• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منجهد جا 12 ٿيا آهن۔۔۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
ٿورو تصور ڪريو۔۔۔۔۔۔۔
منجهد جا 12 ٿيا هجن ۔۔۔۔۔ جولائي جهڙا گرم ڏينهن هجن۔۔۔۔ توهان پنهنجي پياري ملڪ جي ڪنهن بس سٽاپ تي نٽهڻ اُس ۾ ڪنهن سواري جي انتظار ۾ بيٺا هجو۔۔۔۔۔۔۔۔ ۽ سواري پري پري تائين نظر نه ايندي هجي ۔۔۔۔ توهان ڪهڙي روپ ۾ هوندا۔۔۔۔
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔​

پر هتي مان توهان کي ڏيکاري رهيو آهيان ته جيڪڏهن توهان عربن جي شهر دبئي ۾ هجو ۔۔۔۔۔۔۔۔ جولائي جو سخت گرمي وارو مهينو هجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ منجهد جا 12 ٿيا هجن۔۔۔۔۔ ۽ توهان ڪنهن بس سٽاپ تي سواري جي انتظار ۾ هجو ۔۔۔۔۔۔

554 اٽيچمينٽ ڏسو

جي ها دبئي جو بس سٽاپ پڻ ايئر ڪنڊيشنڊ آهي۔۔۔۔
 
وڃ ڙي، اسان کي دبئي مان ڪڍڻ کان پوءِ ايئرڪنڊيشن لڳايا اٿن، اسان ته بس اسٽاپن تي اُس پيا سڙهندا هياسين.
very20hot.gif
 
واهه جادوگر سائين ، هاڻي ڏسڻو آهي ته دُبئي ڪير ٿو وڃي، جيڪو سڀ کان پهريان دُبئي وڃي انهي جڳهه تي پنهنجي تصوير ڪڍي هتي شيئر ڪري
 
سائين هتي رڳو ڪوچ بسون ايئرڪنڊيشنڊ آهن، اُنهن ۾ چڙهي ڳوٺ وڃون ٿا ته جڏهن ٿڌي بس مان لهي ڳوٺ جي گرميءَ ۾ لهون ٿا ته اصل سڙي وڃون ٿا۔۔
 
Back
Top