سهپ جي سگهه ختم ٿيڻ جي ويجهو پهتل عوام ۽ بي حس حڪمران

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏13 فيبروري 2011۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    اسد چانڊيو (عوامي آواز)


    [justify] پيپلزپارٽيءَ جي حڪمران طبقي جي سامهون ايندڙ هر نئين بي حسي، بي وسي ۽ خاص طور سنڌ ۽ سنڌين جي مفادن کي آڏو رکڻ جي ذري جيتري به زحمت نه ڪرڻ ۽ نتيجن جي پرواهه ڪرڻ بنا ڪئي ويندڙ فيصلن کي ڏسي، ڪيترن ئي ڏينهن کان مون کي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ياد اچي رهي آهي. ڪنهن ٻئي پارٽي، ڌر ۽ قوم سان تشبيهه ڏيڻ بجاءِ، ذهن ۾ مناسب خيال اهو ئي اچي رهيو آهي ته، پيپلزپارٽي قيادت جو عام طور سڄي ملڪ پر خاص طور سنڌ سان اوترو ئي تعلق آهي، جيترو انگريزن طرفان ننڍي کنڊ جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو هو!. يعني، ماڻهن جي مفادن جو خيال رکڻ جي ڪا به ضرورت محسوس ڪرڻ بنا، فقط ۽ فقط پنهنجي عارضي بقا کي نظر ۾ رکندي هر عوام دشمن کي جاگيرون ڏياري پنهنجي پاسي رکڻ، ماڻهن جي حقيقي اڳواڻن ۽ هِيرن کي غدار ۽ غدارن کي سَر، خان بهادر ۽ خان صاحب جا لقب ڏئي، ماڻهن کي مجبور ڪرڻ ته، ُاهي فقط سندن سندَ يافتا غدارن جي غلامي ڪرڻ لاءِ ئي آزاد آهن.
    ايسٽ انڊيا ڪمپني ته ”ڌُريان ئي ڌاري“ هئي، ان جو اهڙو عمل، ان جي پنهنجين ضرورتن ۽ گهرجن مطابق جائز ٿي سگهيو پئي، پر پيپلزپارٽي پنهنجي اندر ساڳي ئي تاريخ ورجائڻ جي همت ڪٿان پيدا ڪئي آهي!، ڇو ڪئي آهي؟، ڳالهه سمجهه ۾ نه اچڻ جهڙي هئڻ باوجود به سمجهه ۾ اچي رهي آهي، ڇو ته جنهن به ڌر ۽ طاقت جون پاڙون پنهنجي سماج ۾ نه هونديون، يا اهي پاڙون ڪٽڻ جو ”بهادراڻو ڪم“ ان پاڻ ئي ڪري ڏيکاريو هوندو آهي، پوءِ ان کي مستقبل جي ڪهڙي پرواهه؟، جيڪو ڪجهه آهي، اهو اڄ ئي آهي، ٻيو ڏينهن ۽ ٻيو موقعو اچڻو نه آهي، تنهن ڪري پنهنجن لاءِ بي رحم ۽ ڌارين لاءِ سخي بڻجي جيترا وڌيڪ ڏينهن پنهنجي راڄ کي برقرار رکي سگهجي، رکڻ جي ڪوشش ڪجي، سڀاڻي ايندڙ ڏينهن کي ڪنهن ڏٺو آهي! پوءِ جيڪو هوندو، اهو ئي ڀوڳيندو، لاڏائن کي ڪهڙي پرواهه ملير ۾ مينهن پوڻ جي.!!
    مشرف جي ڊگهي دور کان ئي اقتدار جا مزا ماڻيندڙ ”طاقتور ڌر“ اڄوڪي پيپلزپارٽيءَ جي ”جمهوري“ حڪمراني هوندي به، نه رڳو پنهنجي لاءِ حاصل ڪيل مڙوئي ناجائز مراعتون برقرار رکڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪي آهي پر انهن ۾ چڱو موچارو اضافو به ڪرائي وئي آهي. اقتدار جي گذريل ٽن سالن دوران جتي پيپلزپارٽي هڪ سخيءَ جيان پنهنجي اتحادي کان وڌيڪ مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪندڙ پارٽيءَ جي هر ناجائز فرمائش پوري ڪندي، دريا دليءَ جا ڪيترائي ثبوت ڏنا آهن، اتي ان سڄي عرصي ۾ سندس سنڌين جي بهتري لاءِ ڪيل ڪنهن فيصلي کي ڳولجي ته، اهڙي هر ڪوشش نامراديون ئي ڏئي وڃي ٿي! ان عرصي ۾ جيڪڏهن ڪي فيصلا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي به وئي ته، اها ڪجهه ڪلاڪن اندر ئي مليل ”ڌمڪين“ جو کاڄ ٿي وئي!، پ پ وٽ عملي طور اقتدار جو هاڻي فقط هڪ سال بچيو آهي، باقي ايندڙ عرصو اليڪشن جي ماحول ۽ تيارين جي نظر ٿي ويندو، تنهن ڪري گذريل وقت کي ڏسي ايندڙ عرصي لاءِ به اها اڳڪٿي ڪندي ڪا ڏکيائي محسوس نه ٿي ٿئي، ته حڪمران اهو وقت به فضول ۽ پنهنجن اتحادين کي ئي پرچائڻ ۾ وڃائي ڇڏيندا ۽ پوءِ پيپلزپارٽي وٽ پنهنجي جهول ۾ جيڪڏهن ڪجهه هوندو ته، فقط ڌارين تي مهربانين جا داستانَ ۽ پنهنجن کي ڏنل اڻ ڳڻيا زخم!. ن ليگ، مشرف (ق) ليگ ۽ ان جي اتحادين جي گذريل دورن جيان، جن کي خير سان گذارڻ لاءِ سنڌين ٻئي هٿ کڻي پيپلزپارٽي جي قيادت جي وطن ۽ اقتدار ۾ واپسي لاءِ دعائون ڪندي گذاريا هئا، تن کي سندن ”محبوب پارٽيءَ“ جي ڪوتاهه نظري ڪٿي وڃي بيهاريندي ۽ اهي پنهنجي اندر ٻيهر ڪنهن اميد پيدا ڪرڻ جي سگهه به پيدا ڪري سگهندا يا نه؟، جتي هڪ طرف اهڙا سوال ڪرُ کڻي رهيا آهن، اتي سنڌين کي هاڻي ان طرف سوچڻ جي به شروعات ڪرڻ گهرجي ته، جيڪڏهن هن رياست اندر جڙندڙ هر حڪومت دوران فيصلا فقط سندن خلاف ئي ٿيڻا آهن ته، پوءِ پنهنجي خلاف اهڙو ڪم پاڻ ئي ڪرائڻ لاءِ تڪليف ڪرڻ جي ضرورت ڪهڙي آهي؟، اهو ڪم ته ڪنهن به الفابيٽيڪل حرف ۾ ڪم ڪندڙ مسلمانن جي ڪا به ليگ ڪري سگهي ٿي!، جيڪڏهن اهو ڪم پيپلزپارٽي هٿان ٿيڻ تي ڪو اعتراض نه آهي ته پوءِ ساڳيو ئي ڪم ڪنهن ليگ هٿان ٿيڻ ۾ ڪهڙي خرابي آهي!؟، جي سنڌ ۽ سنڌي دشمن فيصلا ڪرڻ سبب ٻيون پارٽيون دشمنن جي صف ۾ بيهارڻ جهڙيون آهن ته پوءِ ساڳيا ئي سنڌ دشمن ڪم ڪندڙ پيپلزپارٽي کي دوستن جي صف ۾ بيهارڻ جو ڪم ڇو پيو ڪيو وڃي؟. تباهي ته تباهي آهي، چاهي اها ڪنهن جي به هٿان اچي. ڀاءُ هٿان پياريل زهر به ايئن ئي جسم کي ماري ڇڏيندو آهي، جيئن دشمن هٿان ڏنل وِههُ ڪم ڪندو آهي. موت - موت ئي آهي اهو ڪنهن جي به هٿان ٿي!، قاتل - قاتل ئي آهي، چاهي اهو ڪير به هجي. هاڻي ان محاوري کي ترڪ ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي ته: ”پنهنجو ماري ڇانو ۾ رکندو“. ڇو ته مرڻ بعد ڪنهن به بي جان جسم کي ان ڳالهه جي پرواهه ناهي هوندي ته، اهو ڇانو ۾ پيل آهي يا اُس ۾، مٽي ۾ دفن ٿيل آهي يا باهه جي پَوتَرتا حوالي ٿيل!
    پيپلزپارٽي طرفان پنهنجي اتحادي جماعت جي ڪڏهن به مخالفت ڪري نه سگهڻ جي ”شاندار رڪارڊ“ جي ابتڙ اهڙي اڻ ٿيڻي ته ان دور ۾ به ٿيڻ ممڪن هئي جڏهن ان جو تصور ڪرڻ به ممڪن نه هو. مڪاني ادارن جو نظام متعارف ڪرائڻ بعد متحده طرفان ان نظام کي غلط قرار ڏئي، چونڊن جو بائيڪاٽ ڪرڻ بعد جڏهن سٽي ناظم ٿي آيل جماعت اسلامي جي اڳواڻ نعمت الله خان شهر ۾ تيزيءَ سان ترقياتي ڪم ڪرائي، ان جي شڪل تبديل ڪرڻ شروع ڪئي، تڏهن متحده کي اهو خوف ورائي ويو هو ته ڪٿي هي شهر سندس چنبي مان نڪري نه وڃي. هڪ ڀيري متحده قيادت اهڙي خوف جو اظهار پنهنجي سرپرست جنرل مشرف آڏو رکيو، پر موٽ ۾ کين اهو جواب مليو، جنهن لاءِ هو تيار هئا ئي نه، يعني :” اوهان هاڻي نعمت الله خان جو مدو پورو ٿيڻ جو انتظار ڪريو، جيڪو اوهان جي بائيڪاٽ ڪري ئي مڪاني ادارن جي اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي آيو آهي“، پوءِ سڀني ڏٺو ته متحده ۽ مشرف جي پڳ مٽ ياري هئڻ باوجود (جيڪا اطلاعن مطابق هن وقت به جيئن جو تيئن جاري آهي) نعمت الله خان پنهنجو وقت پورو ڪرڻ بعد ئي سٽي ناظم جي آفيس خالي ڪئي.
    متحده قومي موومينٽ جو فطري اتحادي (جنهن جي اڄ تصديق ٿي چڪي آهي) ۽ هڪ فوجي آمر هئڻ باوجود، پرويز مشرف ۾ متحده آڏو آيل هڪ وڏي مصيبت کي ٽارڻ کان انڪار ڪرڻ جي جرئت هئي، پر پيپلزپارٽي متحده قومي موومينٽ جي غير فطري اتحادي هوندي به، جنهن جو ثبوت متحده هر موقعي تي مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪندي ڏيندي رهي ٿي، (هاڻي ته ان سنڌ بئنڪ جي قيام جي به مخالفت ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي!) پر ان باوجود به پيپلز پارٽي نه ته اصولن جي بنياد تي، نه ئي پنهنجن ماڻهن جي مستقل مفادن جي بنياد تي، هڪ ڀيرو به ڪو معتبر موقف اختيار ڪري سگهي!، سبب ڇا آهي؟، ان جو هڪ امڪاني جواب هي آهي ته ”پ پ قيادت اهو فيصلو ڪري چڪي آهي ته ان کي مستقل طور هن وطن ۾ رهي پنهنجي لاءِ پريشانيون پيدا ڪرڻ بجاءِ، دٻاءُ وڌڻ ۽ مخالفت ۾ ماحول جڙڻ شرط ئي ايسٽ انڊيا ڪمپني جيان پنهنجا ٽپڙ ويڙهي هن ملڪ مان راهي ٿيڻ گهرجي. پر ايئن سوچڻ کان اڳ، اها ان ڳالهه کي وساري ويٺي آهي ته، سڄي دنيا مان خوار ٿيڻ بعد انگريز بهادرَ ته پراوا وطن ڇڏي، پنهنجي ديس ڏانهن روانا ٿيا هئا، پر ان جي ابتڙ هنن ديسي انگريزن کي پنهنجو وطن ڇڏي پراون ملڪن ۾ پناهه وٺڻي پوندي، جتي سندن مستقبل محفوظ هئڻ جي ڪا به ضمانت نه آهي“.
    ڪير آهي جيڪو ڪراچيءَ جي حالتن کان اڻڄاڻ هجي؟، ڪير آهي جنهن کي هن شهر ۾ تباهيءَ واري فرشتي اسرافيل جو ڪم پنهنجن هٿن ۾ کڻي رکندڙن جي خبر نه هجي !؟، هن بدنصيب شهر ۾ روز ڪير پيو ڦوڪون ڏئي باهه ڀڙڪائي؟، ڪير آهي، جيڪو هڪ طرف جيئرن جاڳندڙن جسمن کي باهه جي اُلن ۾ ساڙي ڪوئلو بڻائي رهيو آهي ته ٻئي پاسي پنهنجي ساڳي ئي عمل مان گهڻن ئي مخالفن کي چتاءُ ڏيڻ جو ڪم به وٺي رهيو آهي!؟، پر شهيد بينظير جو مشن مڪمل ڪرڻ لاءِ ڳڙهي خدا بخش جي قبرستان ۾ خوشيءَ سان دفنائجڻ جون دعوائون ڪندڙ ايڏو ته ڊنل ٿا رهن جو هو ڪجهه سوچڻ ۽ ڪجهه ڪرڻ جي صلاحيت ئي وڃائي ويٺا آهن!، ” ڇا پيا ڪن ۽ ڇو پيا ڪن؟،“ جي کين ڪا به خبر نه رهي آهي.!!، ڪراچيءَ جي ڪجهه علائقن کي رينجرز گهيري وٺي ٿي، ماڻهن کي مرغا بڻائي وڏين ٽرڪن ۾ سٿي پنهنجن شهر ۾ موجود اڻ ڳڻين ونگز ۾ پهچايو وڃي ٿو، پر ايئن ڪير پيو ڪرائي ۽ ڇو پيو ڪرائي؟، حڪمرانن کي ڪا به خبر نه آهي! سنڌ جو ”بهادر“ گهرو وزير به بي خبر آهي ته، پيپلزپارٽي جي “وڏڙن جي نشاني” وڏو وزير به!.پاڪستان ۾ ”جمهوريت “جي نالي ۾ هلندڙ ”فلم“ ۾ مهمان اداڪار ٿي اچڻ باوجود، سڀ کان وڌيڪ طاقتور بڻجي ويل رحمان ملڪ به اهڙي عمل کان اڻڄاڻ هئڻ جي دعويٰ ڪري رهيو آهي!. جنهن ڳالهه کي اسان ڪجهه عرصو اڳ تائين مذاق ۾ چوندا هئاسين ته، ”جيئن هلي پيو، ان مان لڳي ٿو ته هن ملڪ کي خدا پيو هلائي!!“ ڪراچيءَ جي حالتن بابت حڪمرانن جو هر بيان ان ڳالهه کي ئي سَهي ثابت ڪري رهيو آهي.
    هڪ هنڌ جهڪايل ڪَنڌ کي پوءِ ڪنهن ٻئي هنڌ کڻڻ ڪيڏو نه ڏکيو بڻجي وڃي ٿو، ان جو ثبوت ڏسڻو هجي ته، پاڪستان پيپلزپارٽي طرفان ڪراچيءَ جي صورتحال تي سوچڻ لاءِ سڏايل آل پارٽيز ڪانفرنس سان ٿيندڙ حشر کي ئي ڏٺو وڃي، جيڪا پنهنجي اعلان جي مختصر عرصي ۾ ئي ٽي ڀيرا ملتوي ٿي چڪي آهي!. حڪمرانن کي ”پنهنجين بهادرين جي ڊگهي تاريخ“ کي نظر ۾ رکي، اهڙي ڪوشش ڪرڻ جي خواهش به نه ڪرڻ گهربي هئي، ڀلا ايئن ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته جنهن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ اڪثر ڌرين کي ”صور اسرافيل“ جو ڪم ڪندڙ ماڻهن جي خبر هجي ۽ اهي اهڙو اظهار ڪرڻ جو ارادو به رکنديون هجن، ان باوجود به نه رڳو اهڙي تقريب ڪراچي ۾ ٿي وڃي پر ان ۾ طاقتور ۽” نه ڇُهي سگهڻ کي حق سمجهندڙ“ ڌر کي به شرڪت لاءِ مجبور ڪري سگهجي.!! اهڙي اڻ ٿيڻي، ٿيڻي ئي نه هئي، پيپلزپارٽي جي ”بهادر حڪومت“ هروڀرو ڪارڊ ڇپرائي، اڳ ئي ڪمزور ٿي ويل سرڪاري خزاني تي هڪ وڌيڪ بار وڌو.
    ”ڪفر تي ٻڌل نظام ڀلي بقا ڪري وڃي پر ظلم تي ٻڌل سماج گهڻو عرصو جٽاءُ ڪري نٿو سگهي“، اها ڳالهه حضرت علي عه اسان کي صديون اڳ سمجهائي ويو هو، ۽ اسان به صدين کان ئي ان حقيقت کان منهن موڙي، هر دور ۾ يا ته ظالمن سان گڏيل هجون ٿا، يا پاڻ ئي ظالم بڻجي وڃون ٿا!. هڪ گلاس کان وٺي هڪ گهر توڙي هڪ سماج جي ڀرجي وڃڻ جي هڪ حد ضرور هجي ٿي، حالتون جڏهن به اهڙي ليڪ پار ڪنديون آهن، دنيا کي مصر جهڙيون ئي عوامي بغاوتون ڏسڻ لاءِ ملنديون آهن. سڌريل توڙي اڻ سڌريل ملڪن ۾ قائم سرڪاري ادارن کان اصل ۾ اهو ئي ڪم ورتو ويندو آهي (جيڪو ڪم اڄ ڪلهه اڳوڻن انقلابين جي مدد سان هلندڙ اين جي اوز کان به ورتو پيو وڃي) ته اهي ماڻهن جي سهپ ۽ برداشت کي نظر ۾ رکندي، ظلم ۽ ناانصافي جي اها حد پار ٿيڻ نه ڏين، جو ماڻهو ڪنهن به نفعي نقصان جي پرواهه ڪرڻ بنا، هر شي کي ڊاهي فنا ڪري ڇڏين.
    اسان جي رياست ۽ ان مان ٻنهي هٿن سان مالُ ميڙيندڙ ڌرين ڪافي عرصي کان ان ڳالهه جي پرواهه ڪرڻ ئي ڇڏي ڏني آهي ته، ماڻهو ڪيترو ظلم برداشت ڪري سگهن ٿا ۽ سندن برداشت جي قوت ختم ٿيڻ جي حد ڪهڙي آهي !؟، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو، پورو سماج هڪ اهڙي جبل ۾ تبديل ٿي ويو آهي، جيڪو اندران ئي اندران ٻَري رهيو آهي، لاوو ڪڏهن ٿو ڦاٽي، ڪيئن ٿو ڌرتي چيري نڪري؟، ان جي تُز خبر نه هوندي به، اها ڄاڻ ضرور آهي ته اهڙي ڏينهن جو اچڻ هاڻي گهڻو پري ناهي رهيو. جڏهن به ايئن ٿيو، اسان جن حڪمرانن سميت بااثر ۽ ظالم طبقن ۽ ڌڙن کي روسي شهنشاهيت جي آخري زار جيان پاڻ سان لاڳاپيل هر فرد سميت ختم ٿي وڃڻو پوندو.
    تيزيءَ سان تياري جي مرحلن مان گذرندڙ ”عوامي پلاند“ واري فلم مڪمل ٿيڻ تي آهي.ان فلم جا ٽريلر هاڻي اڪثر شهرن جي روڊن ۽ رستن تي کلي عام ۽ ڏينهن ڏٺي سوين ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ ان وقت نظر اچي ويندا آهن، جڏهن مختلف سچن يا ڪُوڙن الزامن هيٺ آيل ڪجهه جسمن کي تيل هاري باهه ۾ سڙندي ڏٺو ويندو آهي. اهڙو عمل ڀلي انتها درجي جو ظالماڻو هجي، پر اهو ان ڳالهه جي ثابتي ڏئي رهيو آهي ته، اسان جو سماج هاڻي برداشت جي هر حد پار ڪري، سڀ ڪجهه تباهه ڪري ڇڏڻ جي ڪيترو نه ويجهو پهچي چڪو آهي.
    [/justify]
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سهپ جي سگهه ختم ٿيڻ جي ويجهو پهتل عوام ۽ بي حس حڪمران

    ادا عرس لا جواب ونڊ.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو