• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

لاڙڪاڻو شهر جو سير

منظر جلباڻي

سينيئر رڪن
پيارا دوستو آئون اڄ اوهان دوستن سان لاڙڪاڻي شهر جون ڪجهه تصويرون شيئر ڪريان ٿو۔۔۔ اميد ته جيڪڏهن ڪنهن دوست لاڙڪاڻي شهر کي نه ڏٺو آهي ته اهي دوست تصويري وزٽ ڪري سگهن ٿا۔۔۔۔۔

attaturktowerview.jpg

bazigarbridge.jpg

benazirbhutto5.jpg

bhutto.jpg

bhuttofamily.jpg

bhuttokamazar.jpg

bhuttotomb468x334.jpg

chandkabridge1.jpg

circlehabibbank.jpg

cityschool.jpg

واهه سائين جلباڻي واهه،
لاڙڪاڻي شهر جو تصويري ديدار ڪرائي اصل اسان جون ته يادون ئي تازيون ڪري ڇڏيوَ. جڏهن اسان جو لاڙڪاڻي ۾ اچڻ ٿيندو هو ته انهيءَ ”سپنا“ ۾ چانهه ضرور پيئڻ ويندا هياسين.
لاجواب شيئرنگ آهي.
 
ادا منظر جلباڻي شال جُڙيو هُجين۔ پيارا سائين سنڌ جي قديمي چوڻي آهي ته ” هُجي ناڻو ته گُهمُ لاڙڪاڻو“ ماشاالله توهان ته سائين اسان کي بغير ناڻي جي گهر ويٺي لاڙڪاڻي شهر جو ديدار ڪرائي ڇڏيو۔ اسان پنهنجي يا ڄمار ۾ شهيدن جو شهر لاڙڪاڻو ناهي ڏٺو۔ توهان جي موڪليل تصويرن ۾ هن سنڌ جي شهر جي سُونهن ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي۔ سڄڻ اسان اميد ٿا ڪريون ته اهڙي بهترين شيئرنگس کي سدائين جاري رکندا اچجو۔
چاهتن جو سفر شال جاري رهي
هرگهڙي سنڌ مٿان ربَ ڪرم جِي نظر
شال جاري رهي ، شال جاري رهي​
 
ادا منظر صاحب! واقعي به توهان لاڙڪاڻي جا ”منظر“ پيش ڪري نالي کي ”منظر عام“ تي آندو آهي. پيارا هڪڙو عرض جيڪڏهن هر تصوير جي سامهون هڪڙ ننڍڙو ڪئپشن لڳايو ته هيءَ تصوير ڇاجي آهي، ته ڪهڙو نه ڀَلو ٿي پوي. مثال جي طور تي اسان کي ڪو هنڌ گهمڻو هجي، ته چنگچي واري کي ڇا چئون ته ڪهڙي هنڌ وٺي هل...!
 
ادا جلباڻي صاحب؛
حق موجود؛
يار! اڄ ته اصل قرب ڪري ڇڏيا اٿوَ، ڪيترن سالن کانپوءِ اهي ماڳ جن تي پاڻ ... ڪاغذ جون ٻيڙيون هلائيندا هئاسون، رائيس ڪئنال جا اهي دروازا جن تان چڙهي ٽپا ڏئي ترندا هئاسون، اتاترڪ ميموريل، ڀٽي جي بنگلي جي ڪنڊ واري حبيب بئنڪ، گورمنٽ هاءِ اسڪول جو پويان وارو ميدان جت ڊرل ڪندي ڪيتريون ئي شرارتون ٿي وينديون هيون ... مطلب ته مزو اچي ويو ...

ٿورا نه ٿورا مونتي ماروئڙن جا ...

سدائين گڏ
 
ادا منظر جلباڻي۔۔۔۔۔ ادا ابو واصف سچ لکيو آهي۔۔۔ واقعي اوهان لاڙڪاڻي جا منظر پيش ڪيا آهن۔۔۔ ۽ پنهنجي نالي کي منظرِعام تي آندو اٿوَ۔۔۔۔۔ سائين آۡخر ۾ چنگچي واري ڳالهه به ڪئي آهي۔۔۔۔ جيڪڏهن اوهان انهن جا نالا ڏئي ڪري تحرير کي موڪليو هان ته اڃان به وڌيڪ بهتر هجي هان۔۔۔۔۔۔۔۔

shal judy hujeen lajwab-sharing
 
ادا ابو زين اوهان جي پسند ڪرڻ جي مهرباني، جڏهن به اوهان جو اچڻ لاڙڪاڻي شهر ٿئي ته اوهان کي سپنا هوٽل جي چانهه ضرور پياري اوهان جي يادگيرن کي تازو ڪبو۔۔۔

