ورڇ يعني Separation of Powers يعني عدالت، پارليامينٽ ۽ ايگزيڪيوٽو جا جدا، ايئن نه جيئن سعودي عرب جو آئين چئي ٿو ته هت شريعت آهي، پر اتان جي وڏي عدالت خود بادشاهه پاڻ آهي. ايران ۾ به جيڪا سپريم ڪائونسل آهي اها Non Elected ٿئي ٿي ۽ اليڪشن به جيڪا ٿئي سا ساڄي ڌر وارا پاڻ ۾ وڙهن، لبيا ۾ چار ماڻهو سنجيده ويهي گڏ ڳالهائي نه ٿا سگهن ۽ قذافي کي چاليهه سال ٿي ويا آهن، اقتدار تي قبضو ڪري ويٺو آهي، يعني اهڙن ملڪن جا آئين جيڪي آئين سرپرستيءَ جي يا ٻين لفظن ۾ Constitutionalism جي معيارن تي پورو نه ٿا لهن. اهي Stagnate ٿيو وڃن، جڏهن ته سماج Organic ٿئي ٿو، اهو سنڌو تبديليءَ جي عمل ۾ رهي ٿو، اگر آئين جا مد ۽ ساڪن آهي يعني ڪورٽون پنهنجن فيصلن سان ان کي Organic نه ٿيون رکن ته پوءِ خود جيڪو اڳي ڪم خوني انقلاب ڪندو هو، ات هاڻي ٽُويٽَر انقلاب ڪندو ۽ اهڙن ملڪن جي آئين کي Constitutionalism جي معيارن تي لاهڻ لاءِ اقتدار ۾ ويڙهاند ڪري رياست کي ترقيءَ جي رستي تي وٺي ساڻن لاءِ ويلفيئر پيدا ڪندو.

    حُسني مبارڪ جي وڃڻ سان ان آئين مطابق 60 ڏينهن ۾ صدر لاءِ نيون اليڪشنون ڪرائڻيون هيون، پارليامينٽ جو اسپيڪر قائم مقام صدر ٿئي ها پر اهڙو صدر پوءِ اليڪشن نه پيو وڙهي سگهي پر حسني مبارڪ ويندي ويندي اقتدار فوج جي حوالي ايئن ڪيو جيئن 1969ع ۾ ايوب جنرل يحيٰ جي حوالي ڪيو هو. يعني 1962ع وارو آئين ختم بلڪل اهڙي طرح مصر جو آئين به ختم هاڻ ڪا خبر ناهي ڇا ٿئي، جيئن يحيٰ جي اچڻ سان به ڪا خبر نه هئي پر هت ٿورڙو فرق آهي ڇو جو هن انقلاب جي نگهباني خود ٽويٽر ڪري رهيو آهي.

    اولهه کي خطرو اهو آهي ته مصر تي ڪو وري آيت الله خميني وارو ڌاڙو نه لڳي وڃي، بلڪل ايئن جيئن ڀٽي خلاف هلايل تحريڪ PNA تي ڌاڙو هنيو هو جنرل ضياءُ الحق ۽ سي آءِ اَي. تمام بهتر آئين هو پنهنجي فورم ۾ عرب ملڪ جي ڀيٽ ۾ مصر جو پر Subitance ۾ نه يعني اليڪشنون ٿينديون هيون پارٽين هيون پر پارٽين واري عمل ۾ ڌانڌلي هئي، مسلم برادر هوڊ هڪڙي پارٽي هئي پر سڄي پارليامينٽ ۾ قبضو نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي يعني حسني مبارڪ واري پارٽيءَ جو 99 سيڪڙو قبضو هو. خود مسلم برادر هوڊ پارٽيءَ ۾ مذهبي لاڙا هئا ۽ عوام جي انهن تي به ويساهه نه هو، هوڏانهن اهڙي پارليامينٽ آئينده سڌارا آڻڻ جي لائق به نه هئي ۽ نتيجي صدر حسني مبارڪ اقتدار فوج جي حوالي ڪري ويو، هاڻي خود اتان جي ڪورٽ نظريه ضرورت چوندي ته اهو حسني مبارڪ جو فيصلو حالتن موجب ٺيڪ هو، جڏهن ته حسني مبارڪ جو اهڙو فيصلو غير آئيني چئي سگهجي ٿو.

