• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عامل جي عمل جو ردِ عمل

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
عامل جي عمل جو ردِ عمل


جڏهن گناھ ڪندو هو انسان لڪل
تڏهن بيماريون به هونديون هون وسيل

سج چنڊ ڪتيون سارو نظام سڳو آهي
نقصان ۾ آهي ته اها آهي انساني نسل

اڄ برائي ٿئي پئي ٿي جو برملا هر طرف
هي نيون نيون بيماريون براين جو ردِ عمل

اڳي ٻڌندا ها سين ڪينسر وارو ناهي بچندو
هاڻي ڏسون ٿا بيماريون هن کان آهن وڌيل

ڪاٿو ناهي براين جو نه ئي بيمارين جو
بينمارين سان برايو وڃن وڌنديون مسلسل

اها غير فطري زندگي گذارڻ جي قيامت آهي
اهو ترجمو ڏاڏل کي صادقن جو ائين آهي ٻڌل​
 
جواب: عامل جي عمل جو ردِ عمل

اڄ برائي ٿئي پئي ٿي جو برملا هر طرف
هي نيون نيون بيماريون براين جو ردِ عمل

ادا ڏاڏل بلڪل سهي۔۔واقعي ۾ اڄ اهڙيون ته بيماريون ٿين ٿيون جن جو نالو ٻُڌي وڏا پريشان ٿي ٿا وڃن
 
جواب: عامل جي عمل جو ردِ عمل

سائين هي حضرت محمدِ مصطفيٰ جي حديثِ مبارڪ مون پڙهي ان کان پوءِ اهي الفاظ جڙي پيا ته جڏهن انسان برايون لڪي ڪندو آهي تڏهن بيماريون به لڪل رهنديون آهن ۽ جڏهن انسان گناھ سرعام ڪندو ته بيماريون به ظاهر ٿينديون سو ٽٽل لفظن ۾ ترجمو پيش ڪرڻ جي سعادت حصل ڪئي سون اوهان جي پسند ڪرڻ جي مهرباني ۔
وسلام
 
Back
Top