
اڄ کان ڏهه سال اڳ وڏي ڦوڪڻي تي دنيا جي چوڌاري چڪر لڳائڻ واري سئزر لينڊ ملڪ جي برلرينڊ پڪارڊ نالي همراه آخر ڪار اهڙو جهاز ٺاهي ورتو آهي جيڪو سج جي روشني تي اڏري سگهندو۔۔۔۔ هن جهاز جي پنهنجي پرن سميت ويڪر 61 ميٽر ۽ وزن 1500 ڪلو گرام آهي۔۔۔ هن جهاز کي انتهائي هلڪو رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي گڏ ان ۾ مختلف بيٽريون پڻ رکيو ويون آهن ته جيئين رات جي اونداهي ۾ پڻ جهاز کي اڏاري سگهجي۔۔۔۔
پڪارڊ جو چوڻ آهي ته جيئن هن ڦوڪڻي تي دنيا جو چڪر ڪاٽي هڪ عالمي ريڪارڊ بڻايو آهي تيئن هن دنيا جي پهرين شمسي جهاز تي چڙهي به دنيا جو چڪر ڪاٽي عالمي ريڪارڊ ٺاهيندو جنهن جو آغاز ۽ اختتام عرب امارات جو شهر دبئي هوندو۔۔۔۔۔۔
هن جهاز جي ذريعي دنيا جو چڪر لڳائڻ ۾ 20 کان 25 ڏينهن لڳندا ۽ هن جهاز کي هڪ پائليٽ 5 ڏينهن تائين هلائيندو وري اڳتي ٻيو پائليٽ وڌائيندو۔۔۔۔۔۔