    پاڪستان جي معاشي صورتحال ڪيترن ئي حوالن سان مصر کان نه وڌيڪ خراب چئي سگهجي ٿي پر هتان جو آئين Constitutionalism جي معيارن تي پورو لهي ٿو. يعني ان ۾ Exit موجود آهي، هن ۾ اليڪشن ڪرائي تبديلي آڻڻ جي گنجائش موجود آهي. هن آئين ۾ Separation Of power آهي. عدليه آزاد ته ڇا پر حڪومت سان جهڳڙي ۾ ۽ ان ۾ حڪومت Retreat ڪيو آهي. ميڊيا آزاد ته ڇا پر حڪومت سان جهڳڙي ڪندي آمريتن لاءِ گس ۽ رستا پئي ٺاهي، هت انقلاب جي ڳالهه اهي ٿا ڪن جيڪي جمهوريت ۾ پنهنجو مستقبل ڪونه ٿا ڏسن، ٻين لفظن ۾ هت جنگ يا انقلاب جي ڳالهه اهي ٿا ڪن جيڪي آئين جي حڪمراني نه ٿا چاهين.

    ٿي سگهي ٿو اهڙن ليڊرن جي پويان اسٽيبلشمينٽ هي جيڪا جمهوري عمل کي ناڪام ڪرڻ چاهيندي هجي. پاڪستان جي معاشي پسپائي يا تباهي جو حل انقلاب نه پر جمهوريت آهي ۽ وڌيڪ جمهوريت پيدا ٿيندي. هن نابالغ يا ڪمزور جمهوريت مان نه ڪي ڪنهن اسلامي انقلاب مان يا فوجي آمريت مان ٽينڪن تي چڙهي ايندڙ ڪو عمران خان مان. يقينن اهڙي اسٽيبلشمينٽ جي اشارن تي هلندڙن کي ٽويٽر وائکو ڪندو، ايئن جيئن ان ٽويٽر انقلاب هڪ پاسي جنهن کي پاڻ وڪي ليڪس جي نالي سان ڄاڻون، خود مشرف کي به گهر ڀيڙو ڪرڻ ۾ دنيا جي اندر رهندڙ ضمير جنهن کي آمريڪا جي ميڊيا چئون ان پنهنجي حڪمرانن کي خبردار ڪيو ته هو هڪ آمر جي حمايت ڪري رهيا آهن، هاڻ رڳو لوڪ همت ڪن اهڙا بت ڊاهڻ آسان ٿي پيا آهن.

    ٽويٽر نه صرف آمريتن خلاف انقلاب آڻيندو پر انهن انقلابن جي نگهباني ڪندي انهن کي Constitutionalism جي معيار تي پورو لاهيندي ان ۾ جمهوريت جو روح ڦوڪيندو. هاڻي ٽويٽر جي زماني ۾ انقلاب جا نعرا هڻي جمهوريت کي هائيجيڪ ڪرڻ به آسان ناهي رهيو ۽ تاريخ ٻڌائي ٿي (اهو هڪ دفعو وري چوندو هلان) ته انقلاب آمريتن خلاف ايندا آهن نه ڪي جمهوريتن خلاف، جمهوريتون جيڪي صحيح نه ٿيون هلن انهن لاءِ وڌيڪ جمهوريت وارو سلسلو جاري رهندو. 1860ع واري آمريڪا جي سول وار کان پوءِ 1688 واري برطانيا جي انقلابي تبديلين کان پوءِ جمهوريت خلاف انقلاب ناهن آيا. اهي انقلاب به ان ڪري آيا ته آئين کي Constitutionalism جي وڌيڪ ويجهو ڪيو وڃي ۽ اهو عمل اڃا تائين جاري آهي، اتان جون ڪورٽون نه ته آئين کي ڇڏي آئين پرستي مطابق فيصلا ڏينديون آهن، بلڪه اهي جمهوريتون ۽ انهن جا آئين هڪ ٻئي جا اولڙا هوندا آهن ۽ انهن جا مالڪ هوندا آهن لوڪ ۽ انهن رياستن جو اگر ڪو Horizontal پيمانو ٺاهجي ته هيل تائين دنيا ۾ انهن جو آئين آهي جيڪو انقلاب روڪي ٿو، جيئن جان ايف ڪينيڊي چيو هو:

    “Democracy is main purpose to bring peaceful revolutions those who make Peacefull revolutions impossible will make voilent revolutions possible”

    شايد زراعت کان پوءِ صنعتي انقلاب کان پوءِ معاشي تاريخ جو ٽيون سڀ کان وڏو انقلاب انفارميشن ٽيڪنالوجي جو انقلاب آهي ۽ هي ٽويٽر انقلاب وڪي ليڪس کان وٺي مصر تائين ان جي تسلسل آهي.


    عوامي آواز جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو