وڏيرو وريام ۽ مولو موالي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏13 فيبروري 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    وڏيرو وريام ۽ مولو موالي​
    ۔

    [​IMG]
    ۔
    ذوالفقار واهوچو

    ڊگهي عرصي کان پوءِ مولو موالي ڪنهن پڙهيل لکيل ماڻهن جي ڪچهري ۾ وڃي اتفاق سان ويٺو، هونئن ته مولو موالي يا غوثو واري ميخاني تي هوندو آهي يا وري ڀوتار وريام جي اوطاق تي ڀوتار سان پيو ڪچهريون ڪندو آهي ۽ اوڙي پاڙي جون ٻڌل ڳالهيون ۽ واءُ سواءِ کان ڀوتار وريام کي واقف ڪندو آهي ته جيئن ڀوتار سمورين حالتن کان واقف هجي، مولو موالي کي به وارو ملي ويو ڀوتار ڪجهه ڏينهن لاءِ ٻاهر ويل هو تنهن ڪري مولو موالي ڪچهري ڪري ته ڪنهن سان ڪري مولو موالي جي به خدا ٻڌي اوچتو ڪجهه ڪامريڊ ڳوٺ ۾ گڏ ٿيا ۽ ٻاهران ڪي مهمان به آيل هئا. ڪچهري جاري هئي ته مولو موالي به پهچي ويو ايندي شرط وڏي رڙ ڪندي مولو چيو بابل اسلام عليڪم يا علي مدد، ڪچهري ۾ ويٺل ڪامريڊن کيس پرجوش جواب ڏنو ۽ مولو موالي ڪانڀ ڪڍي ويٺو ۽ ويهندي چيو ته بابل ڀلا هن ڀيري ڪهڙي موضوع تي بحث جاري آهي. ڪٿي اسان واري ڀوتار وريام خلاف ڪا سازش ته نه ٿا ڪريو نه، بابل هو اسان جو مهربان آهي اوهان کي ان جي پارت آهي ڏاڍو ڀلوڙ مڙس آهي نه ڪنهن کي ڏئي نه ڏکائي، هر ڪنهن سان هٿ ٻڌي اٿس اهڙا مڙس وري پيدا نه ٿيندا. ڪامريڊ مولو موالي جيڪڏهن اوهان جا اهي حال رهيا ۽ دوست دشمن ۾ سڃاڻپ جي تميز نه ڪئي ته پوءِ اوهان ته پنهنجو وقت گذاري ويا آهيو اوهان جو اولاد ڏاڍا ڏکيا ڏينهن ڏسندو، مولو موالي، اوهان جو مطلب ڇا آهي ڪامريڊ اسان جي چوڻ جو مطلب سولو آهي رڳو تون پنهنجي ڀوتار وريام جي ڏنل چاشني وارو نشي مان ٻاهر نڪر ته توکي خبر پوي ته دنيا ۾ ڇا ٿي رهيو آهي مولو موالي تو وڏيري وريام جي خوش آمد ڪري ڪيترن ئي ڀلن ماڻهن جا گهر ساڙائي ڇڏيا آهن پر پوءِ به ڏس ڀورتار تنهنجي گهر کي باهه ڏيڻ کان نه مڙيو آهي. مولو ڪافي ڳنڀير ٿي ويو، ڪامريڊ جون ڳالهيون سندس سيني کي چيري رهيون هيون ۽ مولو پاڻ کي پهريون ڀيرو لاچار، اڪيلو ۽ ننڌڻڪو محسوس ڪري رهيو هو. ان گهڙي سوچ کان جيئن مولو ٻاهر آيو ته ڪامريڊ کيس چيو ته مولو اکيون ۽ ڪن کولي هي ڪچهري ٻڌ، ٿي سگهي ٿو ته تنهنجي درد جون توکي دارون ملي وڃي. باقي تو جيڪا وڏيري وريام جي ڦڪي کاڌي آهي ان مان