رستم سنڌشير ميربحر: پروفيسر غلام شبير شاھ حسيني ڪنڊيارو،سنڌ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ جوکيو شفيق احمد طرفان آندل موضوعَ ‏15 فيبروري 2011۔

  1. جوکيو شفيق احمد

    جوکيو شفيق احمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 جنوري 2010
    تحريرون:
    113
    ورتل پسنديدگيون:
    223
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪراچي،سنڌ
    @};-
    رستمِ سنڌ شير مير بحر 21 جون 1924ع ڌاري ڪنڊيارو تعلقي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ موسو ديرو هڪ فاريسٽ آفيسر علي محمد مير بحر جي گهر جنم ورتو جنهن ابتدائي تعليم ڳوٺ ڀونئر ۾ حاصل ڪئي، سندس ٻارائي(ننڍپڻ) واري عمر ۾ ئي ملھ ڏي لاڙو خوب رهيو ايتريقدر جو ننڍن ٻارن سان سندري ٻڌڻ ۾ ڪا به هٻڪ نه ڪندو هو ۽ آس پاس (آسي پاسي) جي ميلن ملاکڙن ۾ ملھ جي ميدان ۾ هي نوجوان سڀني کان پھرين اچي حاضِر ٿيندو هو. ان شوقَ ۽ ذوقَ کي ڏسي مائٽن به کيس ان ئي فن لاءِ تيار ڪيو.کير مکڻ کارائي سندس شوقَ ۾ اِضافو ڪيو.ننڍي ميدان کان وڏي ميدان تي پهچڻ ۾ هن گھڻا ڏينهن ڪو نه لاتا. ڏسندي ڏسندي هر ماڻهوءَ جي دِل جي ڌڙڪن بنجي ويو ۽ شوق رکڻ وارا ماڻھو هڪ ٻئي کي ٻڌائيندا وتن پيا ته يار اجهو اِهو نوجوان جيڪو سانوري رنگ جو سامهون بيٺل نظر اچي ٿو اِهو اٿئي شير ميربحر. بابا هٿ وجھڻ ۽ گهمائڻ ۾ دير ئي ڪو نه ٿو ڪري . ماشاءَالله سندس صورت به سھڻي آهي ۽ قد آور جَوَانُ طاقت وارو ٿو ڏسجي . پر يار سندري ٻڌڻ سان ئي هٽي نه ٿو پر ڇڪي سوڙهو ڪري اهڙو ته جانٺو ٿوهڻي جو ڪو ملھ جند ئي نه ٿو ڇڏائي سگهي پر وڏا ڪي ملھ جا گُرَ اٿس . کَٻِي ، اندرين ، منڙي ڪولابي تي کڻڻ ، ڦيرائڻ پر ڇا ٻڌايانءِ وٺڻ ۽ دسڻ . ڀلا جوان تنهنجي سچي راند . مطلب ته ڏاڍو ڪو دلير آهي.
    شيرجي پھلوانيءَ جي هاڪَ هلي ويئي اُتَرَ ۽ لاڙ ۾ جيڪي به ملاکڙا ٿين پيا ته هر هڪ جي زبان تي اِهو آواز هو ته شير مير بحر به ملھ وڙهڻ ايندو . شير مير بحر لاءِ هيءُ ٻڌڻ ۾ ايندو هو ته اَگَرُ (جيڪڏهن) ڪو پھلوان هن کي للڪاريندو هو ته کيس ائين (هيئن) چوندو هو ته تون سندرو ٻڌي ويھ ته فلاڻي پھلوان کي دسي پوءِ توکي به ٿو ڏسان ۽ واقعي هڪ ملھ کي دسي ۽ ٻئي سان اُتي جو اُتي شروع ٿي ويندو هو . جيڪڏهن ڪنھن ملاکڙي ۾ شير نه هوندو هو ته ماڻھو اُن ملاکڙي کي اڌورو (اڻپورو) سمجهندا هئا مطلب ته ملاکڙي جو ميدان به شير جو انتظار ڪندو هو.
    هن مايه ناز (عظيم) پھلوان جيڪو ملھ جي فن ۾ پنھنجو نالو ڇڏيو آهي سنڌ اُن کي صدين تائين وساري نه سگھندي.
    رستمِ سنڌ پنھنجي سڄي عمر (ڄمار) هن شوق ۾ گذاري ٻارائي (ننڍپڻ ) کان جواني ۽ جوانيءَ کان پيريءَ تاءِ (تائين) هن ملڪي ۽ غير ملڪي جيڪو رڪارڊ قائم ڪيو اهو (انجو) احوال مختصر (وِچُور) هن ريت آهي.
    شير مير بحر ملھ جي باقاعده شروعات لاڙڪاڻي ضلع جي نئين ديري شهر کان شروع ڪئي هئي. ملاکڙو ملھ پھلوان الھجڙيو سمون سنڌ سطح تي ٿيو جنھن ميدان ۾ شير مير بحر ان وقت جي مشهور چئن وڏن پھلوانن احمد لھر ، لال محمد ڦل ، اقبال جوڳي ۽ پنڃل مھر کي دسي ”سونو ٻلو“ (سون جو تمغو) حاصل ڪيو.ان بعد 1962ع ڌاري ھالا سنڌ ۾ سَروَرِي جَمَاعَت جي روحاني پيشوا (رَهنُما) مخدوم طالب الموليٰ جي نگراني ۾ ٿيل ”هالا دنگل“ ۾ هن ”چيڪو سلاويه“ جي پھلوان ”جارج زيبسڪو“ کي ملھ ماري مُلڪَ جو مان مٿانهون ڪيو. اهڙي طرح 1963ع ۾ نياز اسٽيڊيئم حيدرآباد ۾ ٿيل ھڪ بين الاقوامي ملاکڙي ۾ ھندوستان جي ناموَر (ناليواري) پھلوان ٽائيگ گرنام سنگھ کي لاڳيتو ٻئي ملھون ماري خوب داد حاصل ڪيو. ھڪ يادگار ۽تاريخي مقابلو ”لکي محل“ ۾ ٿيو جنھن ۾ ”فيلڊ مارشل صدرِ پاڪستان ايوب خان ، يحيٰ خان ۽ رياست خيرپور والي مير ”هز هائينس مير مراد علي خان“ شرڪت ڪئي. ان ملاکڙي ۾ شير مير بحر لاڳيتو ٽن وڏن پھلوانن کي ملھ ۾ ڏندڙائي (مُنهن ڀَر ڪيرائي) ڇڏيو جنھن تي صدر ايوب ۽ مير صاحب شير کي خوب داد ڏنو ۽ ايوب خان چيو ته شير واقعي ”شير“ هي (شير اَصُلي شينھن آهي). اهڙي طرح نيشنل اسٽيڊيئم ڪراچي ۾ هڪ آسٽريليا جي پھلوان ”آسٽن“ کي ڦيرائي پٽ تي اهڙو ھنيو جو آسٽن به نه پيو سگهي هي آسٽريليا جو پھلوان شير مير بحر کان قد ۾ ٻيڻو هو. شير مير بحر اگر (جيڪڏهن ) پهرين ملھ مارجي پوندو هو ته ساھ پٽڻ کانسواءِ ئي ملھ لاءِ للڪاريندو ھو ۽ پوئين ملھ ۾ سرسي ڪڍي سگنت سان ملندو هو انڪري ھي چواڻي به مشهور ٿي ويئي ته پوئين ملھ شير جي آھي لاڙ جا ملھ پھلوان شير کان ڏاڍو ڪيٻائيندا هئا خاص ڪري شيدي ملھ پھلوان ، انب شيدي ، بکر شيدي ، انبڙي شيدي ، اسماعيل شيدي به وڏا مقابلا ڪيا آخر ڪار (نيٺ) آڻ مڃي ويٺا. ملھ جي خدمت ۾ راڻيپور جي سَيَّدَن شير مير بحر کي خوب تاتيو . سيّد احمد شاھ جيلاني ته کيس پنھنجي بنگلي ۾ رهائي . سچا گيھَ ، ڇيلا ۽ بادام جا گهوٽا کارائي پئي شوق ملهايو ۽ ملاکڙن جا وڏا مقابلا ڪرائي پئي روح ريجھايو.
    حقيقت ۾ پھلواني به ھڪ پُراڻو شوق آهي ۽ حضرت علي (ڪَرَمَ اللهُ وَجهَهُ) لاءِ مشهور آهي ته هڪ مشهور پھلوان کي دسي ملھ جو بنياد (پيڙھ) رکيو . جڏھن اُهو پھلوان حضرت علي (رضي الله عنه) کان شڪست کائي ٿو ته ڏسي هيئن چئي ٿو ته ” يه شڪست فاش مجھ ڪو آج پھلي بار هي ، مين سمجھتا ھون تو خود حيدر قرار هي.“
    حقيقت ۾ هيئن هو ته اُن پھلوان کي پھرياءِ خبر نه هئي ته مديني پاڪ جو ھي ملھ ڪير آهي. بھر حال حضرت جنيد بغدادي رحمة الله عليہ به هڪ مشهور ملھ پھلوان هو جنھن اھلِبيت جي عِزّت ڪندي ھڪ ملھ سيّد زاده کي ڏئي رسول خدا وٽان ولايت جو فيض حاصل ڪيو . مطلب ته ملھ جي پھلواني ھڪ عزت مند فن آهي جنھن سان انسان جي عظمت ۽ شان وڌي ٿو مگر (پَرَّ ) ملاکڙن جي ميدان شريعت جو خاص خيال رکڻ گھرجي.
    املاء : حارث احمد جوکيو ابن جوکيو شفيق احمد
     
