ترڪيءَ جي غير معمولي سياسي ۽ اقتصادي طاقت

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏15 فيبروري 2011۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ترڪيءَ جي غير معمولي سياسي ۽ اقتصادي طاقت

    ريسپ طيب اردگان-وزيراعظم ترڪي/زاهده شيخ

    هلندڙ صديءَ جي پهرين ڏهاڪي جي پڄاڻيءَ تي اسان ان ڳالهه جو چڱيءَ طرح مشاهدو ڪري سگهون ٿا ته عالمي سياسي ۾ طاقت جو مرڪز ڪيئن هڪڙو هنڌ ڇڏي ٻئي هنڌ پهتو آهي.

    عالمي معيشت جي نظرداري ڪندڙ ملڪن جي ٽولي، جي-7 جي جڳهه، جي- 20 واري ٽولي والاري ڇڏي آهي. ان ڳالهه جي سخت ضرورت پيدا ٿي وئي آهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي جوڙجڪ ۾ اهڙا سڌارا آندا وڃن جو اها ڪائونسل، بين الاقوامي نظام جي بهتر نمائندي ڪري سگهي. برازيل، هندستان، ترڪي ۽ ٻيون اڀرندڙ طاقتون عالمي اقتصادي معاملن ۾ تمام گهڻو اثرائتو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. يورپي يونين اڪيلي سر طاقت جي توازن ۾ ايندڙ انهن تبديلين جي اثرن کان بچي نٿي سگهي. معاشي گهوٽالي ان مسئلي کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي ته يورپ کي وڌيڪ حرڪت ۽ وڌيڪ تبديليءَ جي ضرورت آهي. يورپ جون پورهيي جون بازارون ۽ سماجي سلامتيءَ جو نظام غشيءَ واري حالت ۾ آهن. يورپ جي معيشت چرڻ پرڻ کان لاچار آهي ۽ منجهس ڪوبه واڌارو ڪونه پيو ٿئي. يورپي سماج پوڙها ۽ مدي خارج بڻجي رهيا آهن. ڇا يورپ انهن مسئلن کي منهن ڏيڻ کان سواءِ نئين عالمي نظام ۾ پنهنجي اڳوڻي قوت ۽ ساک سلامت رکي سگهي ٿو؟

    ساڳئي وقت، يورپي يونين جي ميمبر شپ جي اميدوار جي حيثيت ۾ ترڪي، پنهنجي متاثر ڪندڙ معاشي ترقيءَ ۽ سياسي مضبوطيءَ وسيلي عالمي اسٽيج تي پنهنجي ڇاپ هڻي رهي آهي. ترڪيءَ جي معيشت يورپ جي سڀ کان وڌيڪ تيزيءَ سان وڌندڙ ڪافي وڏي معيشت آهي ۽ 2011ع ۾ به ان جو اهو واڌارو جاري رهڻو آهي. اقتصادي تعاون ۽ ترقيءَ جي تنظيم (Organization for Economic Cooperation and Development) جي ڪيل اڳڪٿيءَ مطابق 2050ع ۾ ترڪي يورپ جي ٻيو نمبر وڏي اقتصادي طاقت هوندو. عالمي بازارين جي چوٽ چڙهيل نقصانن واري دور ۾ ترڪي هڪڙي اهڙي اڀرندڙ بازار آهي، جتي پرڏيهي سڌي سيڙپ ٿورو خطرو کڻي ڪافي وڏو نفعو حاصل ڪري سگهي ٿي. جنهن قوت جي يورپي يونين وٽ تمام گهڻي کوٽ آهي، ترڪي ان توانائيءَ جي جوڀن سان ڄڻ ته ڦاٽي ٿو ۽ ڳالهه رڳو ترڪيءَ جي اقتصادي قوت جي ناهي. ترڪي پنهنجي پرامن ڪارڪردگيءَ (Soft Power) جي وسيلي هڪڙي عالمي توڙي علائقائي ڪردار ادا ڪندڙ قوت بڻجي رهيو آهي. ان پنهنجي ڪئين ڏهاڪن کان نظرانداز ڪيل پاڙي کي وري ڳولهي هٿ ڪيو آهي. اهو بلقان کان وٺي وچ مشرق ۽ ڪوهه ڪاف تائين پيش قدميءَ واري خارجه پاليسي کي ڪتب پيو آڻي.

    ترڪيءَ جي وسيع علائقي جي ملڪن سان ”مسئلن کان آجي، لا محدود واپار“ واري پاليسيءَ جو مقصد آهي، پنهنجي يا ڌارئي جو خيال ڪرڻ بنا اسان سڀني لاءِ هڪجهڙي سلامتيءَ جو اجهو قائم ڪرڻ. اسان جا دنيا جي 61 ملڪن سان ويزا کان سواءِ سفر ڪري سگهڻ وارا لاڳاپا آهن. اها ڪا نئين قسم جي عثماني سلطنت اڏڻ جي رومانوي ڳالهه ناهي. اها عالمي نظام جي هڪڙي نئين تصور تي ٻڌل حقيقت پسند پاليسيءَ جي ڳالهه آهي ۽ آءٌ سمجهان ٿو ته اهو تصور ايندڙ ڏهاڪي ۾ يورپي يونين لاءِ مددگار ثابت ٿيندو.

    اسان جي زوردار سفارتي ۽ سياسي ڪوششن عراق، افغانستان ۽ بلقان ۾ ڪارائتا نتيجا ڏنا آهن ۽ ايران جي ائٽمي پروگرام جي معاملي ۾ به سٺو ڦل ڏنو آهي. ترڪيءَ عالمي نوعيت جي سمورن اهم سياسي ميدانن ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اسان جو پنهنجي ڪوششن ۽ محبتن سان حاصل ڪيل ان حاصلات تان دستبردار ٿيڻ جو ڪوبه ارادو ڪونهي.

    ترڪي يورپي يونين جي ميمبر بڻجي وڃي ته پوءِ اها پرڏيهي ۽ اقتصادي پاليسيءَ کان وٺي، علائقائي سلامتي ۽ سماجي هم آهنگي تائين وڏي پئماني جي سمورن مسئلن تي يورپ جي مفادن وٽان پنهنجو ڪردار ادا ڪندي.

    توڻي جو ترڪيءَ جي يورپي يونين جي ميمبر بڻجڻ واري ڳالهه صاف ظاهر ۽ پڌري پٽ پيل آهي ۽ ڪنهن به وضاحت جي محتاج ڪانهي ته به اها يورپي يونين جي ڪن ميمبر ملڪن پاران هٿرادو نموني کڙي ڪيل رڪاوٽن جو شڪار ٿي پئي آهي.

    بدقسمتيءَ سان اڄڪلهه ان سلسلي ۾ ڳالهين ٻولهين جو عمل اهڙي نموني ڪونه پيو هلي، جنهن نموني هلڻ گهرجي. ترڪيءَ جي ميمبر شپ لاءِ جن معاملن تي ڳالهيون ٻولهيون ڪري ڪنهن نبيري تي پهچڻو آهي، انهن جي 22 اسمن مان باقي رهيل 18 اسمن تي سياسي بنياد بڻائي، بحث مباحثي جي عمل کي روڪيو ويو آهي. اها ڳالهه اهڙو باز نطيني شهنشاهيت جي زماني واري بدنام سازشن جهڙو رخ اختيار پئي ڪري، جنهن جهڙي سازش سان هن کان اڳ يورپي يونين جي ميمبريءَ جي ڪنهن به اميدوار جو واسطو ڪونه پيو آهي. ان قسم جي روش سان فقط ۽ فقط ترڪيءَ کي منهن ڏيڻو پيو پوي.

    اسان جي يورپي دوستن کي لازمي طرح اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته يورپي يونين ۽ ترڪيءَ وچ ۾ لاڳاپا تيزي سان فيصلي ڪن موڙ تي پهچي رهيا آهن. يورپي يونين کي ڦهلائي وڌيڪ ويڪرو ڪرڻ جي ويجهڙائيءَ وارين لهرن دوران ترڪيءَ جي مقابلي ۾ پکيڙ جي لحاظ کان ننڍن ۽ معاشي طرح ڪمزور ملڪن کي، سندن ترقيءَ جي واڌاري، جمهوريت جي مضبوطي ۽ کين تحفظ مهيا ڪرڻ واسطي يورپي يونين آرام سان ۽ ڪنهن به رڪاوٽ وجهڻ کان سواءِ ڀليڪار ڪري پنهنجو ميمبر بڻايو آهي. هن انهن ملڪن کي علائقي ۾ امڪاني طرح اڀرڻ واري افراتفري ۽ بي چينيءَ جي رحم ڪرم تي ناهي ڇڏيو، پر ترڪيءَ جي باري ۾ اهڙي قسم جو ڪوبه لحاظ نه ڪيو ويو آهي. انهن ذڪر ڪيل رياستن جي ابتڙ ترڪي هڪڙو علائقائي بااثر ملڪ ۽ هڪڙو اهڙو بين الاقوامي ڪردار آهي، جنهن جي صلح سانت وارو اثر رسوخ ۽ پنهنجي مضبوطيءَ سان پيرن تي بيٺل چڱي موچاري معيشت جو دائرو ڏينهون ڏينهن وڌيڪ وسيع ٿي رهيو آهي.

    جيڪڏهن يورپي يونين جي ميمبر شپ لاءِ ترڪيءَ جي ڏنل درخواست رد ڪئي ويئي ته ترڪي اهو ڌڪ برداشت ڪري سگهي ٿي. پر اهو ڪو دليل ڪونهي ته ان ڪري ترڪيءَ کي يورپي يونين جي ميمبر شپ کان محروم رکيو وڃي. ڪڏهن ڪڏهن آءٌ حيرانيءَ وچان سوچيندو آهيان ته ائين ته ناهي ته ترڪيءَ جي طاقت سندس يونين جي ميمبر بڻجڻ ۾ رڪاوٽ آهي. جيڪڏهن ائين ٿيو ته پوءِ ماڻهوءَ کي سوچڻو پوندو ته آخر يورپ جا پنهنجي حڪمت عملي بابت ويچار ۽ حساب ڪتاب ڪهڙا آهن.

    اڌ صديءَ کان وڌيڪ عرصو اڳ ترڪيءَ پهريون ڀيرو يورپ جو دروازو کڙڪايو هو. ماضيءَ ۾ ترڪي کي يورپي يونين جي ضرورت خالص معاشي سببن جي ڪري هئي. اڄ جي ترڪي ٻي ترڪي آهي. هاڻي اسان اهڙو ملڪ نه رهيا آهيون، جيڪو ڪنهن حڪم جي بندي عرضدار وانگر سدائين ويٺو يورپي يونين جي در تي انتظار ڪندو.

    ڪن ماڻهن جي دعويٰ آهي ته ترڪيءَ وٽ يورپ کان سواءِ ٻي ڪا ڪارائتي واهه ڪانهي. جڏهن ترڪي ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ اقتصادي ويجهڙائيءَ (Integration) جي ليول جو حساب ڪتاب ڪبو ۽ خاص ڪري اها حقيقت ذهن ۾ رکبي ته آزاد ۽ جمهوري يورپ ترڪيءَ ۾ سڌارا آڻڻ جو هڪڙو وڏو ڏڍ ۽ سهارو پيئي رهي آهي. پر ان ڳالهه جي ابتڙ ڳالهه به اوتري ئي صحيح آهي. اها هيءَ ته يورپ وٽ ترڪيءَ کان سواءِ ٻي ڪابه ڪارائتي واهه ڪانهي. خاص ڪري اهڙي عالمي نظام ۾ جتي طاقت جو توازن هڪڙي مان ڦري ٻيو پيو ٿئي. يورپي يونين کي اڳي جي مقابلي ۾ اڃا به وڌيڪ طاقتور، وڌيڪ شاهوڪار، وڌيڪ ڀائيچاري واري ۽ محفوظ يونين ٿيڻ لاءِ ترڪيءَ جي ضرورت آهي. مون کي اميد آهي ته اسان جا يورپي دوست اجائي گهڻي دير ٿي وڃڻ کان اڳ اها حقيقت سمجهي وٺندا.

    (دي نيشن ڪراچي جي ٿورن سان)


    ورتل ؛ عبرت اخبار کان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو