منهنجي ٿر جو حال پڇندي ته روئي پوندين!

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ جواد رضا طرفان آندل موضوعَ ‏14 فيبروري 2011۔

  1. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    منهنجي ٿر جو حال پڇندي ته روئي پوندين! ​


    طاهر مري/ڀٽ ڀائٽي تعلقو کپرو



    اسان جي سنڌ جي هن صوبي ۾ روز ڪا نه ڪا مصيبت ڪاهي پوندي آهي، جنهن جي لاءِ اسان پنهنجي پيارن ماڻهن کي تڙپندي موت جي منهن ۾ ويندي ڏسندا آهيون، پر پوءِ به اسان ڪجهه به نه ڪري سگهندا آهيون.
    اهڙو ئي واقعو اسان جي علائقي اندر ٿيو آهي. ضلعي سانگهڙ جي کپري تعلقي اندر اڇڙي ٿر جنهن ۾شيخيو راڄڙ جي بندوقن جي ٺڪائن تي فرنگين جا جهاز پنهنجي رستي ۾ ڪري پوندا هئا، اهو اڇڙو ٿر جنهن ۾ سورهيا بادشاهه ”وطن يا ڪفن، آزادي يا موت“ جي نعري هيٺ فرنگين خلاف جنگ جو اعلان ڪيو هو. انهيءَ اڇڙي ٿر جي ماڻهن کي مفت تعليم ڏيارڻ لاءِ حاجي محمد عثمان مري پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري، غريب ۽ مسڪين ماڻهن کي تعليم ڏياري، اڳوڻي سينيٽر مرحوم حاجي ابراهيم هنڱورجي علائقي ۾ مٺي پاڻي جي سهوليت کان وٺي کوهه کوٽائڻ لاءِ وس آهر ڪوششون ورتيون، پر انهيءَ اڇڙي ٿر ۾ ڪالهه ٿيل واقعي علائقي کي لوڏي ڇڏيو. ڪالهه شام جو ڳوٺ ملوڪ جو تڙ (يو سي بلاول هنڱورجو) ۾ ٽي ناريون ريحانه، بانو ۽ جيئندي ڇڇر پنهنجين سهيلين سان گڏ پنهنجي گهر جي اڱڻ کي ليپو ڏيڻ لاءِ ويجهي تڙ يا کوهه مان پاڻيءَ ڪڍي، واريءَ جي ڀِٽ جي ڀر ۾ گارو ٺاهي رهيون هيون ته اوچتو مٽيءَ جي هڪ وڏي ڀڪ انهن معصوم نارين جي مٿان ڪري پئي، جنهن ۾ ٻه ناريون ريحانه ۽ بانو ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويون، جڏهن ته جيئندي کي زخمي حالت ۾ عزيز علاج لاءِ کڻي وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ ئي فوت ٿي وئي. اهڙي طرح پنهنجي گهر جي خوبصورتيءَ لاءِ اڻميا خواب ڏسندڙ ٽئي ناريون پنهنجي زندگيءَ تان هٿ ڌوئي وڃي ابدي آرامي ٿيون.
    هاڻي سوچڻ جهڙي ڳالهه اها آهي ته اڇڙي ٿر مان چونڊيل نمائنده ۽ اعليٰ آفيسر اڃا تائين هن واقعي جي متاثرن جي لاءِ هڪ لفظ به نه ڳالهايو آهي، پر ان کان سواءِ ٿر جي نالي ۾ ڪروڙين رپيا امداد وٺندڙ غير سرڪاري تنظيمن ۽ ادارن پاران به هن مسئلي تي ڪوبه بيان نه ڏنو آهي. لکين رپيا ٽي اي، ڊي اي ۽ ڪاغذي ڪارروائين ۾ خرچ ڏيکاري پنهنجي پيٽ کي ڀريندڙ آفيسرن ۽ غير سرڪاري ادارن جي آفيسرن کي اڇڙي ٿر جي غريب ۽ مسڪين ماڻهن مٿان هڪ رتيءَ جيتري به همدردي نه ٿي آهي. اسان مطالبو ٿا ڪريون ته هن علائقي اندر اکيون پوري ووٽ گهرندڙ چونڊيل نمائندن کي هن علائقي جي پٺتي پيل عوامي جي اهنجن ۽ تڪليفن کي گهٽائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. جڏهن ته اسان غير سرڪاري تنظيمن کي فنڊ ڏيندڙ عالمي ادارن کان پڻ مطالبو ٿا ڪريون ته اهڙين غير سرڪاري تنظيمن کي فنڊ ڏيڻ کان اڳ ۾ انهن آفيسرن جي اثاثن جي جاچ ڪري پوءِ کين فنڊ ڏين ته جيئن غريبن جي نالي تي پنهنجا ڀڀ ڀريندڙ آفيسرن کي به پنهنجي خاندان جي تڪليفن جيان، غريب ماڻهن جي تڪليفن جو احساس ٿئي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو