هئه ڙي پرين تنهنجا انگل۔۔۔ مسجد جا لائوڊ بند ڪريو۔۔

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏14 فيبروري 2011۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    [justify]
    لاهور ۾ ٽي پاڪستانين جي قتل جي جرم ۾ لکپت جيل ۾ قيد آمريڪي ريمنڊ ڊيوس انگل ڪيو آهي ته فجر جي اذان جي ڪري سندس ننڊ پوري نه ٿي ٿئي، ان ڪري جيل جي مسجد جا لائوڊ لاٿا وڃن۔۔۔ بابا رحمان ملڪ کي گذارش آهي ته آمريڪي جو اهو انگل به کڻي پورو ڪري باقي آمريڪي همراهه جيل ۾ ويٺو ته اونئين صاحبن وانگر آهي۔۔​
    [/justify]


    ”ننڊ خراب ٿي ٿئي“ ڊيوس پاران جيل جي مسجد جا لائوڊ اسپيڪر لاهڻ جو مطالبو

    [justify]
    لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) لاهور ۾ ٻن پاڪستانين کي قتل ڪندڙ آمريڪي شهري ريمنڊ ڊيوس ننڊ خراب ٿيڻ سبب مسجد جا لائوڊ اسپيڪر لاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ريمنڊ ڊيوس کي جيل ۾ آسائش واريون سڀئي سهولتون فراهم ڪيل آهن، هڪ خانگي ٽي وي چينل ذريعن جي حوالي سان ڄاڻايو آهي ته ريمنڊ ڊيوس جيل عملدارن کان مطالبو ڪيو ته فجر جي اذان سبب هن جي ننڊ ڦٽي ٿي ان ڪري مسجد جا لائوڊ اسپيڪر لاٿا وڃن، ڪالهه صبح ريمنڊ ڊيوس اهڙو مطالبو ڪيو، جيل جي ملازمن ڪالهه شام لائوڊ اسپيڪر لاهڻ جي ڪوشش ڪئي ته 4 سئو قيدين مزاحمت ڪري روڪي ورتو،ريمنڊ ڊيوس کي ٽي وي، ڊي وي ڊي ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، جڏهن ته هن کي منجهند ۽ رات جو کاڌو هڪ چائنز ريسٽورينٽ تان گهرائي فراهم ڪيو ويندو آهي،هوڏانهن ڪوٽ لکپت جيل جي سپرنٽينڊنٽ مشتاق اعواڻ چيو ته فجر جي اذان سبب ريمنڊ ڊيوس جي ننڊ خراب ٿئي ٿي، جڏهن ته پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءَالله معاملي تي ڳالهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ٻئي طرف ريمنڊڊيوس جي سيل آڏو سيڪيورٽي سخت ڪندي رينجرز کي مقرر ڪيوويو آهي.
    [/justify]
     
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: هئه ڙي پرين تنهنجا انگل۔۔۔ مسجد جا لائوڊ بند ڪريو۔۔

    ڪنهنجي آرام ۾ خلل ته نه وجهڻ گهرجي باقي آهي مفتين جي مرضي سو جو جواب ڏين سندن مرضي،
    وسلام
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هئه ڙي پرين تنهنجا انگل۔۔۔ مسجد جا لائوڊ بند ڪريو۔۔

    ها باقي خون ڀلي ڪرڻ گهرجي۔۔۔۔ ها ها ها​
     
  4. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: هئه ڙي پرين تنهنجا انگل۔۔۔ مسجد جا لائوڊ بند ڪريو۔۔

    هاهاهاهاهاهاهاهاها۔۔۔​
     
  5. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هئه ڙي پرين تنهنجا انگل۔۔۔ مسجد جا لائوڊ بند ڪريو۔۔

    آرام اسلام کان مٿانهون ناهي جو آذان وارا لائوڊ لاٿا وڃن۔۔۔
    ان شخص کي سري عام ڦاهي چاڙهيو وڃي۔۔
     
  6. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هئه ڙي پرين تنهنجا انگل۔۔۔ مسجد جا لائوڊ بند ڪريو۔۔

    ادا برابر دين کان ڪابه شي مٿائون ناهي

    جزاڪ الله
     
  7. شمس

    شمس
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    29
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: هئه ڙي پرين تنهنجا انگل۔۔۔ مسجد جا لائوڊ بند ڪريو۔۔

    جس هجي آمريڪي کي پر اهو به ته ياد ڪري ته انهن جي رهزن فوجن جا جهاز جڏهن عراق جي مٿان گجگوڙ ڪري بمن ۽ گولن جا وسڪارا لائي ڏنا ۽‌ ڪئين مائرن جون هنجو اجاڙي ڇڏيون، ڪئين ٻارڙن جا ڇپر ڇانو کسي ڇڏيا ته ڇا ان وقت عراق جي ماڻهن سڪون سان ننڊون ڪيون هونديون؟ حيف هجئي آمريڪي!!
     
  8. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: هئه ڙي پرين تنهنجا انگل۔۔۔ مسجد جا لائوڊ بند ڪريو۔۔

    مونکي ياد آهي اها ڪربلا جي تاريخ جا مون پڙهي آهي جنهن ۾ امام حسين عه جنابِ علي اڪبر جي سيني مان جنهن انداز سان برڇي ڪڍي هئي ۽ اهو ئي برڇي هڻدڙ جڏهن امامِ زينالعابدين وٽ جان بچائيندو پهتو هو ته امام هن کي پاڻ وٽ ٽي ڏينهن مهمان رکيو ۽ ويندي وقت ان کي پاڻي جي مشق و سامان سان خرزين ڀري ڏني هئي ته ان قاتل جي ذهن ۾ گمان ٿيو ته شايد امام مونکي ناهي سڃاتو شايد ان لاءِ ايترا احسان ٿو ڪري ۔ امام ان کي چيو اي حَسيِن بن نمير تون علي اڪبر جو قاتل آهين آءُ توکي ڪيئن ٿو ڀلجي سگهان تون ان هستي جو قاتل ۽ جنهن جي شهادت کان پهريان منهنجي بابا جي ڏاڙهي ڪاري هئي ۽ جنهن جي شهادت کان پوءِ منهنجي بابا جي ڏاڙهي سفيد ٿي وئي هئي۔
    سڄڻ هي هستيون اسان لاءِ حُجتون آهن انهن جي زندگي اسان جي لاءِ بهترين عملي نمونو آهي ۔ باقي جا هن ڪئي سا جي اسان ڪئي ته هن ۽ اسان ۾ ڪهڙو فرق ۔ حضرت علي عه جو فرمان آهي ته جي برو برائي کي ڇڏڻ لاءِ تيار ناهي ته تون چڱائي کي ڇا لاءِ ٿو ڇڏين۔ جي اوهان کي بدلو وٺڻو آهي ته سوچ کي بدليو جيڪا سوچ پوري دنيا ۾ مسلامنن لاءِ عام ٿي چڪي آهي جي نه ته

    ڪتي ني مجهي ڪاٽا ۾ ني ڪُتي ڪو ڪاٽا
    ليڪن صبا اتنا تو بتاؤ ڪيا ٿوڪا ڪيا چاٽا۔
    باقي هر ڪو پنهنجي سوچ جي معاملي ۾ آزاد آهي ۔ جي دوستن کي ڳالھ بُري لڳي آهي ته هٿ اسب جا ٻڏي الفاظ به واپس وٺان ٿو ۽ معافي به گهران ٿو۔
    وسلام
     
  9. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: هئه ڙي پرين تنهنجا انگل۔۔۔ مسجد جا لائوڊ بند ڪريو۔۔

    ادا ڏاڏل ڳالهه مولوي مفتين جي مرضي جي نه آهي پر ان مفتي جي آهي جيڪو اسان جي اندر ويٓٺو آهي جنهن لاء حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح صاحب فرمايو آهي ته مفتي منجهه ويهار ، ڇا جنهن اسلام لاء امامن سڳورن پنهنجي جان جو نذرانو به ڏنو ۽ پنهنجي جان جي به پرواهه نه ڪئي، ۽ اسلام ۽ الله جي مخالفين سان مهاڏو اٽڪايو، جنهن جي دنيا گواهه آهي ان اسلام لاء ان پنهنجي دين لاء اسان هن شخص (ٻن پاڪستانين کي قتل ڪندڙ آمريڪي شهري ريمنڊ ڊيوس ) کي ان ڳالهه تي غلط چوڻ جي به همت نه ٿا رکون ڇا جنهن اسان جي ملڪ جي ٻن عام شهرين کي قتل ڪري ان جي خاندان جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن، اگر الله جي آذان ڏيڻ سان توهان ٻئي جي آرام جو ٿا خيال ڪريو ته هن الفاظن لاء توهان ڇا چوندو ته (نماز ننڊ کان بهتر آ )۔۔۔ ادا ڏاڏل صاحب هٿ ٻڌي هڪ ٻيو توهان کان سوال ڪندس ته اگر واقعي توهان کي ٻئي جي آرام جو ايتروئي خيال آهي جو الله جي نالي وٺڻ ۾ به رخنو پئي ته پيو پئي اهو درست آهي، ته پوء هي واعظ مجلسون، نه ڪرڻ گهرجن جنهن ۾ ڪيتريون ئي نمازون به هليون ٿيون وڃن ( پر اسان ان مجلس ۾ ويٺا هوندا آهيون جنهن ۾ اهيو ئي سبق ملندو آهي ته نماز جنگ ۾ به نه ڇڏڻ گهرجي) ۔ ۽ اهي تمام مجلسون واعظ خوشين جا شادمانا، جشن، ورسيون، ڄمڻ جي ڏينهن جون محفلون ۽ ماتم جون محفلون به نه ڪرڻ گهرجن جنهن ۾ ڪيترن ئي شهرن جا روڊ رستا بلاڪ ٿئي ٿا وڃن، ۽ ڪيترائي مريض رستو نه ملڻ جي ڪري الله کي پيارا به ٿئي وڃن ٿا، ۽ ڪيترائي مريض انهيء شور شرابي ۾ ڊسٽرب به ٿين ٿا۔ جنهن سان انهن مريض ماڻهن جو آرام به ٿو ڦٽي۔۔۔۔۔ ؟۔
    ادا ڏاڏل صاحب توهان وڌيڪ لکيو آهي ته۔۔۔۔ سڄڻ هي هستيون اسان لاءِ حُجتون آهن انهن جي زندگي اسان جي لاءِ بهترين عملي نمونو آهي ادا ڏاڏل جڏهن ته انهن هستين جو اهيوئي سبق آهي ته ٻئي کي معاف ڪجي ته پوء ڇا توهان اڄ يزيد کي معاف ڪري سگهو ٿا ؟ ڇو جو توهان جي ڏنل سبق مطابق ته هستيون اسان لاءِ حُجتون آهن انهن جي زندگي اسان جي لاءِ بهترين عملي نمونو آهي ۽ انهن ته هميشه پنهنجي مخالفين سان به سٺو برتاءُ ڪيو۔
    ٻن پاڪستانين کي قتل ڪندڙ آمريڪي شهري ريمنڊ ڊيوس ڪجهه ڊٽيل ​

    http://www.youtube.com/watch?v=XJQ5BxgL37I
    http://www.youtube.com/watch?v=vFe9Gb7pDfU

    http://www.youtube.com/watch?v=qEP_9mrRsCs
    http://www.youtube.com/watch?v=ZVIpJtyh3vo
    http://www.youtube.com/watch?v=6m0dzENWpsM
     
  10. شمس

    شمس
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    29
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: هئه ڙي پرين تنهنجا انگل۔۔۔ مسجد جا لائوڊ بند ڪريو۔۔

    ادا عرض آهي ته ان ڳالهه ۾ اختلاف جي گنجائش قطعي نه آهي يقينن امامن سڳورن جا قول، فعل ۽ قربانيون پوري عالم اسلام لاء مشعل راهه آهن۔ پر دراصل مان چوڻ پئي چاهيو ته آمريڪي مسجد جا لائوڊ لاهڻ جو مطالبو ڪري آمريڪا جي ڪردار ۽‌ نظريات جي عڪاسي ڪئي آهي، جيڪو هڪ مذمت جوڳو عمل آهي۔ جڏهن ڳالهه اسلام جي، مسجدن جي يا ان سان لاڳاپيل معلامات جي خلاف ڪو غير مسلم ڪري ته اسان کي گهرجي ته پنههجي سڀني اندروني اختلافات کان مٿانهون ٿي ڪري، هڪ ڪارآمد لانحه عمل ٺاهڻ‌ جي سوچ رکجي۔
     
  11. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: هئه ڙي پرين تنهنجا انگل۔۔۔ مسجد جا لائوڊ بند ڪريو۔۔

    هن آمريڪي کي سرِ عام ڦاهي ڏني وڃي
    هن آمريڪي کي سرِ عام ڦاهي ڏني وڃي
    هن آمريڪي کي سرِ عام ڦاهي ڏني وڃي
    هن آمريڪي کي سرِ عام ڦاهي ڏني وڃي
    هن آمريڪي کي سرِ عام ڦاهي ڏني وڃي
    هن آمريڪي کي سرِ عام ڦاهي ڏني وڃي
    هن آمريڪي کي سرِ عام ڦاهي ڏني وڃي
    هن آمريڪي کي سرِ عام ڦاهي ڏني وڃي
    هن آمريڪي کي سرِ عام ڦاهي ڏني وڃي
    هن آمريڪي کي سرِ عام ڦاهي ڏني وڃي​
     
  12. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: هئه ڙي پرين تنهنجا انگل۔۔۔ مسجد جا لائوڊ بند ڪريو۔۔



    پهريان ته آءُ عرض ڪندس ته مون پنهنجي مو ضوع ۾ نه آمريڪي کي معاف ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي آهي نه ئي حسين بن نمير جي معافي جو ڪو تذڪرو ڪيو آهي شايد ادا ممتاز منهنجي خيالن تي جذباتي ٿي ڪري پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو آهي ۔
    مون ته فقط اهو عرض ڪيو آهي ته اسان جو بدلو ماڻهون کان نه پر انجي سوچ کان بدلوآهي، ان جي سوچ اڄ اسلام جي لاءِ اهڙي ڇو آهي ان جي پسِپرده تاريخ ڀريل آهي آءُ ته پنهنجي لکڻين ۾ اهو لکي لکي ٿڪجي پيو آهيان ته هي دين جنهنجي تشهير اڄ دنيا ۾ ٿي رهي آهي ان تي سوچيو وڃي ته هي دين جيڪو امن ۽ آشتي جو دين آهي ان اهڙي تعليمات پيش به ڪيون آهن يا نه ۔ باقي ادا آذآن مان ڪڏهن خير العمل نڪتو ۽ ڪڏهن اصلات خير من النوم شامل ٿيو ان تي اوهان تحقيق ڪريو۔
     
  13. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: هئه ڙي پرين تنهنجا انگل۔۔۔ مسجد جا لائوڊ بند ڪريو۔۔

    ادا طاهر سنڌي صاحب توهان ته ان قاتل لاء سزا جي تجويز ڏني آهي، ۽ اسلام به اهيو ئي ٿو چوي ته اک جي بدلي اک، نڪ جي بدلي نڪ۔ جان جي بدلي ۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي اسان ته ڪي نه عالم آهيون نه ڪي مولوي ۽ مفتي، اسان ته آهيون سيکڙاٽ منڊي ماڪوڙي۔۔۔ باقي ڪي علم جا ڄاڻو ڏاڏل شيني صاحب جهڙا پنهنجا خيال پيش ڪن ۔
     
  14. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: هئه ڙي پرين تنهنجا انگل۔۔۔ مسجد جا لائوڊ بند ڪريو۔۔

    ادا ڏاڏل مان جذباتي نه ٿيو آهيان مون ته صرف هڪ شاگرد جي حيثيت ۾ توهان کان ڪجهه سوال ڪيا مگر توهان انهن جا جواب ڏيڻ شايد پسند نه ڪيا، ۽ توهان ڳالهه کي ٻئي رخ ۾ مٽائي ڇڏيو۔۔۔ خير ۔۔۔ توهان وري به اسان جا استاد آهيو ۽ اسان ته اوهان جا ساڳيائي شاگرد آهيون۔۔۔ باقي توهان لکيو آهي ته ۔۔۔۔ باقي ادا آذآن مان ڪڏهن خير العمل نڪتو ۽ ڪڏهن اصلات خير من النوم شامل ٿيو ان تي اوهان تحقيق ڪريو۔ سو ادا ان لاء عرض ته ان ڳالهه جي ته ڪجهه مون کي به خبر آهي ۽ اهيو هڪ اختلافي مسئلو آهي جيڪو اسان کي ڪن مخصوص فرقن ڏانهن وٺي ويندو سو ان ڪري ان ڳالهه کي ٿا ات ختم ڪريون۔۔۔
     
  15. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: هئه ڙي پرين تنهنجا انگل۔۔۔ مسجد جا لائوڊ بند ڪريو۔۔



    ادا آءُ اوهان جي طنز تي ڪجھ نه ٿو لکي سگهان ڏسو غلط ڳالھ تي غصو اچن شرافت جي دليل آهي پر غصي کي پي وڃڻ مومن جي نشاني آهي ۔ هٿي اسان نه قانون جي ڳالھ ٿا ڪريون نه شايد اسان وٽ قانون ئي آهي ان لاءِ هرڪو عدليا کي ٿو سمجهائي پيو ته هن کي ڦاسي ڏيو هن کي چوڪ تي لٽڪايو وڃي ۔ ۽ ياد رکو اهڙا حاڃا ٿيندا اتي ٿيندا آهن جاتي قانون جي پاسداري ناهي هوندي ۔
    باقي اوهان جي پيش ڪيل شاھ صاحب جي شعر تي ضرور چوندس مفتي منجھ ويهار ، سو اوهان هن موضوع تي اڄوڪي لکيل بحث ئي کڻي ڏسو ته توهان کي سڀني جي اندر جا مفتي نظر ايندا ۔ جي مفتي اوهان سان سهمت آهن اهي اوهان جا جي مونسان ڪو گڏ ناهي ته آءُ اڪيلو ئي صحيح۔
     
  16. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: هئه ڙي پرين تنهنجا انگل۔۔۔ مسجد جا لائوڊ بند ڪريو۔۔

    ادا آءُ اوهان جي طنز تي ڪجھ نه ٿو لکي سگهان ڏسو غلط ڳالھ تي غصو اچن شرافت جي دليل آهي پر غصي کي پي وڃڻ مومن جي نشاني آهي ۔۔۔ڏاڏل شينو۔۔ ادا اهيا ڳالهه مون کي نه سمجهه ۾ آئي نه وري مون توهان جو مطلب سمجهو۔ مون ته ڪو توهان تي طنز ناهي ڪيو۔ مون ته توهان کي عزت ۽ مان ڏنو آهي ۽ مون ته پاڻ کي گهٽ ئي ڏيکاريو آهي۔ ۽ منهنجي مرشد شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح ته مون کي اهيو ئي سبق ڏنو آهي ته پاڻ کي هميشه گهٽ سمجهو۔۔۔۔ منهنجا لفظ به توهان جي سامهون آهن ۔۔۔۔باقي اسان ته ڪي نه عالم آهيون نه ڪي مولوي ۽ مفتي، اسان ته آهيون سيکڙاٽ منڊي ماڪوڙي۔۔۔ باقي ڪي علم جا ڄاڻو ڏاڏل شيني صاحب جهڙا پنهنجا خيال پيش ڪن ۔
    ادا ڏاڏل صاحب اهيا به حقيقت آهي ته مذهب جي معاملي ۾ مون کان توهان کي وڌيڪ ڄاڻ آهي، ۽ انهن جو ثبوت به توهان جا ليک ئي آهن، جيڪي سنڌ سلامت تي موجود آهن، جنهن ۾ زياده تر مذهب سان واسطو رکندڙ ئي مضمون هوندا آهن۔ بلڪه هوندا ئي مذهب تي آهن ۽ توهان مذهب بابت سٺي ڄاڻ رکو ٿا، ادا اسان ته مذهب تي هڪ اڌ مضمون ڪو ونڊ ڪري وري ٻئي پاسي رخ ڪري به ويندا آهيون مگر توهان ته وري به صرف مذهب تي ئي ڳالهائيندا آهيو، يا لکندا آهيو۔ ۽ مذهبي مضمون ( واعظ ) سنڌ سلامت تي توڙي اخبارن ۾ يا اسان جي ذاتي ڪچهري ۾ توهان تمام سٺا لکندا ۽ ڪندا آهيو۔ مون ان جي ڪري توهان لاء علم جا ڄاڻو الفاظ استعمال ڪيا آهن باقي توهان جي سوچ توهان وٽ آهي ان کي اسان ڇا ٿا ڪري سگهون۔

    ادا توهان وڌيڪ لکيو آهي ته۔۔۔۔ سو اوهان هن موضوع تي اڄوڪي لکيل بحث ئي کڻي ڏسو ته توهان کي سڀني جي اندر جا مفتي نظر ايندا ۔ جي مفتي اوهان سان سهمت آهن اهي اوهان جا جي مونسان ڪو گڏ ناهي ته آءُ اڪيلو ئي صحيح۔ [/color] ادا ڏاڏل صاحب اهيا هڪ فطري ڳالهه آهي ته جڏهن به ڪو الله ۽ ان جي رسول جي خلاف اگر ڪو ڳالهه ڪندو آهي ته اسان سڀ مسلمان هڪ ٿئي ويندا آهيون جنهن جو مثال توهان سامهون آهي ته جيڪي ماڻهون دنيا ۽ سرڪار جي نظر ۾ ڏوهاري ( 400 قيدي۔۔۔ ادا ڏاڏل جڏهن ته اهي قيدي نه عالم آهن نه مولوي آهن نه ڪي مجلسون پڙهندڙ ذاڪر آهن ۽ نه وري ڪي مفتي ۽ مذهبي واعظ ڪندڙ ٺيڪيدار آهن۔مگر انهن جو ضمير به جاڳي پيو ۽ انهن به حق جو ڪلمو چوڻ کان ڪين ڪيٻايو ) آهن اهي به ان ڳالهه ته هڪ ٿئي ويا ته هڪ قاتل ۽ مسلمان دشمن جي چوڻ تي مسجد جا اسپيڪر نه لاٿا وڃن۔ (جنهن ۾ آذان جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ۽ اسان جي امامن سڳورن به انهيء آذان ۽ الله جي حڪم جي پاسداري لاء پنهنجون جانيون قربان ڪيو نه ڪي ٻئي ڪنهن مقصد لاء) ۽ قيدي کي قيدي سمجهو وڃي جنهن جي وضاحت اسان جو دوست مست صاحب ڪري چڪو آهي ته ۔۔۔منهنجي پنهنجي رائي مطابق ته آمريڪي هڪ قيدي آهي جنهن کي ان قسم جي اظهار جي آزادي نه هجڻ‌ کپي۔۔ اهو هروڀرو جو انگل آهي ته آذان بند ڪريو۔۔ ڇو ته آذان ڪنهن دين جي نشاني آهي ۽ هر انسان تي واجب آهي ته دين ڪهڙو به هجي هو ان جو احترام ڪري۔۔ ان کان علاوه قيدي قيد ۾ پنهنجي مرضي تي زندگي نه گذاريندو آهي، قيدي جو مطلب آهي ته ان کي سزا جي طور رکيو ويو آهي يعني هاڻي هو پنهنجي مرضي نه پر گورنمنٽ جي مرضي مطابق زندگي گذاريندو، انهن شرطن موجب هلندو ته ٺيڪ نه ته ان جي سزا وڌيڪ سخت ڪئي ويندي،۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي ادا توهان دل نه لاهيو توهان اڪيلا نه آهيو توهان واري مفتي جو به دنيا ۾ راڄ آهي۔۔
     
  17. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هئه ڙي پرين تنهنجا انگل۔۔۔ مسجد جا لائوڊ بند ڪريو۔۔

    دوستو! منهنجي خيال ۾ ڳالهه ٻئي ڪنهن پاسي وڃي پئي۔۔۔۔۔
    موضوع جي مطابق آمريڪي جي انگل جي ڳالهه هلي پئي۔۔۔
    منهنجي پنهنجي رائي مطابق ته آمريڪي هڪ قيدي آهي جنهن کي ان قسم جي اظهار جي آزادي نه هجڻ‌ کپي۔۔ اهو هروڀرو جو انگل آهي ته آذان بند ڪريو۔۔ ڇو ته آذان ڪنهن دين جي نشاني آهي ۽ هر انسان تي واجب آهي ته دين ڪهڙو به هجي هو ان جو احترام ڪري۔۔ ان کان علاوه قيدي قيد ۾ پنهنجي مرضي تي زندگي نه گذاريندو آهي، قيدي جو مطلب آهي ته ان کي سزا جي طور رکيو ويو آهي يعني هاڻي هو پنهنجي مرضي نه پر گورنمنٽ جي مرضي مطابق زندگي گذاريندو، انهن شرطن موجب هلندو ته ٺيڪ نه ته ان جي سزا وڌيڪ سخت ڪئي ويندي۔۔ مسلمان هجڻ‌جي حيثيت سان اسان جو فرض آهي ته دين جي نشانين جي حفاظت ڪريون۔۔ پنهنجي فرقن ۽ مسلڪ جي سوچن کان مٿي ٿي ڪافرن کي ٻڌائيون ته دين جي معاملي ۾ اسان سڀ هڪ آهيون۔۔۔ جيئن لکپت جيل جي 400 قيدين گڏ ٿي مسجد جا لائوڊ لاهڻ‌ جي مخالفت ڪئي۔۔۔۔۔
    منهنجي هن موضوع شروع ڪرڻ‌ جو مقصد اهو به هو ته اهو ڏٺو وڃي ته اسان جا حڪمران پنهنجي ملڪ ۾ ٻاهرئين ماڻهن کي قيد به رکن ٿا ته سهولتن سان گڏ پر جيڪڏهن آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ پاڪستاني قيدين سان حشر ڏٺو وڃي ته لڱ ڪانڊارجي وڃن۔۔ مان رحمان ملڪ صاحب ۽ اعلى عملدارن کان پڇندس ته ريمنڊ‌ڊيوس کي ته ٽي وي، ڊي وي ڊي ۽ ٻيون آسائشون جيل ۾ به فراهم ٿيل آهن سندس کاڍو به چائنيز هوٽلن مان اچي ٿو، پوءِ ان کي قيد رکڻ‌ جو ڇا مطلب آهي۔۔ ڇڏي ڏيوس ته وڃي ڪار تي به چڙهي گهمي۔۔ ٻه ٽي ٻيا خون ڪري اچي پوءِ لاڳيتو کيس قيد ڪيو وڃي۔۔۔ ​
     
  18. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: هئه ڙي پرين تنهنجا انگل۔۔۔ مسجد جا لائوڊ بند ڪريو۔۔

    هن آمريڪي کي سرِ عام ڦاهي ڏني وڃي
    هن آمريڪي کي سرِ عام ڦاهي ڏني وڃي
    هن آمريڪي کي سرِ عام ڦاهي ڏني وڃي
    هن آمريڪي کي سرِ عام ڦاهي ڏني وڃي
    هن آمريڪي کي سرِ عام ڦاهي ڏني وڃي
    هن آمريڪي کي سرِ عام ڦاهي ڏني وڃي
    هن آمريڪي کي سرِ عام ڦاهي ڏني وڃي
    هن آمريڪي کي سرِ عام ڦاهي ڏني وڃي
    هن آمريڪي کي سرِ عام ڦاهي ڏني وڃي
    هن آمريڪي کي سرِ عام ڦاهي ڏني وڃي​
     
  19. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: هئه ڙي پرين تنهنجا انگل۔۔۔ مسجد جا لائوڊ بند ڪريو۔۔

    ريمنڊ ڊيوس کي سفارتي تحفظ حاصل آهي،پاڪستان مامري کي ڊيگهه ڏيڻ بدران
    هڪدم فيصلو ڪري:آمريڪا​

    اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي سفير ڪيمرون منٽر چيو آهي ته ريمنڊ ڊيوس کي مڪمل سفارتي تحفظ حاصل آهي، پاڪستان معاملي کي ڊيگهه ڏيڻ بدران هڪدم فيصلو ڪري، ڪيمرون منٽر اهڙو اظهار پرڏيهي سيڪريٽري سلمان بشير سان ملاقات دوران ڪيو آهي، ذريعن موجب ڪيمرون منٽر ڪالهه پرڏيهي آفيس پهچي پاڪستان جي پرڏيهي سيڪريٽري سلمان بشير سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ لاهور ۾ پاڪستانين جي قتل الزام ۾ گرفتار ريمنڊ ڊيوس جي سفارتي استثنيٰ واري مامري تي ڳالهيون ڪيون آهن، ذريعن مطابق آمريڪي سفير پرڏيهي سيڪريٽري آڏو ريمنڊ ڊيوس کي ويانا ڪنوينشن تحت حاصل سفارتي تحفظ جي حوالي سان ثبوت پيش ڪندي چيو ته آمريڪي عملدار کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي، کيس حراست ۾ رکڻ ويانا ڪنوينشن ۽ عالمي قانون جي خلاف ورزي آهي، هن چيو ته پاڪستان ريمنڊ ڊيوس جي معاملي کي ڊيگهه ڏيڻ بدران پاليسي واضح ڪري، ريمنڊ ڊيوس کي مڪمل سفارتي تحفظ حاصل آهي ۽ پاڪستان جي حڪومت ريمنڊ ڊيوس جي تحفظ جو فيصلو فوري طور ڪري، ذريعن موجب پرڏيهي سيڪريٽري سلمان بشير ڪيمرون منٽر تي واضح ڪيو ته معاملو عدالت ۾ آهي، سلمان بشير چيو ته ريمنڊ ڊيوس جي معاملي ۾ عدالت جي ڪارروائي جو انتظار ڪيو وڃي، هوڏانهن آمريڪي سفارتخاني جي قائم مقام ترجمان ڪورٽني بيل چيو آهي ته ڊرون حملن ۽ سيڪيورٽي معاملن تي ڳالهه ٻولهه نٿي ڪري سگهجي، هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي ترجمان ٻڌايو ته آمريڪي سفير جي ڪيترائي ڀيرا اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ريمنڊ ڊيوس جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي آهي پر شاهه محمود قريشي جو معاملو پاڪستان جو اندروني معاملو آهي، ان ۾ آمريڪا کي ملوث نه ڪيو وڃي، آمريڪي سفارتخاني جي قائم مقام ترجمان چيو ته ريمنڊ ڊيوس بابت عدالتي فيصلي اچڻ کان اڳ لاهور پوليس جي سربراهه جي پريس ڪانفرنس غير ضروري هئي، ريمنڊ لاءِ جيل ۾ انٽرنيٽ ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي لاءِ ڪا به ڳالهه ناهي ڪئي ۽ نه ئي پاڪستاني حڪومت تي ڪو دٻاءُ آهي، هن چيو ته ريمنڊ ڊيوس جي فوري آزادي لاءِ ڪوششون جاري آهن، پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپا خطي جي سلامتي لاءِ انتهائي اهم آهن، پاڪ-آمريڪا افغان ٽه ڌري اجلاس پاڪستاني ڪابينا ۾ تبديلي سبب ملتوي ٿيو، هن چيو ته آمريڪا جو ان ڳالهه سان واسطو ناهي ته ڪنهن کي پرڏيهي وزير بڻايو وڃي، هن چيو ته پاڪ-آمريڪا لاڳاپا شخصي نه پر ملڪي سطح تي آهن. واضح رهي ته ان کان اڳ آمريڪي سفير ڪيمرون منٽر صدر آصف علي زرداري توڙي پاڪستان جي اعليٰ شخصيتن سان ملاقاتون ڪندو رهيو آهي، آمريڪا جو مستقل موقف اهو آهي ته ريمنڊ ڊيوس کي سفارتي استثنيٰ حاصل آهي، تنهن ڪري سندس خلاف ڪا ڪارروائي نٿي ٿي سگهي. بشڪريه ڪاوش
     
  20. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: هئه ڙي پرين تنهنجا انگل۔۔۔ مسجد جا لائوڊ بند ڪريو۔۔

    شمائلا مايوس ٿي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي، ​

    لاهور ۾ آمريڪي شهري ريمنڊ ڊيوس هٿان مارجي ويل پاڪستاني شهري فهيم جي بيواهه شمائلا ڪنول ريمنڊ ڊيوس کي آزاد ڪرڻ جي ڪوششن بعد مايوس ٿي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي، شمائلا ڪنول انصاف جون سڀ اميدون ختم ٿيڻ تي اهڙو انتهائي قدم کنيو، ڪالهه شام جو خودڪشي جي ڪوشش ڪرڻ بعد جڏهن کيس اسپتال داخل ڪرايو ويو ته هوءَ هوش ۾ اچڻ بعد اهو چئي رهي هئي ته مون کي انصاف ناهي مليو، ڪالهه شام جو ريمنڊ ڊيوس هٿان قتل ٿيل نوجوان فهيم جي بيواهه شمائلا ڪنول زهريلي دوا پي پاڻ کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، کيس انتهائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ فيصل آباد جي هڪ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، رپورٽن موجب انصاف ملڻ جي اميد ختم ٿيڻ تي شمائلا ڪنول ڪالهه گهر ۾ پيل زهريلي دوا پي ڇڏي ۽ ننڊ واريون گوريون کائي ڇڏيون، جنهن بعد هوءَ بيهوش ٿي وئي ۽ کيس اسپتال داخل ڪرايو ويو، اسپتال ۾ علاج بعد جڏهن هوءَ هوش ۾ آئي ته هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن منهنجي مڙس جو قاتل بچي وڃي ٿو ته پوءِ مون لاءِ زندهه رهڻ جو ڪو به مقصد ناهي، هن چيو ته انصاف جي اميد ختم ٿيڻ تي مون خودڪشي ڪرڻ چاهي، هوڏانهن ڊاڪٽر سندس حياتي بچائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا ۽ هوءَ رات جو فوت ٿي وئي.هوڏانهن مقتول فهيم جي ڀاءُ به ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن انصاف نه مليو ته هو به آپگهات ڪري ڇڏينديو.
    بشڪريه ڪاوش __________________
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو