اسلام عليڪم سنڌ سلامت جا دوستو منهنجو نالو قاضي فيصل احمد آهي، مونکي عامرضياء چارڻ کان ڪالهه خبر پئي ته سنڌ سلامت نالي هڪ سائيٽ آهي جنهن جي ذريعي اسان ڪيترنئي سنڌي دوستن سان ملي سگهو ٿا، ۽ مون اڄ رجسٽريشن ڪئي، تمام بهترين لڳو ۽ خوشي ٿي هي سائيٽ ڏسي، اميد آهي ته هن سائيٽ تي تمام گهڻا سنڌي دوست ٿيندا ۽ مان هن سائيٽ تي سنڌي دوستن لاءِ ڪجهه ڪري سگهندس۔
جواب: مان آهيان قاضي فيصل احمد واھ ادا تمام بهتر لڳو اوهان سان ملي ڪري۔ مان اوهانکي هتي اچڻ تي دل جي گهرائين سان ڀليڪار چوان ٿو۔
جواب: مان آهيان قاضي فيصل احمد @};-@};-@};- ادا قاضي صاحب ڀلي ڪري آيا اوهان کي هن اڱڻ تي سڀ محبتي ۽ محنتي سڄڻ ملندا۔ هڪ دفعو ٻيهر هن سهڻي اڱڻ تي پير ڀري اچڻ تي ڀليڪار۔ سدائين گڏ
جواب: مان آهيان قاضي فيصل احمد سائين محترم قاضي فيصل احمد صاحب، اوهان جا لک ٿورا جو سنڌ سلامت جي اڱڻ تي آيا ۽ اسانکي دوستي رکڻ جا موقعا ميسر ڪيا ۔۔۔ سنڌ جا سڄڻ هن اوطاق تي جيترا اچن اوترا اسانجي سگهه ثابت ٿيندا ۔۔۔ سٺو دوست هڪ به ڀلو پر جي گهڻا هجن ته دولت جا انبار ٿي پون ٿا ۔۔۔ اوهانجي دوستي اسانجي خوشنصيبي ٿيندي ۔۔۔ سائين چارڻ اسانجي اوطاق جو ڪرتا ڌرتا آهي ۽ اسانجو روح آهي، اوهانکي هن دوست جي واتان سنڌ سلامت بابت گهڻو ڪجهه پتو پئجي ويو هوندو پر پاڻ ايترو چونداسون ته هي اوطاق سنڌ ۽ سنڌيت جي اوطاق آهي، جنهن ذريعي سنڌ ۽ سنڌيت جا مسئلا اجاگر ڪجن ٿا ۽ دنيا جا روشن علم ۽ نيون ايجادات جي ڄاڻ ونڊ ڪئي وڃي ٿي ۽ ممڪن حد تائين هر موضوع سان لاڳاپيل ليک ونڊ ڪيا وڃن ٿا ۔۔۔ اميد ته اوهانجي دوستي پڻ هن اڱڻ تي وڌيڪ روشنيءَ جو سبب ٿيندي ۔۔۔ سڄڻ آيا ڀلي آيا ۔۔۔ سهڻن جو سلامي ٿيان سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: مان آهيان قاضي فيصل احمد ادا قاضي صاحب اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد ٿا چئون قاضي صاحب اسان کي اوهان جي لکڻين جو انتظار رهندو سدائين گڏ
جواب: مان آهيان قاضي فيصل احمد واليڪم اسلام قاضي صاحب، توهان کي سنڌسلامت جي اڱڻ تي ڏسي دل کي تمام گهڻي خوشي ٿي، اميد آهي ته توهان جو ساٿ اسان سان هميشه گڏ رهندو۔ دعائن ۾ ياد!
جواب: مان آهيان قاضي فيصل احمد ادا قاضي فيصل صاحب اوهان کي سنڌ سلامت جي فورم تي ڀليڪار ادا خوشي ٿي جو اوهان اسان جي ساٿ ۾ شامل آهيو۔ سنڌ سلامت سمورن سنڌين جو فورم آهي جيڪو سنڌ ۽ سنڌيت جي جذبي تحت ڪم ڪري رهيو آهي۔ ادا عامر اسان جي هن اڱڻ جو مور آهي سندس ڪيل خدمتون تعريف کان مٿي آهن۔ اميد ڪنداسون ته اوهان به اسان سان سهڻا ليک ونڊ ڪندا رهندا۔