خدا ئي تنهن جا جان آجي ڪرائي سگهي ٿو، مولو موالي ڪامريد سائين بابل اوهان آهيو پڙهيل ماڻهو، سو ٻيلي اسان سان ڳالهيون سوليون ۽ چٽيون ڪيو. فلسفو اسان جي سمجهه کان مٿي آهي، ڪامريڊن چيو ڇڏيو اجاين ڳالهين کي ڪم جون ڳالهوين ڪيون. ڪامريڊ اڪبر بحث جي شروعات ڪندي چيو ته اسان جنهن ڌرتي تي رهون ٿا اها زرعي ڌرتي آهي ۽ اسان سڀن جو گذر سفر زراعت آهي صوبي جي زراعت ڏينهون ڏينهن تباهه ٿي رهي آهي جنهن جي ڪري غربت تيزي سان وڌي رهي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ بک، بدحالي، بي روزگاري ۾ اضافو ٿي رهيو آهي نه رڳو ايترو پر موت جي شرح پڻ وڌي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته بک سبب ماڻهو ڌاڙا هڻن ٿا، ڦر مار ڪن ٿا، جنهن جي ڪري ماڻهو قتل ٿين ٿا، جواب ۾ قبيلائي جهيڙا شروع ٿي وڃن ٿا ۽ پوءِ موت جو راڪاس ويڙهن جا ويڙها ويران ڪري ڇڏي ٿو. مولو موالي ڀلا انهن قبيلائي جهيڙن سان زراعت جو ڪهڙو تعلق آهي. ڪامريڊ غور سان ٻڌو هن وقت صوبي ۾ زراعت کاتي ۾ جيڪي شعبا آهن اهي گهڻي ڀاڱي مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪا آهن. آفيسر شاهي واري انهي کاتي کي کائي وئي آهي ۽ کاتو پوري ڪاتي بڻجي ويو آهي. زراعت جنهن تي صوبي جي اٽڪل 75 سيڪڙو آبادي سڌو ڀاڙيئي ۽ باقي 25 سيڪڙو عوام پڻ ان زرعي جنس جي واپار جي پيداوار تي گذر سفر ڪري ٿيو. جيڪڏهن صوبي ۾ ڪڻڪ، ڪمند، ڪپهه، ساريون ۽ سايون ڀاڄيون ۽ ميوا نه ٿيندا ته شهري ماڻهو ۽ ٻهراڙي جو عوام ڇا کائيندو ۽ اهي سبب کاڌي جون جنسون جي پرڏيهه مان گهرائبيون ته مهانگائي ۽ عوام وٺي نه سگهندو. ۽ مقامي زراعت جي تباهي سڀ صوبي ۾ غربت وڌندي. ان سان جيڪي اخلاقي ڏوهه وڌندا ڌاڙا، ڦرون، چوريون وڌي وينديون، امن امان تباهه ٿي ويندو ۽ شهر ۾ قائم صنعتن کي خام مال نه ملندو. ضابطن جي نتيجي ۾ اهي بند ٿي وينديون ۽ اتي به بيروزگاري وڌندي. ماڻهو ماڻهو کي کائيندو، گهرو ويڙهه شروع ٿي ويندي. ۽ صوبو ايٿوپيا بڻجي ويندو ۽ اسان کي اهو به ڏسڻ گهرجي ته اڳي صوبي جي اترين علائقن ۾ چوريون، ڦرون ۽ اغوائون ٿينديون هيون پر لاڙ واري علائقن ۾ اها بيماري نه هئي هاڻي اتي به غربت وڌڻ سبب اها بيماري اچي وئي آهي سڄو صوبو ان جي لپيٽ ۾ آهي. مولو موالي، ڪامريڊ ته حڪومت دعويٰ ڪري رهي آهي ته گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ فصل سٺا ٿيا آهن ڪامريڊ ها اهو سچ آهي ته گذريل سال چانورن جو فضل سٺو لٿو، پر ٿيو ڇا اهو اوهان ۽ اسان سڀن کي خبر آهي ته پاسڪو اهي چانور خريد نه ڪيا. برساتون پوڻ سبب کرن ۾ رکيل ساريون خراب ٿي ويون آبادگارن ۽ هارين کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو. اهو ان ڪري ٿيو جو وڏيري وريام اعلان ڪيو هو ته 7 سئو رپيا مڻ ساريون هارين ۽ آبادگارن کان حڪومتي ادارو پاسڪو خريد ڪندو. کليل مارڪيٽ ۾ چانورن جو اگهه گهٽ هجڻ سبب ويچارا هارين سارين جو اگهه قبول نه ڪيو ۽ سڄو فصل برساتن ۾ خراب ٿي ويو ۽ وڏيري وريام جي اعلان تي پاسڪو وارن جي ڪن تي جوئن به ڪان چري، هن سال ڪڻڪ جو فصل سٺو ٿيو آهي ته ڪير وٺڻ لاءِ تيار ناهي، آبادگار ۽ هاري مجبور ٿي 150 رپيا گهٽ اگهه تي وڪرو ڪري رهيو آهن. سرڪار سڳوري بارداڻو نه ٿي ڏئي سگهي ۽ وڏيرو وريام ان ڏس ۾ ڪنهن به قسم جو تحرڪ وٺڻ لاءِ تيار ناهي. ڪپهه جي جنسون ئي آبادگار پنهنجي رسڪ تي پوکي اتفاق سان فصل سٺو لٿو ۽ آبادگارن جو اهو به چوڻ آهي ته وري ڪپهه جو ٻج تصديق ٿيل ناهي، زرعي دوائون نقلي آهن. اهي جيت ۽ ڪينئان نه ٿيون مارين بلڪ ماڻهو پئي ٿو ته مري وڃي ٿو. لڳي ٿو ته اهي دوائون جيت مار نه پر ماڻهو مار آهن. پاڻ گذريل سال بليڪ تي وڪرو ڪيو ويو يا پنهنجي ڪارڪنن ۽ ساٿين کي سياسي رشوت ۾ ڏنو ويو. هن سال به جيڪي ڪپهه جا ٻج مارڪيٽ ۾ آهن انهن تي ڪنهن به ڪميشن جو ٽريڊ مارڪ يعني ٺپو نه لڳل آهي ۽ نه ئي تصديق ٿيل ٻج آهن. آبادگار ۽ هاري مجبوري ۾ پوکي رهيا آهن. هلندڙ سال سورج مکي جو ٻج خراب هجڻ سبب لکين ايڪڙن تي بيٺل فصل سانڻو لٿو، جنهن جي نتيجي ۾ آبادگارن ۽ هارين کي دوائن ۽ ڀاڻن جا پئسا به نه نڪتا آهي الٽو لکين رپين جا قرضي ٿي ويا آهن، نه رڳو اهو به وڏيري وريام جي نگراني ۾ هلندڙ کاتي جون سموريون مارڪيٽ ڪميٽيون اناج ۽ فروٽ منڊيون تباهه آهن اتي ڪرپشن، اقربا پروري، ڦرلٽ جي بازار گرم آهي. صوبي ۾ ڪو به ريسرچ سينٽر نئين زرعي جنس متعارف نه ڪرائي سگهيو آهي، سڄي صوبي ۾ اڃا تائين واٽر ڪورس مڪمل پڪا نه ڪيا ويا آهن، ڪراچي جهڙي شهر ۾ گٽر باغيچي ۾ جيڪا زرعي زمين هئي ان کي لينڊ مافيا کان بچائڻ لاءِ چار ديواري ڏيارڻ لاءِ ڪروڙين رپيا زرعي آفيسر کي جاري ڪيا ويا اها رقم هڙپ ڪئي وئي ان خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي.
    مولو موالي، ڪامريڊ ۽ ڀوتار وريام ته ايماندار ماڻهو آهي، ڪامريد ها اهو به سچ آهي ته ڀوتار وريام ايماندار ۽ سٺو ماڻهو آهي اهڙي ايمانداري ڪهڙي ڪم جي جنهن سان ڪا به بهتري نه اچي. وڏيري وريام جي هوندي گذريل سال ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ٿيو، سارين جو سٺو فصل لٿو پاسڪو خريد نه ڪيو اهو خراب ٿي ويو، دوائون نقلي مارڪيٽ ۾ موجود آهن. لاڙ وارن ٻن ضلعن ۾ لکين ايڪڙ زرعي زمين غيرآباد ٿي وئي. لکين ماڻهو پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي لڏ پلاڻ تي مجبور ٿي ويا. انهن کي وڏيري وريام ۾ ٻيهر بحال ڪرڻ لاءِ ڪو قدم کنيو آهي، ڪامريڊ مولو اوهان غريب اهو سمجهو ڇو نه ٿا ته غربت اوهان کي قدرت نه بڇي آهي اها وڏيري وريام جي بڇيل آهي. اهي وڏيرا اوهان جا نه ٿيندا. ڪامريڊ مولو ڀلا ٻڌاءِ جڏهن سڄي صوبي ۾ فصل ڀلا نه لٿا آهن پاڻي جي کوٽ آهي ان جو لکين ماڻهن تي اثر پيو آهي پر وڏيري وريام تي اهو اثر ڇو نه ٿو پوي، اهو معاشي طور تي تباهه ڇو نه ٿو ٿئي. ڇاڪاڻ ته ان اهڙو بندوبست ڪيو آهي جو غربت هن طرف ڪڏهن به نه ايندي. ان وڏي چالاڪي سان غربت واري ڏائڻ کي اوهان جو گهر ڏيکاري ڇڏيو آهي. اوهان کي ويلو کائڻ جي وصيت ناهي ۽ ڀوتار جا بنگلن مٿان بنگلا پيا ٺهن. اهو سب ان ڪري آهي جو مولو وڏيرا اوهان کي بي وقوف ڪري ووٽ وٺي وڃن ٿا ۽ اوهان کي چون ٿا ته عوام جي حڪومت آهي، غريبن ۽ پورهيتن جي چونڊيل حڪومت آهي. پر اوهان ڪڏهن سوچيو آهي ته ان حڪومت ۾ ويٺل ڪير آهن وزير صلاحڪار ۽ چونڊيل نمائندا ڪير آهن. انهن ۾ ڪوهاري، ڪو رازو، ڪو ڪوري، ڪو موچي، ڪو ڪڙمي ۽ ڪو استاد آهي، نه ڪڏهن به اهي نه ايندا. ڇاڪاڻ ته وڏيرا اهو ڪڏهن به نه چاهيندا ته اوهان خوشحال ٿيو. اوهان باشعور ٿيو، اوهان جيڪڏهن پنهنجي طاقت بابت ڄاڻي ويندو ته پوءِ وڏيرن، ميرن، پيرن ۽ سردارن جي تباهي ٿي ويندي. تنهن ڪري اوهان کي هن پٽيوالي، چوڪيداري، زڪوات جا فارم حوالي ڪري ڇڏيا آهن. ته جيئن انهن جو راڄ قائم رهي. تنهن ڪري مولو موالي جيستائين اوهان ڀوتارن سان گڏ آهيو. ڀوتار ڪڏهن به ڏکيو ڏينهن نه ڏسندا، اهو سڀ سور، تڪليفون صوبي جي اٻوجهه عوام جي ئي نصيب ۾ رهنديون، اوهان کي هاڻي جاڳڻو پوندو. ٻيو ڪو به رستو اوهان وٽ ناهي وڏيرو وريام هڪ کاتو نه ٿو هلائي سگهي اهو اوهان لکين عوام کي ڪيئن سگهو ڪندو، ڀوتار وريام جو حال هنن چوڻي جهڙو ئي آهي، ڍڳي جو ملهه هزار ڍڳو پير پيران.
    بشڪريه عوامي آواز
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: وڏيرو وريام ۽ مولو موالي

    ادا ممتاز سٺي ڪوشش آهي، جاري رکو...
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو