• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مرحبا مرحبا اي حبيب ڪبريا مرحبا

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
مرحبا مرحبا اي حبيب ڪبريا مرحبا​



مرحبا مرحبا اي حبيب ڪبريا مرحبا
اصطفيٰ دلين مان دلِ مصطفيٰ مرحبا

اي ساقيءِ دنيا و عقبيٰ مرحبا مرحبا
اڳ هر مشڪلڪشا جا مشڪلڪشا مرحبا

هر هڪ کي تنهنجي شفاعت جي آس آهي
تون مالڪِ ڪوثر ۽ مونکي پياس آهي
گناهن کي نه ڏسجان اها التماس آهي
اي اول آخر جي دعا مرحبا مرحبا

تو کي ڇا سمجهان تون رحمته العالمين آهين
تون دنيا تي مظهرِ رب العالمين آهين
تون امامِ انبياء و ناصحين و صالحين آهين
زهرا تنهنجي زينت حسنين تنهنجا لاڏلا مرحبا

تو اول تو آخر تون ظاهر تون باطن تون
تون سامت تون ناطق تون تون اعلان آهين
تنهجي زبان مان ظاهر خدائي فرمان
تون ياسين تون قرآن تون طحيٰ مرحبا​
 
Back
Top