مست
سينيئر رڪن
السلام عليڪم دوستو!
جيئن ته شوبز جي رپورٽنگ جي ذميداري اسان جي سرپرست اعلى ۽ ڀلوڙ شاعر سائين نثار ناز جي آهي پر پنهنجي ڪجهه مصروفيتن جي ڪري هو انٽرنيٽ تي وقت نه ٿا ڏئي سگهن۔۔ فون تي ڪچهري دوران پاڻ زور ڀريو هئائون ته هميشه وانگر ڪالهه 13 فيبروري تي به پاڻ سنڌ سلامت شوبز جي لاءِ هڪ تقريب جي تصوير ڪشي ڪئي اٿن پر ڪجهه مصروفيتن جي ڪري باقاعده رپورٽ جي صورت ۾ جلدي ونڊ ڪري نه ٿا سگهن۔۔ ان ڪري اها ذميواري مون کي ڏنائون ته ان تقريب جي تصويرن کي مان سنڌ سلامت تي ونڊ ڪيان۔۔۔ جيئن ته مست هڪ مست آهي ان کي رپورٽنگ ڏانءُ اچي ڪونه پر پنهنجي استاد جي چوڻ تحت هي ونڊ پنهنجي ڀڳل ٽٽل لفظن سان ڪيان پيو۔۔

تاريخ 13 فيبروري تي اردو ادب جي مشهور شاعر فيض احمد فيض جو 100هون جنم ڏڻ هو، جنهن جي لاءِ هڪ تقريب سنڌ ثقافت کاتي پاران سنڌ ميوزيم ۾ پڻمنعقد ڪئي وئي۔۔۔ هن تقريب جي لاءِ سنڌسلامت جي نمائندي طور سنڌ سلامت جي سرپرست اعلى نثار احمد ناز کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي، جنهن کي مان ڏيندي سنڌ سلامت جي طرفان سائين نثار ناز ۽ سنڌ سلامت جي رڪن محترمه شبانه امتياز سمون هن محفل ۾ شرڪت ڪئي۔۔۔ هن تقريب جي خاص مهمان صوبائي وزير ثقافت محترمه سسئي پليجو هئي ان کان علاوه سنڌي زبان جا جڳ مشهور ليکڪ شاعر پڻشريڪ ٿيا، جن ۾ مشهور ڏاهو ابراهيم جويو، امداد حسيني، زيب سنڌي، سحر امداد، زيب نظاماڻي ۽ ٻيا ڪيترائي سنڌي ۽ اردو ٻوليءَ جا شاعر (جن جا نالا مون کي نه ٿا اچن) شامل آهن۔۔۔
تقريب جي دوران سسئي پليجو، ابراهيم جويو، پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. ان کان علاوه آخر ۾ سنڌي اردو مشاعرو پڻ ٿيو جنهن ۾ مختلف شاعرن زيب نظاماڻي، سحر امداد، امداد حسيني ۽ زيب سنڌي سميت مختلف شخصيتن پنهنجي لفظن ۽ شاعريءَ سان فيض احمد فيض جي شخصيت کي ڀيٽا پيش ڪئي

هاڻي اچو ته تصويري صورت ۾ هن محفل جو سير ڪريون۔۔۔
محفل جو بينر جيڪو ثقافت کاتي پاران ڇپرايو ويو۔۔۔
سنڌ جي ادبي محفلن جي سونهن سائين نصير مرزا هن تقريب جي ڪمپيئرنگ ڪندو رهيو
تقريب جي خاص مهمان محترمه سسئي پليجو جو هڪ انداز۔۔۔

هيٺين نوجوان فنڪارن فيض احمد فيض جي مختلف ڪلامن تي رقص ۽ ٽيبلو پيش ڪيو، جن مان محترمه زيب نظاماڻي جي طرفان ڊائريڪٽ ڪيل انقلابي ٽيبلو ”بول ڪه لب آزاد هين تيري“ تمام گهڻي مڃتا ماڻي، ۽ شرڪت ڪندڙن تاڙيون وڄائي هن خوبصورت ٽيبلو جو داد ڏنو