• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

زيڊ اي ڀٽو ڪيس: ذڪر ڪجهه ڪردارن جو

ڦلپوٽو فقير

سينيئر رڪن
محترمه شهيد بينظير ڀٽو 10 اپريل 1986ع تي جڏهن پهريون دفعو بنواس کان وطن واپس وري هئي تڏهن هن کان ڪجهه صحافين لاهور ۾ پڇيو هو ته جڏهن هوءَ واپس اقتدار ۾ آئي ته ڇا پاڻ ڀُٽو صاحب جي ڦاسي جي تحقيق ڪرائيندي؟ محترمه جواب ڏنو هو ته اقتدار ۾ واپس اچڻ کانپوءِ هوءَ پنهنجي والد جي ڦاسي جي سلسلي ۾ ڪا به انتقامي ڪارروائي ڪرڻ جو ارادو بلڪل نٿي رکي. اڄ هن نشست ۾ ڪجهه اهڙن ڪردارن جي بابت گفتگو ڪبي، جن جو هن شرمناڪ ۽ ظالماڻي عدالتي قتل ۾ سڌو يا اڻ سڌو هٿ هو. شايد ان تذڪري سان ايندڙ وقت جي مورخن جي ڪا رهنمائي ٿئي. بهرحال، ”رڪارڊ“ کي درست رکڻ لاءِ هنن عجيب ڪردارن جي اپٽار ۽ پچار سان هنن سان شناسائي ضرور ٿيڻ گهرجي. پهريون اهم عجيب ڪردار آهي برگيڊيئر راحت لطيف جو. جڏهن 4 اپريل 1979ع تي رات جو ٻين وڳي شهيد ذوالفقار علي کي تخته دار تي تشدد ڪري زوري زبردستي چاڙهيو ويو، تڏهن هي برگيڊيئر راولپنڊي ڊويزن جو ڊپٽي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مقرر ٿيل هو. هيءُ شخص اصل ۾ راولپنڊي جي پراڻي سينٽرل جيل جو فوجي انچارج هو ۽ چوڌري يار محمد ته نالي ماتر ئي جيل سپرينڊنٽ هو. هن جي اجازت کانسواءِ ڪو به ماڻهو يا فرد، پکي پکڻ مرحوم ڀٽو صاحب سان ملاقات ڪري نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي کاڌي پيتي جي ڪا سوکڙي يا شيءِ اندر جيل ۾ کڻي وڃي سگهيو ٿي. هن جا ڀٽو صاحب جي قيد خاني تائين روزانو مسلسل ڪئي ڦيرا لڳندا هئا ۽ جنرل ضياءُ الحق سان سڌو سنئون رابطو هئس. ڦاسي وقت به هي آفيسر فوجي يونيفارم ۾ موجود هو ۽ هن ئي شهيد جو لاش هوائي جهاز تي لاڙڪاڻي پهچايو. بعد ۾ ڊڪٽيٽر خوش ٿي، هن کي ميجر جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني! سندس زير قيادت ڪرنل رفيع هو ۽ حال حيات آهي، جيڪو حال ۾ ئي ٽي وي تي به اچي اندر جو غُبار ۽ مَن جو مونجهارو هلڪو ڪري چڪو آهي. هن فرعون صفت صاحب جي بادشاهي سڄي جيل تي مُسلط هئي ۽ خاص طور تي سيڪيورٽي جي حوالي سان ۽ جنهن بيرڪ ۾ شهيد کي بند ڪيو ويو هو، ان جي چوگرد هن جا فوجي سپاهي، جيل جي سپاهين واري يونيفارم پايو 24 ڪلاڪ ڊيوٽي تي موجود هوندا هئا، ڇاڪاڻ ته ڳجهن ادارن جون رپورٽون هيون ته ياسر عرفات جي الفتح، يا مُعمر قذافي جي ڪمانڊو فورس ڪڏهن به جيل تي اوچتو حملو ڪري، ڀٽو صاحب کي آزاد ڪرائي سگهي ٿي. هن جي سخت گير ۽ بي رحم قيادت ۾، آخري وقت تي جيل جو عملو ”ڪال ڪوٺي“ ۾ وارد ٿيو ۽ هن جي چنگيزي احڪامن تي مرحوم کي زبردستي اسٽريچر تي ليٽائي ڦاسي گهاٽ ڏانهن کڻي ويا. جن ستن اهلڪارن هن ڪڌي ڪم ۾ حصو ورتو، انهن جا نالا هن ريت آهن: (1) هيڊ وارڊن احمد خان ولد مراد خان BP-815. هي تحصيل ۽ ضلعي جهنگ جو رهواسي هو ۽ پهرين مئي 1985ع تي جيل ڊپارٽمنٽ مان رٽائر ٿي ڪجهه سالن کانپوءِ فوت ٿي ويو. (2) محمد اسحاق خان ولد رسم خان BP-1432. هن جو تعلق راولا ڪوٽ، ضلعي ڀونچ، آزاد ڪشمير سان هو. پهرين جنوري 1986ع تي رٽائر ٿيو. (3) هيڊ وارڊن عبدالرحمان ولد حيات بخش. بعد ۾ بهاولپور جيل بدلي ڪرائي ويو. (4) فيصل الله، وارڊر، ڪجهه وقت کان پوءِ فيصل آباد جيل مان هڪ قيدي جي فرار ٿيڻ تي نوڪري کان ڊسچارج ڪيو ويو. (5) زوار حسين وارڊر، بستي بلوچان، ضلعي جهنگ جو باشندو هو. بعد ۾ فيصل آباد جيل بدلي ڪيو ويو. (6) بشير حسين وارڊر (7) غلام شبير شاهه وارڊر. پنجاب جي مختلف جيلن ۾ نوڪري ڪري رٽائر ٿيو ۽ هاڻ شايد هن دنيا ۾ نه آهي. انهن سڀني سان ڪنهن به جاکوڙي صحافي يا تاريخ نويس ڪڏهن به انٽرويو يا ملاقات ڪرڻ جي زحمت نه ڪئي! ڇو ته ظالم ضياءُ جي مارشل لا ۾ پريس تي سخت پابندي هئي. پر جڏهن وري پ پ جو دور آيو ته ڀٽو شهيد ڪيس کي کولڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ڪئي ويئي!
شهيد بينظير ڀٽو صاحبه پنهنجي ڪتاب “Daughter of the East” (پُورب ڄائي) ۾ هڪ هنڌ تي لکيو آهي، هن جي عظيم والد جي ظاهر ظهور عدالتي قتل واري ڪيس ۾ غير جانبداري ۽ ڏيکاءَ جي انصاف جو به پري پري تائين پرتو ڏسڻ ۾ نه ٿي آيو. پاڻ ايف ايس ايف جي هڪ ڊپٽي ڊائريڪٽر عبدالخالق جو ذڪر ڪري ٿي. هڪ ڏينهن محترمه جڏهن عدالت ۾ آئي ته ڏٺائين ته هو ڊپٽي ڊائريڪٽر مختلف شاهدن ۽ مشيرن کي سيکاري رهيو هو ته هنن کي ڪورٽ ۾ ڪيئن ڪوڙ ڳالهائڻو آهي. ”هيءُ ڪهڙو انصاف آهي،“ محترمه زوردار آواز ۾ پڪاريو ۽ سخت احتجاج ڪيو. ماڻهو چوڌاري گڏ ٿيڻ لڳا. ”هن کي هتان ٻاهر ڪڍو،“ عبدالخالق پوليس وارن کي حڪم ڏنو، ”هن کي هتان هڪدم ٻاهر وٺي وڃو.“ عبدالخاق ٻيهر رڙ ڪئي، ايتري ۾ گوڙ ٿيو ته ڀٽو صاحب کي جيل مان وٺي پيا اچن ۽ عدالت ۾ داخل پئي ٿيا. محترمه چوي ٿي ته مون نٿي چاهيو ته منهنجو والد منهنجي هيءَ پريشان حالت ڏسي وڌيڪ پريشان ٿئي. بعد ۾ خبر پيئي ته سرڪاري ڌر هڪ گهر، ڪورٽ جي بلڪل ڀرسان مسواڙ تي ورتو هو، جتي ڪوڙن شاهدن جي خاطر مدارت جو جوڳو بندوبست ڪيل هو ۽ انهن کي رات ڏينهن هٿرادو شاهدين جون پٽيون پڙهائبيون هيون. اهو بدنام زمانه ڊپٽي ڊائريڪٽر، رٽائرمنٽ کانپوءِ فيصل آباد جي پيپلز ڪالوني ۾ رهائش پذير ٿيو ۽ سندس شاندار ڪارڪردگي تي خوش ٿي مرد مومن ضياءُ هن کي سرڪاري خرچ تي حج ڪرايو.
مولوي محمد حيات اهو غُسال آهي. جنهن شهيد جي ميت کي غسل ڏنو. مولوي صاحب راولپنڊي جي ڪنهن مسجد ۾ خطيب يا موذن هو. هن پاڻ هڪ جاکوڙي صحافي اديب جاوداني کي ٻڌايو ته غسل کان پهريائين ۽ غسل کانپوءِ هڪ سرڪاري (فوجي) فوٽوگرافر ڀٽو صاحب جي لاش جون ڪيتريون ئي تصويرون ڪڍيون هيون. هن ڪم کان فارغ ٿي جڏهن مولوي صاحب جيل کان ٻاهر وڃڻ لڳو ته جيل وارن هن کي ٽيهه رپيا ڏنا، پر مولوي صاحب اها رقم وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جيل وارن شايد اهو سمجهيو ته اها ”فِي“ (Fee) گهٽ آهي. هنن مولوي صاحب کي پنجاهه رپيا ڏنا. ان تي مولوي صاحب هنن کي چيو: ”ٻيلي ڪجهه ته خيال ڪريو، جنهن شخص کي مون هاڻ غسل ڏنو آهي. اهو ڪڏهن اسان جو بادشاهه هو، ۽ منهنجي ڇا اها سعادت گهٽ آهي ته آئون پنهنجي بادشاهه کي غسل ڏئي آيو آهيان، ميان هي ڪو پيسن جو معاملو ڪونهي.“ ان جاکوڙي صحافي ٻڌايو ته اهو مولوي صاحب ڪافي وقت راولپنڊي ۾ ڪسمپرسي جي زندگي گذاري آخر ۾ غائب ٿي ويو. شايد شهيد راڻي جي هن درويش مولوي سان ڪڏهن به ملاقات ڪو نه ٿي سگهي ۽ پنهنجي بادشاهه سان محبت ڪندڙ مولوي صاحب هاڻ هن جهان ۾ ڪٿي نه ڪٿي گمنامي جي زندگي گهاري رهيو هوندو يا وري راهه عدم يا پرلوڪ پڌاريو هوندائين.
ان وقت جي آءِ جي جيل پنجاب چوڌري نذير اختر ٻڌايو ته، مرحوم جي ڦاسي جا سمورا انتظام هن پنهنجي نگراني ۾ ڪرايا ۽ جنهن وقت ڦاسي آئي ته هن ۾ اهو دکدائڪ ۽ دلخراش منظر ڏسڻ جي بلڪل همت نه رهي ۽ هن پنهنجي اکين جي آڏو رومال رکي ڇڏيو هو. آءِ جي نذير اختر هاڻ هن دنيا ۾ ناهي، پر هن پنهنجي حياتي ۾ اهو انڪشاف ڪيو هو ته فوجي ۽ انٽيليجنس آفيسر، مرحوم وزيراعظم کان ڪجهه ڪاغذن تي زبردستي دستخط ڪرائڻ لاءِ آيا هئا ۽ ڀٽو صاحب جي انهيءَ ڳالهه تي هنن سان تلخ ڪلامي ٿي پيئي ۽ هن ڪاوڙ ۾ هڪ دوا جي شيشي هڪ برگيڊيئر جي منهن تي هڻي ڪڍي هئي. راولپنڊي جيل جي سپرنٽينڊنٽ يار محمد کي شهيد اڪثر چوندو هو ته ”يار محمد، تم بري آدمي نهين هو، مگر افسوس ڪه تمهاري هاٿون سي وه ڪام ليا جا رها هي جس ڪي باعث تمهارا نام تاريخ ۾ اڇهي لفظون ڪي ساٿ نه آسڪي گا.“ هڪ ٻئي ڀيري يار محمد کي چيائين ”ياد رکنا يار محمد، تاريخ ۾ تمهارا نام صرف اس لئي آئي گا ڪه مين يهان تمهاري پاس رها هون.“ اڄ ضياءُ الحق جي فقط ڏاٺ فيصل مسجد ۾ پوريل آهي ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو نالو تاريخ جي عظيم ۽ امر هستين ۾ شامل آهي. ”صلهِ شهيد ڪيا هي، تَب و تاب جاودانه“. شينهن جي هڪ ڏينهن جي زندگي، گدڙ جي سو سالن جي زندگي کان بهتر آهي.

ليکڪ محترم جناب گل محمد عمراڻي صاحب
روزانه ڪاوش تان ورتل
 
Back
Top