سنڌي هڪ معصوم ۽ مهمان نواز قوم

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏13 فيبروري 2011۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سنڌي هڪ معصوم ۽ مهمان نواز قوم

    تحرير: نسيم شيخ
    سنڌيڪار: طاهر سنڌي

    [justify]پاڪستان جي تاريخ مختلف قومن جي مجموعي سان رچيل آهي، انهن مان ڪجهه وڏيون قومون پنهنجي علائقائي رهڻي ڪهڻي ٻولي ۽ فطرت سبب پاڪستان جي وڏين قومن ۾ شمار ٿين ٿيون، انهن مان هڪ سنڌي قوم به آهي، جيڪا سنڌو درياء جي اطراف ۾ ڦيليل شهرن، ڳوٺن ۾ رهي پنهنجي روايتن کي بر قرار رکندي پاڪستان جي فلاح ۽ بقا جي ويڙهه ۾ ڪنهن به قوم کان پوئتي نه آهي، سنڌي قوم وڏن وڏن اديبن، دانشورن، سياستدانن ۽ پنهنجي ملڪ ۽ سرزمين تي قربان ٿيندڙ لا تعداد شخصيتن سان ڀريل آهي، جن جي زندگي ملڪ جي تعمير ۽ پنهنجي ثقافت جي سڃاڻپ رکڻ ۾ گزري، سر زمين سنڌ کي هڪ قديم حيثيت حاصل آهي، ۽ روحاني اعتبار سان هن سر زمين کي لعل شهباز قلندر جهڙن بزرگ رهنمائن جي تعليمات سان روشناس هئڻ ۽ ان جي آخري آرامگاهه هئڻ جو شرف به حاصل آهي.
    سنڌوءَ جي پاڻيءَ ۾ جيڪا مٺاس آهي، ان جو مثال هت رهندڙ هر طبقي ۾ بلا شبه ملي ٿو، سنڌوءَ جي پاڻيءَ ۾ محبت رچيل بسيل آهي، جنهن جو مثال ڄام تماچي جهڙي بادشاهه جي زندگي کي به منور ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿو، جنهن پنهنجو تخت وتاج سڀ ڪجهه محبت جي نالي قربان ڪندي ڪينجهر تي تاريخ رقم ڪئي، ۽ بادشاهت کي ٺڪرائيندي ڪارو ڄار ڪلهن تي رکي ماهيگيري جو پيشو اختيار ڪيو.
    مهمان نوازي جو مثال هن ڌرتي کي ساري پاڪستان تي فوقيت ڏياري ٿو، جڏهن قيام پاڪستان وقت هندوستان کان آيل پاڪستاني قرباني ڏيڻ کان پوءِ پاڪستان آيا ته انهن کي پنجاب ۾ اهو چيو ويو ته پاڪستان اڃان اڳنان آهي، ملتان ۾ به کين اهو ئي جواب مليو، ۽ بالآخر مهاجرن کي هن ڌرتي ئي خوش آمديد چوندي پنهنجي سينن سان لڳايو، هت رهندڙ معصوم هاري مزدور ۽ ٻيا طبقا جيڪي پنهنجي زندگي مشڪل سان هلائن پيا انهن پاڪستان جي محبت ۾ پنهنجن هنن ڏکايل ڀائُرن جي ڏکن تي مرهم رکندي، انهن کي عزت ۽ احترام ڏيندي، پنهنجي سينن سان لڳايو.
    هميشه جيان هت به معصوم ماڻهن کي پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪندي وڏيره شاهي ۽ سرمايه داراڻي سسٽم هنن جي جزبات ۽ احساسن جو ناجائز فائدو وٺندي هنن کي ڪيترا دفعا زنده درگور ڪيو، هتان جي ماڻهن تي تعليم جا دروازا بند ڪيا ويا، انهن کي پنهنجي ذاتي ملڪيت سمجهندي هتان جي ماڻهن کي غلامي جا طوق پهرائڻ ۾ هتان جي وڏيره شاهي ڪا به ڪسر نه ڇڏي، ان اهم نا انصافي کي ڏسندي ذوالفقار علي ڀٽي روٽي ڪپڙا مڪان جو نعرو لڳائيندي سامراجي نظام سان ٽڪرائيندي هنن معصوم محبت ڪندڙ محب وطن ماڻهن کي هڪ پليٽ فارم پاڪستان پيپلز پارٽي جو نالو ڏنو، جنهن ساري ملڪ ۾ شهرت ماڻي، ۽ ان جي بدلي هتان جي عوام هر قسم جي جذبات ۽ تعلقات کي هڪ ڀر رکي پيپلز پارٽي جي قائد ذوالفقار علي ڀٽو جي قدم سان قدم ملائيندي پاڪستان کي هڪ اهڙو ليڊر ڏنو جيڪو بلا شبه هڪ عوامي ليڊر جي روپ ۾ دنيا جي نقشي تي اڀريو، ۽ ڏسندي ڏسندي ملڪ ۾ اهي ڪارناما سرانجام ڏئي ويو، جيڪي ملڪ جي وڏن وڏن ليڊرن ۽ سامراجي طاقتن لاءِ حيرت جو باعث بڻيا، جي ها! اسلامي بلاڪ کي انتهائي مظبوط ڪرڻ، پاڪستان کي ايٽمي طاقت جي روپ ۾ آڻڻ، ملڪ جو آئين تشڪيل ڏيڻ جهڙا ڪارناما ذوالفقار علي ڀٽو سنڌي قوم جي محبت ۽ اعتماد جي بل پوتي تي ئي سر انجام ڏنا.
    هن قوم جي هڪ هي خاصيت به آهي ته هي ڪڏهن به پويان کان وار نه ڪندي آهي، جي ڪنهن کي هي پنهنجو دوست چون ته هو صرف دوست ئي هوندو آهي، ۽ جيڪڏهن هي ڪنهن کي دشمن چون ته هو صرف دشمن ئي رهندو آهي، ۽ دشمني به ان وقت تائين جيسين ميدان جنگ آهي، جتي دشمن هن کان معافي گهري ورتي ۽ انهن جي گهر پهچي پنهنجي غلطي جو اظهار ڪيو ته اتي هن ڌرتي جي ماڻهن ان کي معاف ڪندي سيني سان لڳايو، اهڙن واقعن سان سنڌ جي تاريخ ڀريل آهي.
    ظلم ۽ بربريت خلاف هتان جا نوجوان سراپا احتجاج بڻيا، جنهن جو مثال ايم آر ڊي تحريڪ آهي، جنهن ۾ هزارين شاگردن کي شهيد ڪيو ويو، ڪيترن بيگناهن کي خاندانن سميت زنده درگور ڪيو ويو، ان ظلم خلاف به ڪيئي سپاهي پيدا ٿيا، جن ۾ محب شيدي، ڪاروڪرڪلي، احمد ملاح، سرور چانڊيو، علي گوهر چانڊيو، پرو چانڊيو، نادر جسڪاڻي ۽ ٻيا به ڪيترا نالا قابل ذڪر آهن، انهن کي سماج ڌاڙيل قرار ڏنو، انهن جي ڌاڙيل بڻجڻ ۽ ڌاڙيل بڻجڻ کان بعد وارن ڪمن کي ڪنهن به نه ڏٺو، ته انهن جا اعمال سندن کي ڇا ٿا ظاهر ڪن؟ انهن سڀن ۾ هڪ معتبر نالو پرو چانڊيو جو به آهي، جيڪو پوليس جي رڪارڊ ۾ ته هڪ ڌاڙيل هو، پر دنيا ڄاڻي ٿي ته ان ڌاڙيل هميشه ظلم خلاف بندوق کڻندي غريبن جو بلا تفريق ساٿ ڏنو، چاهي انهن ۾ سنڌي ڳالهائڻ وارا هجن يا هت رهندڙ پنجاپي، مهاجر، پٺاڻ يا سرائيڪي هجن، انهن جي حقن جي حفاظت ڪندي هن ظالم سماج خلاف جنگ جو اعلان ڪيو.
    سنڌ جي زمين جو ٻيون نالو صوفياء ڪرام جي ڌرتي به آهي، هي سر زمين جت شاه عبد اللطيف ڀٽائي جهڙي جليل القدر شاعر جي شڪل ۾ ولي الله جي آخري آرامگاه آهي، اتي عبيد الله سنڌي، پير الاهي بخش، ذوالفقار علي ڀٽو سان گڏو گڏ جي ايم سيد جهڙا رهنما به هن سر زمين جي تاريخ ۾ ستارن جيان چمڪندا رهيا، ان سان گڏو گڏ علڻ فقير، جلال چانڊيو ۽ سائڻ عابده پروين جهڙن فنڪارن هن سر زمين جي خوشبو کي پنهنجي سريلي آواز سان ساري دنيا ۾ ڦيلايو، اڄ به هن سر زمين جي خوشبو سنڌوءَ جي رواني ساڻ امن محبت جو پيغام بڻجي ساري پاڪستا ن جي باشندن لاءِ ا نجي هوائن ۾ موجود آهي، هتان جا نوجوان اڄ جهالت جي اونداهين کان نڪري تعليم جي زيور سان آراسته ٿين پيا، جنهن جو مثال سنڌ جي لٽريسي جي گراف ۾ تعليم جو وڌندڙ رجحان آهي.
    سنڌ جي سر زمين کي الله تعالي هتان جي رهاڪن جي مهمان نوازي ۽ محبت جي طفيل لا زوال خزانن سان آراسته ڪيو آهي، اڄ سنڌ ڌرتي جون رڳون جت پيٽرول، گيس جهڙين نعمتن سان هن ملڪ کي معاشي استحڪام ڏئي رهيون آهن، ته اتي ئي ڪوئلو ۽ ٻيا معدنيات پنهنجي موجودگي جو احساس ڏيارن ٿا، جت هن جا جهنگ قدرت جي بي بها خزانن سان لبريز هن جي خوبصورتي ۾ اضافي جو ڪارڻ آهن ته اتي ئي هتان جا جبل لا تعداد ماڻهن جي گهرن جي چلهه ٻارڻ جو باعث آهن، ان ۾ سڀ کان وڏو مثال گورک هل آهي، جيڪو اڄ به پاڪستان ۾ پنهنجو مثال پاڻ آهي، پر ان کي به نظر انداز ڪيو ويو آهي، انهن سڀ ڳالهين کي مد نظر رکندي هميشه پاڪستان جي چئني صوبن جي مد مقابل ۾ صوبي سنڌ سان ئي ماٽيلي پن جو سلوڪ هر حاڪم ڪندي سنڌ سان هميشه نا انصافي ڪئي، جنهن سبب هت پاڻي جي کوٽ هميشه هارين کي ڏسڻي پوي ٿي، پر الله هن دنياوي ظلم جي خلاف هميشه سنڌين تي پنهنجي رحمتن جي برسات جي صورت ۾ نڇاور ڪندو آهي، جنهن سان بي جان زمين مهڪي پوندي آهي، ۽ پنهنجن ٻارن جيڪي هن ڌرتي کي امڙ جهڙو مان ڏين ٿا سندن کي وافر مقدار ۾ غلو ڏئي ٿي، جنهن سان ڌرتي ڌڻي خوشي سان جهمريو پائن ٿا، ۽ شڪرانو ادا ڪندي پنهنجي ڌرتي سان محبت جو اظهار ڪن ٿا.
    چيو ويندو آهي ته هن ڌرتي جو جيسين هڪ به پٽ حيات آهي ته هن ڌرتي جو ڪير ڪجهه وار به ميرو نه ٿو ڪري سگهي، اڄ هن ڌرتي جا سپوت تعليم سان مزين آهن، شعور جي شمع هر گهر ۾ ٻري پئي، هتان جا نوجوان پنهنجو ڀلو برو سوچيندي امن ۽ محبت سان پنهنجي سر زمين سان گڏو گڏ پاڪستان جي استحڪام جي ڪوششن ۾ مصروف آهن، ۽ انهن جو ساٿ هن ڌرتي تي رهندڙ هر زبان وارو ڏئي ٿو، ڇو ته اڄ هر شخص اهو ڄاڻي چڪو آهي ته شاه عبد اللطيف ڀٽائي، لعل شهباز قلندر هن ڌرتي تان پنهنجي اقوال زرين ۽ تعليمات سان محبت ۽ امن جو پيغام ڏنو آهي، ۽ پنهنجن هنن بزگن جي اقوالن کي تمام گهڻي عزت ۽ احترام سان هر سنڌي ٻڌندو ۽ انهن تي عمل ڪندو آهي.
    هن ڌرتي جي ڪک مان ڪيترن وڏن شاعرن به جنم ورتو آهي، جن پنهنجي شاعري سان هن ڌرتي جي مٽي جو حق ادا ڪيو آهي، انهن مان شمس الدين بلبل، رئيس ضياءُ الدين، مولانا غلام محمد گرامي، سيد علي اڪبر شاه، تاج سهراهي، پير بخش ڏيرو جا نالا قابل قدر آهن، جن جو ڪلام هن ڌرتي جو نالو ملڪ ۾ اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿو.