  2. جوکيو شفيق احمد

    جوکيو شفيق احمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 جنوري 2010
    تحريرون:
    113
    ورتل پسنديدگيون:
    223
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪراچي،سنڌ
    جواب: رستم سنڌشير ميربحر: پروفيسر غلام شبير شاھ حسيني ڪنڊيارو،سنڌ

    سنڌ جو ڀلوڙ جوڌو جوان شير ميربحر بهادر ملهه سنڌ جو شان هيو پر ڇا هي ته هو هڪ سنڌي هيو ۽ جي غير سنڌي هجي هان ته هو بين الاقوامي طور سڃاتو وڃي هان ، ليڪن هن ملڪ م سنڌين ڀلوڙ ماڻهن جي ڪابه عزت عظمت ڪانهي ڇو ته پاڪستان جو سسٽم غير عادلانه منصفانه ظلم تي جوڙيل آهي وڌيڪ ڇا لکجي ، افسوس اسان سنڌي ماڻهو به پنهنجي سنڌ جي ڪردارن کي وساري بقدري ڪري رهيا آهيون ، مسڪين سنڌي جوکيو شفيق احمد
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: رستم سنڌشير ميربحر: پروفيسر غلام شبير شاھ حسيني ڪنڊيارو،سنڌ

    سائين محترم ۔۔۔ لک ٿورا جو اوهين شير سنڌ ياد ڏياريو آهي ۔۔۔ اسين جڏهن ننڍڙا هوندا هئاسون ته شير سنڌ جي ملاکڙن جا پڙها ۽ پوسٽر ڏسندا هئاسون ۽ جڏهن لفظ شير سنڌ ايندو هو ته اسانجي من ۾ پڻ بهادري جا جذبا جاڳندا هئا ۔۔۔ شير جون ڳالهيون ان وقت ۾ سر عام زبان هيون ۔۔۔

    اهي ڏينهن اهي شينهن ۔۔۔ سائين محترم اسان سنڌي نه فقط پنهنجن هيرن جهڙن ماڻهن کي وساريندا وڃون پر سنڌ ۾ موجود هنر ۽ رانديون پڻ آهستي آهستي ڪري ختم ٿينديون وڃن ڇاڪاڻ تي سرڪاري سطح تي سنڌ يتيم آهي ۽ سنڌ جي هر شئي پو ثقافت هجي ٻولي هجي، اقتصاديات هجي يا هجن رانديون ۽ ملاکڙا سڀ ختم ٿيندي نظر پيا اچن ۔۔۔

    بس هڪ الله ۾ اميد آهي ته ڪو ڏينهن اهڙو ضرور ايندو جو سنڌي قوم هڪ مٺ ٿيندي ۽ اسين پاڻ ملهائينداسون ۔۔۔ هٿ مٿي آهن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو