شبانه امتياز سمون
سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو اسلام عليڪم ۔ جيئن ته اڄوڪي سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي دستوري گڏجاڻي ۾ اسان جي نوجوان سنڌي شاعر نوشاد ڀٽي هڪڙو تمام خوبصورت نظم پڙهيو مان هن نظم مان تمام گهڻي متاثر ٿي آهيان، جيڪو توهان جي خدمت ۾پيش ڪري رهي آهيان۔
ڪيئن ڀائرو آهي نه مزاحيه شاعري
آ ته ماسترڙو ڦيرايون۔
نوشاد ڀٽي ٽنڊو محمد خان
آ ته ماسترڙو ڦيرايون
علم جو جهٽ پٽ مان وڌايون
ماستر منهنجو سُهڻو سُهڻو
پڙهيل گهڻو پر گهٽ آ ڪُڇڻو،
قسمت هن کي آهي ڀُلايو !
واهه جو مولا آهي ملايو !
آ ته هن جو رُوح رڙايون !
علم جو جهٽ پٽ مان وڌايون !
آ ته ماسترڙو ڦيرايون !
آيس ڪم جي ڏور وٽائي،
اٺ اٺ پيريڊ اُن ۾ ملائي،
زوري هن کي ڪلاس ۾ نيئندس
نوڙي جهٽ پٽ ورندي وٺندس،
پو ڪندو هُو وائڙيون وايون
علم جو جهٽ پٽ مان وڌايون
آ ته ماسترڙو ڦيرايون،
صُبح شام پيو نوٽس ٺاهيندو،
دير ڪندو ته پگهار ڪٽبو،
ٿڙندو ٿڙندو ڪلاس ۾ ويندو،
پو سڄو ڏينهن مُنهن ڦٽائيندو،
آ ته هن جو جِي جلايون،
علم جو جهٽ پٽ مان وڌايون
آ ته ماسترڙو ڦيرايون۔
”نوشاد “ اچي ڪر هن تي غور،
ڪم ڪري جيئن آهي ڍور،
ماستر آهي سُهڻو منهنجو،
ناهي هن کان بهتر ڪنهنجو
ڇو نه ڀلا ڪو پيريڊ لڳايون
علم جو جهٽ پٽ مان وڌايون
آ ته ماسترڙو ڦيرايون
نوشاد ڀٽي ٽنڊو محمد خان
آ ته ماسترڙو ڦيرايون
علم جو جهٽ پٽ مان وڌايون
ماستر منهنجو سُهڻو سُهڻو
پڙهيل گهڻو پر گهٽ آ ڪُڇڻو،
قسمت هن کي آهي ڀُلايو !
واهه جو مولا آهي ملايو !
آ ته هن جو رُوح رڙايون !
علم جو جهٽ پٽ مان وڌايون !
آ ته ماسترڙو ڦيرايون !
آيس ڪم جي ڏور وٽائي،
اٺ اٺ پيريڊ اُن ۾ ملائي،
زوري هن کي ڪلاس ۾ نيئندس
نوڙي جهٽ پٽ ورندي وٺندس،
پو ڪندو هُو وائڙيون وايون
علم جو جهٽ پٽ مان وڌايون
آ ته ماسترڙو ڦيرايون،
صُبح شام پيو نوٽس ٺاهيندو،
دير ڪندو ته پگهار ڪٽبو،
ٿڙندو ٿڙندو ڪلاس ۾ ويندو،
پو سڄو ڏينهن مُنهن ڦٽائيندو،
آ ته هن جو جِي جلايون،
علم جو جهٽ پٽ مان وڌايون
آ ته ماسترڙو ڦيرايون۔
”نوشاد “ اچي ڪر هن تي غور،
ڪم ڪري جيئن آهي ڍور،
ماستر آهي سُهڻو منهنجو،
ناهي هن کان بهتر ڪنهنجو
ڇو نه ڀلا ڪو پيريڊ لڳايون
علم جو جهٽ پٽ مان وڌايون
آ ته ماسترڙو ڦيرايون
ڪيئن ڀائرو آهي نه مزاحيه شاعري