    هڪ ڊگهي فهرست هتان جي شهيد نوجوانن جي پڻ آهي، جيڪا وڏي آواز سان پڪاري پئي ته هيءُ شهيدن جي خون سان رنڱيل ڌرتي آهي، هن کي ڪوئي ڪو نقصان نه ٿو پهچائي سگهي، سنڌ يونيورسٽي ۽ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي طلباء تنظيمن جنهن انداز سان ملڪ جي سياست ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو اهو ڪنهن کان ڍڪيل نه آهي، ان جي بدلي سامراجي طاقتن انهن معصوم طالبن کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو، ٺوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن جو خون اڄ به ترو تازو آهي، جيڪو هن ڌرتي کي هڪ عجيب خوشبو سان روشناس ڪرائي ٿو.
    ان سان گڏ سنڌ ڌرتي تي عبد الله شاه اصحابي، عبد الله شاه غازي، لڪي شاه صدر، مخدوم بلاول، نوري شاه، عالم شاه بخاري، واڌن شاه، مصري شاه، سخي سلطان، جمن شاه، سيد وهاب شاه جهڙن جليل القدر ديني بزرگن جون آخري آرامگاهون پڻ آهن، جن جو فيض هن ڌرتي جي حفاظت ڪري ٿو، ۽ ڪندو رهندو، سنڌ جي تاريخ ۾ ڪٿ ڪلهوڙا بادشاه آهن ته ڪٿ ٽالپرن جي حڪومت، ته ڪٿ جهالت جو دور راجه ڏاهر جي صورت ۾ به رهيو آهي، جنهن کان محمد بن قاسم ڌرتي ڌڻين کي نجات ڏياري فاتح سنڌ جو لقب ماڻيو، سنڌ کي باب الاسلام يعني اسلام جو دروازو به چيو ويندو آهي.
    مختصر هي ته سنڌوءَ جي پاڻي ۽ هتان جي مٽي سان سرشار هت رهندڙ هر انسان جو روح هڪ همدرد انسان جي صورت ۾ موجود آهي، سٺا ڪِنا هر هنڌ هوندا آهن، مڃيون ٿا ته اسين منتشر ئي سهي، اسان کي سياستدانن ۽ مذهبي جنوني شرپسندن ۽ دشمنن لساني ۽ فرقي واريت طور تقسيم ته ڪيو آهي، پر جنهن ڏينهن اسين هڪ ٿيا سون ان ڏينهن اسان جي عظمت جو اقرار هر زبان ڪندي.
    سنڌ ڌرتي ملڪ کي انتهائي ذهين سياستدانن سان روشناس ڪرايو آهي، انهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو، بي نظير ڀٽو، عبد الحميد جتوئي، جي ايم سيد جي تعليمات ۽ طرز زندگي جڏهن ته پير صاحب پڳارو، مخدوم فيملي، ڊاڪٽر قادر مگسي، الطاف حسين سيد، مظفر حسين شاه، جهڙن قائدن جا نالا قابل ستائش آهن، جن جون محنتون پاڪستان کي سياسي استحڪام ڏيڻ ۾ مصروف آهن، انهن سياستدانن جي اقوالن تي انهن جا پيروڪار اکيون ٻڌي يقين رکن ٿا، هنن سياستدانن جي ڪوششن ڪاوشن ۽ بزرگان دين جي برڪتن سان اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن سنڌ پاڪستان ۾ هر ٻولي ڳالهائيندڙ پاڪستانين کي پنهنجي تعليمات ۽ ثقافت سان روشناس ڪرائيندي پنهنجي عظمت جو اقرار ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيندي، سنڌ ۾ رهندڙ هر شخص اجرڪ ۽ ٽوپي کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو، ڇو ته ٽوپي روحانيت جو احساس آهي، ته اجرڪ ماءُ ڀيڻُ جي عزت ڪرڻ ۽ انهن جي حفاظت ڪرڻ جو نشان آهي، هاڻ جنهن قوم ۾ روحانيت هجي يعني ايمان هجي ۽ اها ڀيڻ ڌيءُ جي احترام کي پنهنجو ايمان سمجهي منهنجي نزديڪ الله ان جي عزت ۽ آبرو جي حفاظت خود ڪندو، سنڌ ڌرتي سنڌ ۾ رهندڙ هر شخص جي امڙ آهي، ان جي حفاظت ڌڻي تعالي هر حال ۾ پاڻ فرمائيندو. ان شاءَ الله.

    [/justify]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌي هڪ معصوم ۽ مهمان نواز قوم

    اداطاهر تمام بهترين ۽ ڪارئتو ونڊ ترجمو ڪري پيش ڪيو‌آهي ، اهڙي محنت کي داد نه ڏيڻ سراسر نه انصافي ٿيندي

    اهڙي مضمون لا مان اوهان جو ڏاڍو ممنون آهيان

    يقين آهي ته ائين ئي وقت ڪڍي ضرور پنهجيون لکڻين سان اسان کي مستفيد ڪندا رهندا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نسيم شيخ

    نسيم شيخ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 جنوري 2011
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌي هڪ معصوم ۽ مهمان نواز قوم

    ادا طاهر توهان جو ٿوراءتو آهيان جو توهان هن ناچيز جي وکريل سوچ کي ترجمو ڪري سنڌ سلامت فورم تي روشناس ڪري مونکي عزت ڏني مان سنڌ سلامت فورم جي تمام ممبران جو شڪر گزار اهيان ء دعائن جو طلبگار آهيان جيڪڏهن ڪو لکڻ ۾ غلطي هجي يا ڪنهن جي دل آزاري ٿي هجي ت موکي معاف ڪجو اوهان جي محبت جي سک هميشه رهندي فقط نسيم شيخ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌي هڪ معصوم ۽ مهمان نواز قوم

    ادا طاهر سنڌي، ماشاء الله سائين نسيم شيخ پنهنجي پوري سچائي سان سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تي نظر وجهندي، پنهنجي پوري سچائي سان لفظ نڇاور ڪيا آهن ۔۔۔ ممڪن هي مضمون اردوءَ ۾ لکيل هجي ۽ اوهان هن کي سنڌيءَ ۾ لکيو آهي ته به اوهان سنڌي مضمون نويسي ۽ لفظن جو خاص خيال رکندي تمام سهڻو ترجمو ڪيو آهي ۔۔۔

    بيشڪ سنڌ تمام سهڻي آهي ۽ رب جي رحمتن جي سبب سنڌ جي سرزمين سرسبز ۽ مردم خيز رهي آهي ۔۔۔

    دعا آهي ته رب پنهنجي رحمت جا دروازا هميشه سنڌ ۽ سنڌيت تي کوليندو رهي ته جيئن سنڌ هن موجوده گبار ۽ ساه گهٽجندڙ ماحول مان نڪري پار پوي ۔۔۔ آمين

    لک ٿورا سهڻي مضمون جي ونڊڻ جا ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌي هڪ معصوم ۽ مهمان نواز قوم


    ادا طاهر سنڌي صاحب

    اوهان جي مهرباني جو توهان سائين نسيم شيخ صاحب جن جو مضمون ونڊ ڪيو
    ماشاء الله سائين نسيم شيخ صاحب جي قلم حقيقتن تي روشني وڌي آهي

    بس الله ڪندو ته هڪ اهڙو ڏينهن ايندو جو سنڌ جا ٿڪ لهي ويندا

    سدائين گڏ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌي هڪ معصوم ۽ مهمان نواز قوم

    مهرباني ڀاءُ پسند ڪرڻ جي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌي هڪ معصوم ۽ مهمان نواز قوم

    سهڻا ڀاءُ اوهان جو مضمون اردو مان ٽرانسليشن ڪري سنڌي ۾ آڻي سنڌ سلامت ۾ ونڊڻ منهنجي لاءِ باعث فخر آهي، حقيقت ۾ اوهان منهنجي دل جي ترجماني ڪئي آهي مونکي ڏاڍو وڻيو اوهان جو مضمون ان ڪري مون هت ونڊيو، ٿورا...
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌي هڪ معصوم ۽ مهمان نواز قوم

    سائين بلڪل مون اردو مان هن مضمون کي سنڌي جو قالب پهرايو آهي، پسند ڪرڻ لاءِ ٿورا..
     
  9. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌي هڪ معصوم ۽ مهمان نواز قوم

    آمين ثم آمين، مهرباني ادا..
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو