محترم سجاد تونيا صاحب ۔۔۔ سدا جيئي سنڌ ۽ دل جي گهراين سان ڀليڪار
اوهان سان گڏ اسانکي به تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان جهڙو سهڻو سنڌي اسانجي سنگت ۽ اوطاق تي اچي رڪن ٿيو آهي ۔۔۔
ڀلا سائين نظير حسين جو ڪو تعرف؟ محترم سائين اسانجي هن اوطاق کي پنهنجن عزيزن ۾ متعارف پيو ڪرائي ۔۔۔ سندس جا لک لائق ۔۔۔ هاڻ خبر پئي ته سنڌ سلامت جا سڄڻ ڪجهه ظاهر ته ڪجهه لڪل به آهن ۔۔۔
دوست سجاد! ٿورن لفظن ۾ اسانجي هن اوطاق جو مقصد ۽ متو آهي ” سنڌ ۽ سنڌيت“ اميد آهي ته اوهين دوست هن اوطاق کي پنهنجي اوطاق سمجهي سنڌ ۽ سنڌيت جي مد ۾ خدمت ڪندا ته جيئن قومي فرض پورا ٿين۔ اچو ڙي سورن واريون ڪريون سور پچار ۔۔۔
اوهانکي هڪ ڀيرو ٻيهر ڀليڪار ۔۔۔ سڄڻ آيا ڀلي آيا ۔۔۔ سهڻن جو سلامي ٿيان
رب العالمين سنڌ ۽ سنڌين کي هميشه آباد ۽ شاد رکي ۔۔۔ آمين