• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

۽ هاڻ بحرين

نثارابڙو

نائب منتظم
دوستو! جيڪو انقلابي ۽ ظلم جي خلاف آواز تيونس کان اڀريو ان مصر ۾ پنهنجو اثر ڏيکاريو ۽ هاڻ بحرين جو عوام روڊن تي ۽ رستن تي اچي چڪو آهي ۔۔۔ اڄ جي خبر ته ان جهد ۾ 2 ماڻهون به شهيد ٿي چڪا آهن ۔۔۔ ڏسجي ته فيض احمد فيض جي نظم جيئان سب تاج اڇالي جائينگي ۔۔۔ وارو عمل ڪٿان ڪٿان ٿي گذري ٿو ۔۔۔۔

تيونس ۽ مصر وارا ته هڪ قوم هئا جن کي فوج مارڻ کان انڪار ڪيو پر ڇا سنڌي عوام روڊن تي ايندو ته فوج نه ماريندي ۔۔۔ ڇا پاڪستان (پنجاب ) جي فوج وٽ سنڌين لا ڪو رحم دل ۾ هوندو ۔۔۔؟

اهو ته ڪجهه وقت ٻڌايو آهي ۽ ڪجهه ٻڌائيندو پر پو به پروانا ڪٿي ٿا باهه جي لئو کان ڊڄن ۔۔۔

پتنگن پهه ڪيو مڙيا مٿي مچ

http://imageshack.us
 
جواب: ۽ هاڻ بحرين

سائئين ليڪن بحرين جو قوم ۾ اڃا ايتري نفرت ڪانه ٿي پاتي وڃي جيتري مصر جي عوام ۾ هئي باقي اسان جي ملڪ جي عوام ان سيللاب ۾ ايندي يا نه انهن جا ضمير ڪڏنهن جاڳندا ان جي باري ۾ ڪجه نٿو چئي سگهجي مون کي قائد اعظم محمد علي جناح جو اهو قول بلڪل ياد ٿو اچي ۔۔۔
جڏنهن هو راتين جو راتيون ويهي جاڳندو ۽ پڙهندو هو محنت ڪندو هو تنهن تي ان کي ڪنهن چيو ته اوهان ايترو چو ٿا جاڳو ان جي جواب ۾ قائد اعظم چيو ته مان ان ڪري ٿو جاڳان ڇو ته مهنجي قوم ننڊ ۾ آهي انهن کي سجاڳ ڪرڻ لاء مون کي جاڳڻو آهي ۔۔۔۔ سو اسان وٽ به ڪو اهڙو شخص هجي يا پيدا ٿي جيڪو ان قوم کي جاڳائي باقي اسان جا حال پورا آهين
 
سائين سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ته ڪافي جاڳڻ وارا جوان نظر پيا اچن وڌيڪ ڏسجي ته وقت تي ڪير ٿو جاڳي ڪير ٿو نڀاڳ جي ننڊ ڪري.
 
جواب: ۽ هاڻ بحرين

سائين سنڌي غريبي ء مفلسيء ۾ ايترا ته ورتل آهن جو هنن کي هڪ ويلو ڪاٽڻ لاء ڪافي جتن ڪرڻا پون ٿا، رهي سهي ڪسر ٻوڏ پوري ڪري ڇڏي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

پر انقلاب اهڙين صورتحالن مان ئي جنم وٺندو آهي جڏهن حد ٿي ويندي آهي ته پوء لي ڪي ڊوبني واري ڳالهه ٿي ويندي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔پوء ان طوفان کي ڪير به روڪي نه سگهندو
ان جو مثال تازوئي ڏسي چڪا آهيون
 
جواب: ۽ هاڻ بحرين

ادا هينئر جا ڏينهن دنيا ۾ هڪ عجيب قسم جا ڏينهن آهن ، بهرحال انسان انهي تي ڪجهه به نٿو ڇئي سگهي پر ايترو ضرور لکڻ پسند ڪندس ته اهي ڏهاڙا اسان کي ڪنهن خاص ڳالهه طرف متوجهه ڪري رهيا آهن۔۔۔
 
Back
Top