السلام عليڪم سنڌ سلامت فورم جا دوستو دوستو گذريل سبق ۾ اسان ڪمپيوٽر جا ٻاهريان پارٽس جيئن مائوس ، ڪي بورڊ وغيره وغيره ريموو ڪري لڳائڻ سکيا هئاسين اڄ اسان ڪمپيوٽر جي اندرين پارٽس جي باري ۾ سکنداسين ته ڪمپيوٽر ۾ انٽرنل ڪهڙا پارٽس استعمال ٿيندا آهن ڪمپيوٽر ۾ انٽرنل پارٽس ڪافي حساس هوندا آهن ان ڪري احتياط جي ضرورت پوندي آهي هيٺين تصوير ۾ انٽرنل پارٽس ظاهر ڪيا ويا آهن . هتي انهن پارٽس جي باري ۾ وضاحت ڪندو هلندس ته اهي ڪهڙي ڪم لا۽ استعمال ٿيندا آهن هارڊ ڊرائيو: هارڊ ڊرائيو ۾ اسان پنهنجي ڊيٽا کي محفوظ رکندا آهيون هي ڊرائيو اسان جي پرائمري اسٽوريج ايريا هوندي آهي اسان جي ونڊوز ، تصويرون ، سافٽ ويئرس سڀ ڪجهه هارڊ ڊرائيو ۾ محفوظ هوندو آهي . ايڪسپينشن سلاٽ : ايڪسپينشن سلاٽ اسان کي وڌيڪ ڊيوائس لڳائڻ جي سهولت مهيا ڪري ڏيندو آهي جيئن لين ڪارڊ، سائونڊ ڪارڊ ، ٽي وي ٽي وي ٽيونر ڪارڊ وغيره وغيره اهي سڀ ايڪسپينشن سلاٽ ۾ لڳندا آهن مدر بورڊ : مدر بورڊ هڪ سرڪٽ هوندو آهي هن جوڪم اهو آهي ته هي هارڊ ڊرائيو ، ريم ، سي . پي . يو کي ڪنيڪٽ ڪندو آهي . ڊي وي ڊي روم : اسان ڊي وي ڊي روم جي ذريعي سي ڊي ، ڊي وي ڊي ٻنهي کي هلائي سگهو ٿا سي ڊي روم : اسان سي ڊي روم جي ذريعي صرف سي ڊي کي هلائي سگهو ٿا ڊي وي ڊي رائيٽر : اسان ڊي وي ڊي رائيٽر جي ذريعي سي ڊي ، ڊي وي ڊي هلائي ۽ سي ڊي ۽ ڊي وي ڊي رائيٽ به ڪري سگهو ٿا ڪومبو ڊرائيو : اسان ڪومبو ڊرائيو جي ذريعي سي ڊي ۽ ڊي وي ڊي هلائي سگهو ٿا پر رائيٽ صرف سي ڊي ڪري سگهو ٿا فلاپي ڊرائيو : فلاپي ڊرائيو ۾ صرف پڙهن جي صلاحيت رکي ٿئي هي پهرين قسم جي اسٽوريج جو قسم هئي هاڻي ته اها مارڪيٽ ۾ ملي ئي نه پئي هاڻي ان جي جڳهه تي يو ايس بي اچي وئي آهي فلاپي ڊرائيو ۾ ايم بي سائيز کي رکڻ جي صلاحيت هوندي هئي پر يو ايس بي ۾ جي بي يعنى گيگا بائيٽ جي ڊيٽا رکي سگهو پيا . ويڊيو ڪارڊ : ويڊيو ڪارڊ کي مون جهڙا فقير ماڻهو گرافڪس ڪارڊ به چوندا آهن هن ڪارڊ جو ڪم مانيٽر کان سسٽم کي ڪنيڪٽ ڪندو آهي Visul Display ڪلرس جو سڄو ڪم هن جي ذمي هوندو آهي . پاور سپلائي : پاور سپلائي جو ڪم ڪمپيوٽر کي پارو سپلائي ڪرڻ آهي سائونڊ ڪارڊ : سائونڊ ڪارڊ جو ڪم آواز کي ان پٽ ۽ آئوٽ پٽ مهيا ڪندو آهي سائونڊ ڪارڊ الڳ به ملندو آهي ۽ ڪنهن ڪنهن سسٽم ۾ سائونڊ ڪارڊ بلٽ ان هوندو آهي . لين ڪارڊ : لين ڪارڊ يا وري اين ،آ۽ ، سي : Net work Interface Card جتي ٻه يا ٻن کان وڌيڪ ڪمپيوٽر هجن ته اتي اسان لين ڪارڊ جي ذريعي انهن کي پاڻ ۾ ڪنيڪٽ ڪندا آهيون . لين ڪارڊ ڪمپيوٽرن کي پاڻ ۾ ڪنيڪٽ ڪندو آهي . پراسيسر : پراسيسر جو ڪم ڪمپيوٽر کي هلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي اهي ڪمپيوٽر کي هلائڻ ۾ اسپيڊ مهيا ڪندو آهي فين : فين جو مطلب ته نالي مان ئي ظاهر آهي ته پکو اهو پراسيسر جي مٿان لڳل هوندو آهي ته جيئن ان کي هوا ڏئي سگهي ريم : ريم جو ڪردار پڻ هڪ اهم ڪردار آهي ريم پڻ ڪمپويٽر کي هلائڻ دوران اسپيڊ ۽ سپورٽ ڪندي آهي جيڪڏهن ريم نه هوندي ته ڪمپيوٽر اسٽارٽ ئي نه ٿيندو مختلف قسمن جا ايرر ظاهر ڪري بيهي رهندو . دوستو اڄوڪي سبق لا۽ ايترو ڪافي آهي اڄ اسان ڪمپيوٽر ۾ استعمال ٿيندڙ پارٽس بابت معلومات حاصل ڪئي سين ايندڙ سبق ۾ انهن کي کولي ڪري لڳائڻ بابت سکنداسين . تسيتائين اجازت
جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٽيون ........... فقير۔۔۔سائين تمام بهترين نموني سان اوهان هي اسانکي سبق پڙايو۔۔۔آهي۔ پر اوهان هر سبق ۾ هيٺان جيڪي سوال پڇندا آهيو اُهي هن دفعي نه آهي۔۔۔؟؟
جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٽيون ........... پسند ڪرڻ جي مهرباني ادا باقي سوال جوابن جو هڪ الڳ سلسلو شروع ڪرڻ جو پيو سوچيان ان سلسلي ۾ سنگت جو ڇا خيال آهي ؟ هڪ دفعو ٻيهر مهرباني ادا سدائين گڏ
جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٽيون ........... فقير سائين هڪ شيء سپر ڪومبو به مارڪيٽ ملي ٿو ان جو ذڪر اوهان ڪونه ڪيو آهي ۽ ٻيو عرض ته ڪومبو ۽ سپر ڪومبو ۾ فرق ڪيئن سڃاڻجي انجي پڻ ٿوري وضاحت ٿي وڃي ته بهتر۔
جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٽيون ........... سائين سڀ کان پهريائين ته توهان جي مهرباني ، جو توهان کي مون جو ٿريڊ پسند آيو باقي مون جي خيال ۾ ادا ابو زين سپر ڪومبو ۽ ڪومبو جي باري ۾ وضاحت ڪري چڪو آهي ... وري به مان ان حوالي سان تفصيل تمام جلد سنگت آڏو رکندس مهرباني سائين سدائين گڏ
جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٽيون ........... فقير سائين توهان هن سلسلي کي تمام بهترين نموني سان هلائي رهيا آهيو۔۔۔ ڪمپيوٽر جي بنيادي استعمال جون شيون اوهان تمام دوستن کي سٺي نموني ٻڌائي رهيا آهيو۔۔ مون جهڙا سيکڙاٽ دوست به اوهان جي هنن موضوع جي ڪري پنهنجي معلومات ۾ اضافو ڪري رهيا آهن۔۔
جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٽيون ........... فقير توهان اسانکي هارڊويئر جي معلومات ڏئي رهيا آهيون شل فقير آباد شاد رهين اهڙا ڪم جو ڪري رهيا آهيو فقير نالو آهي اوهانجو پر فقيرن جا صدر آهيو۔۔
جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٽيون ........... بس ادا اها ته توهان جي وڏائي چئبي جو توهان به پاڻ کي سيکڙاٽ چئي رهيا آهيو بس صرف توهان دوستن جي دعا گهرجي پسند ڪرڻ جي مهرباني ادا مست قرب ٿورا ....................... سدائين گڏ
جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٽيون ........... وڏي مهرباني ڳوٺائي توهان جي پسند ڪرڻ جي مهرباني ان کان علاوه پروموشن ڏيڻ تي پڻ قرب ............. پر ادا هتي سردار ٿيڻ لا۽ کوڙ اميدوار اٿئو ڪٿي اهي ٻڌي نه وٺن ۽ وري پو۽ ڪرائن مون جي ميمبر شپ معطل فقيري تان )))) سدائين گڏ
جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٽيون ........... فقير سائين جي بادشاهي هميشه قائم ء دائم رهي سائين تمام سٺو ڪم پيا ڪيو ان کان اڳتي منهجو سکڻ جو سبق شروع ٿيندو سنق چوٿين جو انتظار رهندو
جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٽيون ........... تمام ڀلو ۔۔۔ ڀلا هاڻي اهو به ٻڌايو ته سي پي يو جي اندر موجود انهن پرزن منجهان به ڪي اهڙا پرزا آهن جيڪي جي نه لڳائيجن ته ڪمپيوٽر مشين اسٽارٽ نه ٿيندي۔۔۔؟ انهن پرزن بابت به جيڪڏهن ٿوري گهڻي وصف ٿي وڃي ته هوندر سبق ياد بيهندو۔۔۔؟
جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٽيون ........... مهرباني فقير جا ٿورا جو اسان جهڙن جاهلن کي به ڪمپيوٽر جي سولي نموني ڄاڻ ڏئي رهيو آهي۔ گهڻيون ڳالهيون سمجه ۾ اچي رهيون آهن۔ اميد آهي ته هي سلسلو پورو ٿيڻ کانپوء اسان به گهڻو ڪجه سکي وينداسين۔ مون عرض ڪيو هو ته ڪورل ڊرا سيکارڻ لاء مست جيڪو سلسلو شروع ڪيو هو اهو رڪجڻ نه کپندو هو۔ ادا ابوزين ۽ مست کي گذارش آهي ته ٻئي ملي ڪري اهو سلسلو ٻيهر شروع ڪن۔
جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٽيون ........... السلام عليڪم سائين سائين مان ڪوشش ڪريان پيو اميد ته توهان سان گڏ ٻين دوستن کي پڻ فائدو ملندو CD Drive جيڪڏهن مائي ڪمپيوٽر ۾ ائين لکيل ظاهر ٿئي ته اها سي ڊي ڊرائيو آهي DVD RAM Drive : جيڪڏهن مائي ڪمپيوٽر ۾ ائين لکيل ظاهر ٿئي ته اها ڊي وي ڊي رائيٽر ڊرائيو آهي DVD/CD-RW Drive : جيڪڏهن مائي ڪمپيوٽر ۾ ائين لکيل ظاهر ٿئي ته اها ڊي وي ڊي ريڊر ۽ سي ڊي رائيٽر يعنى ڪومبو ڊرائيو آهي DVD-RW Drive : جيڪڏهن مائي ڪمپيوٽر ۾ ائين لکيل ظاهر ٿئي ته اها ڊي وي ڊي ۽ سي ڊي رائيٽر يعنى سپر ڪومبو ڊرائيو آهي . سائين توهان جي ٻئي سوال جو انتظار رهندو سدائين گڏ
جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٽيون ........... وڏي مهرباني ادا عمران توهان جي جو توهان فقير جي ٿريڊ ۾ ريپلائي ڪري حوصلا افزائي ڪئي اميد ته اهڙا قرب ڪندا رهندو سدائين گڏ
جواب: هارڊ ويئر ڪلاس ٽيون ........... ادا عرس پريو صاحب توهان جي وڏي مهرباني جو توهان کي فقير جي شيئرنگ پسند آئي باقي انشاء الله تمام جلد چوٿون سبق به اچي ويندو ٿورا .................... سدائين گڏ