ادا منظر جلباڻي شال جُڙيو هُجين۔ پيارا سائين سنڌ جي قديمي چوڻي آهي ته ” هُجي ناڻو ته گُهمُ لاڙڪاڻو“ ماشاالله توهان ته سائين اسان کي بغير ناڻي جي گهر ويٺي لاڙڪاڻي شهر جو ديدار ڪرائي ڇڏيو۔ اسان پنهنجي يا ڄمار ۾ شهيدن جو شهر لاڙڪاڻو ناهي ڏٺو۔ توهان جي موڪليل تصويرن ۾ هن سنڌ جي شهر جي سُونهن ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي۔ سڄڻ اسان اميد ٿا ڪريون ته اهڙي بهترين شيئرنگس کي سدائين جاري رکندا اچجو۔
چاهتن جو سفر شال جاري رهي
هرگهڙي سنڌ مٿان ربَ ڪرم جِي نظر
شال جاري رهي ، شال جاري رهي​

محترم ناز صاحب اوهان جي جواب کي پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي۔ آئون اوهان کي لاڙڪاڻي شهر گهمڻ جي دعوت دل جي گهراين سان ڏيان ٿو۔۔۔۔۔

ادا منظر صاحب! واقعي به توهان لاڙڪاڻي جا ”منظر“ پيش ڪري نالي کي ”منظر عام“ تي آندو آهي. پيارا هڪڙو عرض جيڪڏهن هر تصوير جي سامهون هڪڙ ننڍڙو ڪئپشن لڳايو ته هيءَ تصوير ڇاجي آهي، ته ڪهڙو نه ڀَلو ٿي پوي. مثال جي طور تي اسان کي ڪو هنڌ گهمڻو هجي، ته چنگچي واري کي ڇا چئون ته ڪهڙي هنڌ وٺي هل...!

ادا ابو واصف اوهان جي ڳالهه مون واقعي محسوس ڪئي پر وقت گهٽ هئڻ سبب مان جلدي ۾ هيس تنهن ڪري هر تصوير جو ڪئپشن نه ڏئي سگهيس اوهان جي شڪايت هاڻي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ اوهان هاڻي چنگچي واري کي به هر جڳهه جو نالو وٺي ڪري آساني سان گهمي سگهندا۔۔۔۔۔

ادا جلباڻي صاحب؛
حق موجود؛
يار! اڄ ته اصل قرب ڪري ڇڏيا اٿوَ، ڪيترن سالن کانپوءِ اهي ماڳ جن تي پاڻ ... ڪاغذ جون ٻيڙيون هلائيندا هئاسون، رائيس ڪئنال جا اهي دروازا جن تان چڙهي ٽپا ڏئي ترندا هئاسون، اتاترڪ ميموريل، ڀٽي جي بنگلي جي ڪنڊ واري حبيب بئنڪ، گورمنٽ هاءِ اسڪول جو پويان وارو ميدان جت ڊرل ڪندي ڪيتريون ئي شرارتون ٿي وينديون هيون ... مطلب ته مزو اچي ويو ...

ٿورا نه ٿورا مونتي ماروئڙن جا ...

سدائين گڏ

بس ادا ننڍپڻ جون يادون ته هر انسان کي جهوري وجهنديون آهن۔۔۔ جڏهن پراڻيون تصويرون نئي رنگ ۾ سامهون اينديون آهن۔ ته دل چوندي آهي ته هاڻي جو هاڻي اهي ڏينهن موٽي اچن جن ۾ ايترو ته مزو ۽ اهي شرارتون شامل هونديون آهن۔۔۔ ڳوٺائي دل نه لاهه انشاءُالله پرديس ۾ ئي اوهان جي شهر جي هر تازه منظر کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس۔ ڇاڪاڻ ته مان به انهي سنڌ ڌرتي ماءُ جي مٺڙي ماڳ لاڙڪاڻي جو آهيان۔ جنهن ۾ سڪ ۽ محبت سمايل آهي۔

ادا منظر جلباڻي۔۔۔۔۔ ادا ابو واصف سچ لکيو آهي۔۔۔ واقعي اوهان لاڙڪاڻي جا منظر پيش ڪيا آهن۔۔۔ ۽ پنهنجي نالي کي منظرِعام تي آندو اٿوَ۔۔۔۔۔ سائين آۡخر ۾ چنگچي واري ڳالهه به ڪئي آهي۔۔۔۔ جيڪڏهن اوهان انهن جا نالا ڏئي ڪري تحرير کي موڪليو هان ته اڃان به وڌيڪ بهتر هجي هان۔۔۔۔۔۔۔۔

shal judy hujeen lajwab-sharing

ادا زاهد سومرو المعروف مخدومي الجميلي فقير اوهان جي پسند ڪرڻ جي مهرباني۔ ادا اوهان ته آهيو ئي فقير ته پوءِ يارن سان ڪهڙا ليکا۔ دوست الجميلي اوهان جي مرشدن ڪريمن جي زيارت ته به نصيب ٿيندي رهندي آهي۔۔ جڏهن مان باقراڻي شهر ويندو آهيان ته ضرور به ضرور درگاهه عاليه حضرت الحاج حافظ امام بخش سومرو رحه تي حاضري ضرور ڀريندو آهيان۔ ادا هميشه اسان کي دعائن ۾ ياد رکندا ڪريو۔ سچ پڇو ته جڏهن درگاهه شريف تي سجاده نشين محترم مخدوم الحاج حافظ شفيق الرحمان سومرو سان ڪچهري ڪري دلي سڪون ملندو آهي ۽ دنيا جو سڀ غم ڀلجي ويندا آهن ۽ محبوبن جون يادون تازيون ٿي وينديون آهن۔

اسانجو ته ايمان آهي ته فقيرن جو دعائون ساڻ هجن ته ٻيڙا ئي پار هوندا۔
 
ادا جلباڻي صاحب؛
هڪ دفعو ٻيهر مهرباني، وڌيڪ فوٽو ۽ اهي به تعرف سان، اصل ان گهاٽي وڻ جيڏا ٿوري ڪري ڇڏيا اٿوَ،
سنڌ سلامت جي دوستن کي عرض آهي ته هو به پنهنجن پنهنجن شهرن جا فوٽو ڪڍي هڪ ٻئي سان ونڊ ڪن ته، سنڌ جي شهرن جو هڪ سهڻو آلبم تيار ٿي پوندو ...
ادا ڳوٺائي جڙيل هجين شال
sindhsalamatsaathsal
 
ادا منظر جلباڻي شال جُڙيو هُجين۔ پيارا سائين سنڌ جي قديمي چوڻي آهي تههُجي ناڻو ته گُهمُ لاڙڪاڻو ماشاالله توهان ته سائين اسان کي بغير ناڻي جي گهر ويٺي لاڙڪاڻي شهر جو ديدار ڪرائي ڇڏيو۔ اسان پنهنجي يا ڄمار ۾ شهيدن جو شهر لاڙڪاڻو ناهي ڏٺو۔ توهان جي موڪليل تصويرن ۾ هن سنڌ جي شهر جي سُونهن ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي۔ سڄڻ اسان اميد ٿا ڪريون ته اهڙي بهترين شيئرنگس کي سدائين جاري رکندا اچجو۔
چاهتن جو سفر شال جاري رهي
هرگهڙي سنڌ مٿان ربَ ڪرم جِي نظر
شال جاري رهي ، شال جاري رهي​

اسلام عليڪم ادا
ادا منظر علي توهان جي شيئرنگ جي جيتري به تعريف ڪجي سا گهٽ ٿيندي اهڙي تمام پياري شيئرنگ شيئر ڪرڻ تي مان اوهان جا ٿورائتو آهيان انهن مان ڪافي ڪجهه مون جو گهميل آهي پر جيترو توهان ڊيٽيل سان ٻڌايو آهي توهان ته asul matt

سائين نثار ناز صاحب اڄ ڪلهه مشهور آهي ته هجئي ناڻو ته ڇڏ لاڙڪاڻو سائين هي محض هڪ چوڻي آهي جيڪڏهن هن چوڻي جي ڪري ڪنهن جي دل رجي هجئي ته اڳواٽ معافي پر آهي shal judy hujeen

sindhsalamatsaathsal
 
ادا لَک لائق! منهنجي چنگچي وارو سوال ته صرف هڪ بهانو هو. نئين چوڻيءَ ”هُجئي ناڻو ته ڇڏ لاڙڪاڻو“ موجب آءٌ بظاهر ته حيدرآباد شفٽ ٿيو ته آهيان، پر نه ته منهنجو روح ته اصل لاڙڪاڻي سان ئي ڳنڍيل آهي. . آءٌ چاهيان ٿو ته مون وٽ نه نصرف لاڙڪاڻي، پر سنڌ جي هر هڪ چَپي چَپي جون تصويرون موجود هُجن.
 
sindhsalamatsaathsal ادا منظور جلباڻي معاف ڪجانءِ منهنجي هن ناياب تحرير تي تمام دير سان نظر پئي آهي
پهريون ته توهان تصويرون اپلوڊ ڪيون بنا ڪنهن تعارف جي
وري ادي ابو واصف جي درخواست تي توهان انهن تصويرن جي اندر انهن جو تعارف به لکيو، وري سائين جن لکيو ته هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو۔asul matt lajwab-sharing
هاڻي ڳالهه بيٺي آهي ناڻي تي۔
مان چوندس ته اگر هجئي ناڻو ته ڇڏ لاڙڪاڻو، حالاتن ۽ واقعاتن جي ڪري مونکي مٿين چوڻي کي ورجائو پيو۔ ڇو جو اڄڪلهه ماڻهو پنهنجي گهر ۾ ئي پاڻ کي محفوظ نه ٿو سمجهي،
ادا جلباڻي تمام بهترين پر لاجواب شيئرنگ آهي۔ shal judy hujeen suhnan saan khil sahi
 
سائين لاڙڪاڻي جي ڇا ڳالهه ڪجي، مان پنهنجي زندگيءَ جي هڪ رات لاڙڪاڻي ۾ گذاري آهي۔ هند ۾ اچڻ کان هڪ مهينو اڳ مان لاڙڪاڻي ويو هوس۔ سچي واهه جو مزو آيو هو۔ مان جڏهن ريڊيو خيرپور تي ڪم ڪندو هوس تڏهن هڪ ڏينهن اتي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي اسٽيشن ڊائريڪٽر جناب مختيار ملڪ جي چوڻ تي مان خيرپور کان لاڙڪاڻي ريڊيو تي ڪمپيوٽر جي سيٽنگ ڪرڻ ويو هوس۔ مطلب ريڊيو لاڙڪاڻي کي ڪمپيوٽرائيز ڪرڻ ويو هوس۔ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو جي بلڊنگ ڪافي نئين آهي۔ ننڍي آهي پر سهڻي آهي
 
sindhsalamatsaathsal ادا منظور جلباڻي معاف ڪجانءِ منهنجي هن ناياب تحرير تي تمام دير سان نظر پئي آهي
پهريون ته توهان تصويرون اپلوڊ ڪيون بنا ڪنهن تعارف جي
وري ادي ابو واصف جي درخواست تي توهان انهن تصويرن جي اندر انهن جو تعارف به لکيو، وري سائين جن لکيو ته هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو۔asul matt lajwab-sharing
هاڻي ڳالهه بيٺي آهي ناڻي تي۔
مان چوندس ته اگر هجئي ناڻو ته ڇڏ لاڙڪاڻو، حالاتن ۽ واقعاتن جي ڪري مونکي مٿين چوڻي کي ورجائو پيو۔ ڇو جو اڄڪلهه ماڻهو پنهنجي گهر ۾ ئي پاڻ کي محفوظ نه ٿو سمجهي،
ادا جلباڻي تمام بهترين پر لاجواب شيئرنگ آهي۔ shal judy hujeen suhnan saan khil sahi

ادا معزرت سان مان توهان جي چوڻيءَ سان اختلاف ڪندس، بد امنيءَ جي باهه نه رڳو لاڙڪاڻي شهر ۾ پئي ٻري، بلڪ اها پوري سنڌ ۾ پئي ٻري، ان ڪري هتي هن ٿريڊ ۾ جيڪو لاڙڪاڻي جي سونهن کي پيو اجاگر ڪري، هتي اهو چوڻ منهنجي خيال ۾ ته اوهان کي نه ٿو سونهين.
 
ادا توهان بلڪل سچ ٿا چئو۔ sindhsalamatsaathsal
 
Back
Top