آمريڪي صدر اوبامه دنيا جو مصروف ماڻهون سمجهيو ويندو آهي۔۔۔ پر کيس جڏهن به موقعو ملندو آهي۔۔۔ پنهنجي پراڻن دوستن سان ملڻ سو به ساڳئي پراڻي انداز سان نه وساري سگهيو آهي۔۔۔ جيئن هي وڊيو ڏسو۔۔۔
ٻاهر جي دنيا جا ماڻهون يا اڳواڻ عام زندگي گذاريندا آهن، اسان وارن جيئان نه هوندا آهن، پروٽوڪول، سڪيورٽي، وڏائي ۽ مغروري ۔۔۔
زنده دل قومون ۽ زنده دل انسان،
جڏهن آءُ برطانيا ۾ هيس ته وزير ۽ اسيمبلي ميمبر روڊن، مارڪيٽن ۽ گهٽين ۾ ويهي عام ماڻهونءَ جي زندگي گذاريندي ڏٺا هئا ۔۔۔ نه ڪو دهشتگرديءَ جو ڀئو نه مخالف ڌر جي موچڙن جو ڊپ ۽ نه وري عام ماڻهونءَ مان کين نقصان هوندو آهي ۔۔۔ انڪري هو دوستن جا دوست ۽ قوم سان سچا ۽ نوڪر هوندا آهن ۔۔۔
اهو ئي سبب آهي ته اهي قومون دنيا جي مٿان حڪمراني ڪرڻ سان گڏ پنهنجين قومن کي دنيا جي هر سهولت ميسر ڪن ٿا ۔۔۔
الله پناهه ڏي اسان وارن رهزن چورن ۽ ڌاڙيل حڪمرانن کان ۽ انهن جي ساٿياري ادارن کان ۔۔۔ آمين