• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پيار ڇا هي، لذيذ خوشبو آ

عرس پريو

سينيئر رڪن

پيار ڇا هي، لذيذ خوشبو آ،
خار ڇا هي، غليظ بدبو آ۔

پيار سان زهر ڏين ته پي ويندم،
خار سان کير ڏين ته ٿوٿو آ۔

روشني چنڊ جي ڏيئو سمجهون،
ريشمي آسمان تنبو آ۔

ساٿ ڀرپور ڏي حياتي تون،
موت مشهور آ ته مسهو آ۔

چوطرف ڀونء جي چڪر ڪاٽي
قرب ۾ ماهتاب قا بو آ۔

آء موسي نه سامري يارو،
شاعري معجزو آ جادو آ۔

ديد استاد جي سڄي دنيا،
ساهه آ سنڌ، هانء دادو آ۔
 
جواب: پيار ڇا هي، لذيذ خوشبو آ

چوطرف ڀونء جي چڪر ڪاٽي
قرب ۾ ماهتاب قا بو آ
۔

ادا تمام بهترين شاعري آهي
ضرور استد بخاري جي هوندي
شاعر جو نالو جئين ته شعر اندر آهي پر جيڪر الڳ شاعر جو نالو ۽ ڪتاب جو عنوان هجي ها ته پو واه واه
 
Back
Top