سنڱت ڪجھ ڏينهن پهريان اسانجي اُستاد مطلب ڪاڪي آچار اسانکي پنهنجي بيٺڪ تي ڪنهن خاص ڪم جي حوالي سان گهرايو۔۔۔اسان جڏهن ڪجھ دوست ڪاڪي جي بيٺڪ تي پهتاسين ته ڪاڪي آچار اسانکي مڇي کارائي مٿان کير جو گلاس گلاس هڻائي۔۔۔بغير بسترن جي سمهڻ جو حڪم ڏنو۔ هاڻي سائين اُستاد جو حڪم شاگرد نه مڃي ته اُهو شاگرد نالائق سڏبو سو اسان محترم استاد جي حڪم کي مڃيندي سخت پاري ۾ پڌر تي ڇڳل کٽن تي سمهي پياسين۔ ۽ ڪاڪو آچار پنهنجي ڀڳل موٽر سائيڪل کي هٿ ۾ ڪاهي گهر ڏانهن هليو ويو، اسان وري سڄي رات مڇرن سان ڪچهري ڪندي گذاري۔خبر تڏي پئي جڏهن اسان جو استاد اسان جي مٿان بيهي لٽ جو کڙڪو ڪيو ته اسان يقدم اُٿي کڻا ٿياسين۔۔۔۽ استاد جي اڳيان هٿ مٿي ڪري بيهي رهياسين۔۔۔اُستاد اسانکي چيو بابا رات نينڊ نصيب ٿي۔؟ اسان شرم کان استاد سان ها ڪئي سين۔ استاد چيو چلو ٺيڪ آهي، اوهان هٿ منهن ڍوئي اچو ته مان چانھ تيار ڪري وٺان۔ اُتي مونکي هي جملا ياد اچي ويا۔ (میرے استاد محترم میرے لیے چائے بنا رہے ہیں۔ اس سے بڑھ کر اللہ پاک کا کیا کرم ہو گا کہ استاد خود اپنے ہاتھ سے نالائق شاگرد کو چائے بنا کر دے ان کان پو اسان چانھ پي ڪري پنهنجي پنهنجي گهرن ڏانهن روانا ٿي وياسين۔
جواب: اُستاد (ڪاڪو آچار) استاد جو ته گهر هيو سو وڃي آرامي ٿيو، پر اوهان مخت ۾ رات جاڳي گذاري ادا، ٺيڪ آ، ڪاڪي اچار لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ڪرڻو پوندو آهي..
جواب: اُستاد (ڪاڪو آچار) يار عاشق مجبور ۔۔۔ ڏاڍو ڏنگو آهين۔۔۔ توسان اها سڄي جٺ ڪاڪي آچار ان ڪري ڪئي آهي جو تون ته ڪاڪي آچار جي اوطاق جو پڪو خدمتگار آهين پر ًغير حاضر رهندين ته توسان اهي جٺون ته ڪرڻيون ئي پونديون۔۔ توکي اهو ٻڌائڻ لاءِته ڪاڪي آچار جي اوطاق تي تنهنجي وڃڻ کان پوءِ ڪيڏا مڇر ٿي ويا آهن۔۔۔۔ ڪاڪي آچار ته ڀُل ۾توهان کي مڇي کارائي نه ته پٽاٽا ٻوڙ کارائڻ جو سندس ارادو هو، ڀلي صبح جو ٺڪاءُ ڏيندا وتو۔۔۔ ٻيو ڏي خبر همانگير ڪاٿي آهي، اوطاق تي حاضر ئي نه ٿو ٿئي۔۔۔ اصل توهان ٻئي مائٽ بي وفا ٿي ڪاڪي آچار جي اوطاق ڇڏي ويا آهيو۔۔ اچو ڪاڪي آچار جي اوطاق جي سار سنڀال ڪيو ڪاڪو هاڻ پاڻ جهونو ٿي ويو اٿوَ۔۔۔۔
جواب: اُستاد (ڪاڪو آچار) استاد شال جڙيو هجين پو ڀلي اسان سان جهٺيون ڪري ته ڪرين اسان هاڻي روز حاضري ڀرينداسين۔۔۔اوهان مڇرن جو ڪجھ ڪيو۔۔با
جواب: اُستاد (ڪاڪو آچار) ادا مون تي وري لٺين جا وسڪارا ڪيا ڪاڪي آچار چيائين ته تون ته منهنجو سليڪٽڊ خدمتگار غير حاضر ايترو ڪا سار ئي ڪونه لڌي اٿي بابا پوءِ ته لٺين جا وسڪارا ڪيائين بابا اُستاد جي مار ٻار جي سنوار۔۔۔۔۔۔
جواب: اُستاد (ڪاڪو آچار) واه عاشق واه مخلب ته ڏاڌو خوش نصيب آهين جو ڪاڪي آچار جي هٿ جي چانه نصيب ٿئي ادا مان به اڃ پاڪستان اچان پيو ڪاڪي جي هٿ جي چانهن پيئڻ انشاء الله ۔۔۔
جواب: اُستاد (ڪاڪو آچار) ڀليڪار ادا ڀليڪار ڀليڪار، ڪاڪي آچار جي اوطاق اوهان جي منتظر آهي۔۔۔ ڀليڪار ادا ڀليڪار ڀليڪار، ڪاڪي آچار جي اوطاق اوهان جي منتظر آهي۔۔۔ ڀليڪار ادا ڀليڪار ڀليڪار، ڪاڪي آچار جي اوطاق اوهان جي منتظر آهي۔۔۔
جواب: اُستاد (ڪاڪو آچار) فقيرن جا وڏا..ويلڪم پر اوهان سنڌ ۾ ٿا اچو يا پاڪستان ۾...اوهان ڪهڙي شهر ۾ ايندا.؟؟؟