دوستو اسان جي سنڌ سلامت جي هڪ معتبر ۽ لاڏلي رڪن جذبات ۾ اچي پنهنجي نوڪري تان استعفا ڏئي ڇڏي آهي۔۔۔۔۔
ان جو سبب پنهنجي ڪاوڙ تي قابو نه رکڻ هجي، جذباتي هجڻ هجي يا گرمي جو وڌي وڃڻ هجي۔۔۔۔ يا ڪو ٻيو پر پنهنجي هر ڪيفيت ۾ ياد رکڻ گهرجي ته توهان جي ڪمايل روزي صرف توهان جو خرچو پاڻي پورو نه ٿي ڪري پر ان تي يقينن توهان جا گهر وارا، ٻار بچا ۽ والدين پڻ انحصار ڪن ٿا۔۔۔ ان کانسواءِ نوڪري واري ماڻهون کي معاشري ۾ پڻ عزت وارو مقام حاصل هوندو آهي۔۔۔۔
اهي سڀ ڳالهيون سموريون سون پر ياد رکو ته بي روزگار ماڻهن ۾ خرابيون پيدا ٿيڻ جو عنصر به وڌي ويندو آهي۔۔۔۔۔ ڇو ته جڏهن هن کي ڪرڻ لاءِ ڪجهه به نه ملي ته هو ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ ۾ اخلاقي ۽ سماجي حدون پڻ لنگهي سگهي ٿو۔۔۔۔ اهڙي طرح هو پنهنجي عمر ته وڃائيندو ئي پر انهن والدين جي دلين کي پڻ ڏکارو ڪندو آهي جن ڄمندي ئي سندس لاءِ آفيسر ٿيڻ وارا خواب ڏٺا هئا۔۔۔۔۔ جن اهو سوچيو هو ته اسان جو اولاد اسان لاءِ پوڙهائپ جو سهارو ٿيندو۔۔۔ ۽ اهڙي طرح هو پڻ اولاد کي ڪامياب نه ڏسي وقت کان اڳ عمر پوري ڪري وٺندا آهن ۔۔۔۔۔۔۔ ان جو به ذميوار اهو ئي اولاد آهي۔۔۔۔
ٺيڪ آهي ته خود داري ماڻهون ۾ هجڻ گهرجي پر جذبات تي قابو رکڻ به هڪ گُر ٿيندو آهي جنهن تي هرڪو عمل ڪري نه سگهندو آهي ۔۔۔۔۔ ائين نه ٿئي ته خود داري کي بچائيندي بچائيندي عزت هٿ مان نڪري وڃي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۽ پوءِ عزت کي بچائڻ لاءِ بي عزتي به برداشت ڪرڻي پوي۔۔۔۔۔
دوستو اسان جي ملڪ ۾ نوڪري بچائڻ لاءِ هڪ خاص ڪلچر آهي جنهن مان نڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي۔۔۔۔ ان ڪلچر جي جهلڪ توهان هن تصوير کي ڏسي محسوس ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔
مان پنهنجي ان دوست کي اهو به ٻڌائيندس ته هر انسان کي پنهنجي عهدي جي حساب سان پريشانيون ڏسڻيون پونديون آهن۔۔۔۔۔ جنهن جي جهلڪ هن تصويرڪشي ۾ پڻ خوب رکيل آهي۔۔۔۔۔
مٿين سڀني ڳالهين کي نظر ۾ رکندي مان پنهنجي پياري دوست ”محترم عبدالوهاب قمبراڻي“ کي نماڻو عرض ڪندس ته پنهنجي فيصلي تي هڪ دفعو ٻيهر نظرِ ثاني ڪري۔۔۔۔۔
ادا ياد رکو ته جيڪڏهن توهان جي نوڪري توهان کي مهيني جا 29 ڏينهن خوش رکندي هجي ۽ هڪ ڏينهن ناخوش ڪري ته ان کي برداشت ڪيو ۔۔۔ ڇو ته توهان ان هڪ ڏينهن جي مقابلي ۾ 29 ڏينهن خوش ۽ مطمئين هوندا آهيو۔۔۔۔۔
مون کي يقين آهي ته توهان منهنجي ڳالهه تي غور ضرور ڪندا ۔۔۔۔۔ نه ته هي سنڌ سلامت جو سمورو ساٿ توهان کي بهترين صلاح ۽ مشورو ڏيندو ۔۔۔۔۔۔۔۔ پاڻ کي اڪيلو ڪڏهن به محسوس نه ڪجو ۔۔۔۔۔ سک ۾ به اسان توهان سان گڏ هياسين ۽ هاڻي به اسان توهان سان گڏ آهيون۔۔۔۔۔۔