ان کي سهمي هوئي چهرون په نه جاو هرگز
پيڪرِ حُسن و شرافت ڪي هين يه غم ڪي ماري
جب يه اٺ کڙي هون گي طوفان کي صورت بن ڪر
ان ڪي سيلاب ۾ بهه جائين گي تنڪي ساري
دوست هن نازڪ دور ۾ جڏهن دنيا ائٽم جي تباهه ڪارين جي بلڪل اوڏو بيٺي آهي۔ هڪ انسان ٻي انسان کي ماري ٿو ۔ ته کيس خبر ڪانه ٿي پوي ته مان انسانيت کي ڇو ماري رهيو آهيان ۽ مرڻ واري کي پڻ خبر ڪانه ٿي پوي ته مونکي ڇاجي لاءِ ماريو ويو آهي۔ ان نفسا نفسي واري دور ۾ تون چئو ڀلا سُٺا ۽ سُهڻا ماڻهو ڪهڙي ريت ” هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين“ واري رسم نڀائن۔ حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جو فرمان مُبارڪ آهي ته جتي به ظلم ٿئي ان جي خلاف جهيڙو ڪيو وڃي ۔ پر جهيڙو به اهڙو ڪيو وڃي جو ظلم جو پاڙ کان خاتمو ڪيو وڃي پر پر جيڪڏهن ظالم سگهارو آهي، توهان پُهچي نٿا سگهو ته پنهنجي دل ۾ سوچي ان ظالم ۽ ظُلم کي ننديو تڏهن به حق ۽ سچ چوڻ واري رسم پوري ٿي ويندي۔ بس لڳي ٿو دنيا جا سمورا سُهڻا ماڻهو نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي فرمان جي آخري حصي تي عمل پيرا آهن۔ بهرحال :