لفظ عالمين جي تحقيق:انساني جماعت جون مختلف قومون ۽ مولانا عبيد الله سنڌيءَ رح جو، قومن بابت نطريه_جوکيو شفيق احمد هن مضمون جي معني مطلب غرض غايت هي آهي ته: امام انقلاب مولانا عبيد الله سنڌي جي نظريه فڪر مطابق، جيڪو هن قرآن حڪيم الله جي ڪلام منجهان استنباط ڪيو آهي ته؛ ڪابه قوم دين ڌرم مذهب سان ناهي جڙندي، وڌيڪ تفصيل امام انقلاب عبيد الله سنڌيءَ جي شهره آفاق تفسير نالي (مجوعه تفاسير پبلشر حڪمت قرآن سنڌي جماعت سوسائيٽي ڀرسان لانڍي نيشنل هاء ويز، ڪراچي، سنڌ ) جو ڪتاب يا هتي هيٺ پي.ڊي.ايف ملاحظه ڪندا، ڇو ته هتي تفسير الهام الرحمن ميسر ناهي جو اهو شيئر ڪجي، اها منهنجي مجبوري آهي، انڪري جو آئون جهجهي مقدار ۾ ٽائيپ نه ٿو ڪري سگهان، تنهن ڪري اردو کي برداشت ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته امام انقلاب عبيد الله سنڌي رح جن جا شاگرد عرب، ترڪ، روسي، انڊين ۽ بنگالي سنڌي هوندا هيا، جن گهڻو تڻو مواد انگلش عربي اردو سنڌيءَ ۾ لکندا ويندا هيا ۽ مولانا عربيءَ ۾ بيان اسپيچ ڪندو ويندو هيو. پاڻ جلاوطني دوران بيت الله الحرام و العتيق تشريفا و تڪريما، مڪة المڪرمه منجهه هميشه عربيءَ ۾ درس ڏيندا هيا.لنڪ حاضر آهي. جوکيو شفيق احمد http://hikmatequran.org/pdfs/books/Majmoa-e-Tafaseer Moulana Ubaidullah Sindhi.pdf لفظ عالمين جي تحقيق: انساني جماعت جون مختلف قومون ۽ مولانا عبيد الله سنڌي جو قومن بابت نطريه جوکيو شفيق احمد لفظ عالمين جي تحقيق ؟ لفظ عالمين جي تحقيق : عالمين جو جمع آهي. عالم لفظ جون ٽي معنائون مشهور آهن(1) الله پاڪ کان سواء ساري مخلوق (2)سموريءَ مخلوق جا جدا جدا قسم (3) انساني جماعت جون جدا جدا قومون. جيئن الله تعالي بني اسرائيل کي فرمايو آهي '' اَنِي فَضَلتُڪُم علي العالمين'' _يعني مون اوهان کي اوهان جي زمانه جي سڀني قومن تي فضليت ڏني.اڳيان مفسر عام طرح پهريون ٻه معنائون بيان ٿا ڪن. سندن خيال آهي ته جنهن صورت ۾ الله جا تعالي جا ڪمالات سڄي مخلوق ۾ ظاهر ٿيا آهن تڏهن بهتر ائين ٿيندو جو ان جي واکاڻ ۽ تعريف انهن سڀني ڪمالات سان ڪرڻ گهرجي. مولانا عبيد الله سنڌي ٽين معني، انساني جماعت جون قومون کي پسند فرمائي ٿو. سندن ارشاد آهي ته هي سورة فاتحه قرآن عظيم جو خلاصو آهي ۽ قرآن خاتم النبين (صلي الله عليه وسلم) سڀني نبين کان پڇاڙي اچڻ وارو نبي صه تي نازل ٿيو آهي ۽ نبوت جي فرائِض مان فقط انساني سوسائٽي جو بحث ڪرڻ مقصد آهي. ان ڪري قرآن مقدس ۾ جتي آسمان زمين جنن ملائِڪَنِ بهشت ۽ دوزخ جو بيان ٿيل آهي اهو مقصد نه آهي مگر مقصد کي چٽي ڪرڻ لاءِ آندو ويو آهي. اصل مقصد مقصد آهي انساني سوسائٽي کي ڪامل بنائِڻُ عام طرح سڀني نَبِيَنِ جو اهوئي مقصد آهي ته هو سڀني قومن جي عمومي تحريڪ کي انساني فطرت جي نظام موافقُ ڪَمَالَ تائِين پهچائي. مَٿِيَنِ بيانن مان هي ڳالِههِ واضِحُ ٿي وئي ته قُرآنَ شريف جو مقصد به اِهو ئِي هجڻ گهرجي ڇوته رسولُ اڪرم صلي الله عليه وسلم کي اِنَ جي مُوَافِقُ ئي ڪم ڪرڻ جو حڪم ڪيو ويو آهي. پوءِ جڏهن سورة فاتحه قرآن شريف جو خلاصو آهي تڏهن اَلعَالَمِينَ جي مطلبَ ۾ سَڀُ قومون وٺَڻُ گهرجي ۽ الله کي رَبُ العالمين هن ڪري چيو ويو آهي جو هو انساني قومن جو پاليندڙ آهي، يعني پيدا ڪرڻ کان وٺي سندنِ فطرت جي موافق انهن کي ڪمال تائين پهچائيندڙ آهي. هي نظريه امام انقلاب مولانا عبيد لله سنڌي جن سورة فاتحه (ام الڪتاب ) جي تفسير ڪندي صفحه نمبر 3 _تي املاءِ(لکايو ) آهي ته قرآن ڪريم ۾ جيڪو به مضمون بيان ڪيو ويو آهي ته، ان سڀ جو تَتُ يا خلاصو( جنهن کي انگلش م سمري چيو ويندو آهي ) هن سورة ۾ بيان ڪيل آهي. هيءَ سورة ڄڻ ته قرآن شريف جي مقصدن جي فهرست آهي. قرآن جو ڪوبه مقصد هن فهرست (انڊيڪس ) کان ٻاهر ناهي هن سورة کي غور سان پڙهندڙن کي هِيءَ سُڌِ پئجي ويندي ته قرآن جي نازل ڪرڻ جو اصلي مقصد ڇا آهي؟ ڄاڻڻ گهرجي ته الله تعالي جي بي انداز صفتن سان هن سورة ۾ خاص طرح هي چار صفتون بيان ڪيون ويون آهنِ 1_رَبُ العالمين 2_الرحمان 3_الرحيم 4_ مالڪ يومِ الدين، ڇو ته انساني فطرت مَٿِيُنِ صفتن ذريعي ترقي ۽ ڪمال جي درجي تي پهچي ٿي. حواله:لاء ڏسو! تفسير الهام الرحمانفي تفسير القرآن عربيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمون امام انقلاب مولانا عبيد الله سنڌي نور الله مرقده. مترجمين:علامه غلام مصطفي قاسمي سنڌي. ۽علامه دين محمد وفائي. پبلشر مڪتبه اصلاح و التبليغ، حيدرآباد،سنڌ سورة الفاتحة_ بِسْمِ اللَّـهِ الرَّحْمَـٰنِ الرَّحِيمِ ﴿١﴾ الْحَمْدُ لِلَّـهِ رَبِّ الْعَالَمِينَ ﴿٢﴾ الرَّحْمَـٰنِ الرَّحِيمِ ﴿٣﴾ مَالِكِ يَوْمِ الدِّينِ ﴿٤﴾إِيَّاكَ نَعْبُدُ وَإِيَّاكَ نَسْتَعِينُ ﴿٥﴾ اهْدِنَا الصِّرَاطَ الْمُسْتَقِيمَ ﴿٦﴾صِرَاطَ الَّذِينَ أَنْعَمْتَ عَلَيْهِمْ غَيْرِ الْمَغْضُوبِ عَلَيْهِمْ وَلَا الضَّالِّينَ ﴿٧﴾ سورة الفاتحة الله ٻاجھاري مھربان جي نالي سان (شروع) (١) سڀ ساراھ (خاص) جھانن جي پالڻھار الله کي جڳائي. (٢) (جو) ٻاجھارو مھربان. (٣) قيامت جي ڏينھن جو مالڪ (آھي). (٤) تنھنجي ئي عبادت ڪيون ٿا ۽ تو کان ئي مدد گھرون ٿا. (٥) اسان کي سڌي واٽ ڏيکار. (٦) جا انھن جي واٽ آھي جن تي فضل ڪيو اٿئي، نه انھن جي (واٽ) جن تي (تنھنجو) ڏمر ٿيل آھي ۽ نه گمراھن جي (واٽ). (٧)7 http://tanzil.info/#1:1 مٿي بيان ڪيل هن آيت پوري آيت ۽ ان جو ترجمون هن ريت آهي: بِسْمِ اللَّـهِ الرَّحْمَـٰنِ الرَّحِيمِ _ يَا بَنِي إِسْرَائِيلَ اذْكُرُوا نِعْمَتِيَ الَّتِي أَنْعَمْتُ عَلَيْكُمْ وَأَنِّي فَضَّلْتُكُمْ عَلَى الْعَالَمِينَ ﴿٤٧﴾وَاتَّقُوا يَوْمًا لَّا تَجْزِي نَفْسٌ عَن نَّفْسٍ شَيْئًا وَلَا يُقْبَلُ مِنْهَا شَفَاعَةٌ وَلَا يُؤْخَذُ مِنْهَا عَدْلٌ وَلَا هُمْ يُنصَرُونَ ﴿٤٨﴾ اي بني اسرائيلو اُھو منھنجو ڳڻ ياد ڪريو جيڪو مون اوھان تي ڪيو ۽ مون اوھان کي جھان (وارن) تي سڳورو ڪيو. (٤٧) ۽ اُنھيءَ ڏينھن کان ڊڄو جنھن ۾ ڪو (به) ڪنھين کان ڪجھ به ٽاري نه سگھندو ۽ نڪي کانئس ڪا پارت قبول ڪبي ۽ نڪي کانئس ڪو عِوض وٺبو نڪي کين مدد ڏبي._مترجمه سيدنا مولانا تاج محمود امروٽي رح جيڪو امام انقلاب مولانا عبيد الله سنڌيءَ جو مرشد هيو ۽ کيس پاليو به هئائين هن ترجمي جي لاء ملاحظه ڪئي وڃي هي لنڪ http://tanzil.info/#trans/sd.amroti/2:47 بِسْمِ اللَّـهِ الرَّحْمَـٰنِ الرَّحِيمِ يَا بَنِي إِسْرَائِيلَ اذْكُرُوا نِعْمَتِيَ الَّتِي أَنْعَمْتُ عَلَيْكُمْ وَأَنِّي فَضَّلْتُكُمْ عَلَى الْعَالَمِينَ ﴿٤٧﴾وَاتَّقُوا يَوْمًا لَّا تَجْزِي نَفْسٌ عَن نَّفْسٍ شَيْئًا وَلَا يُقْبَلُ مِنْهَا شَفَاعَةٌ وَلَا يُؤْخَذُ مِنْهَا عَدْلٌ وَلَا هُمْ يُنصَرُونَ ﴿٤٨﴾ اي بني اسرائيلو اُھو منھنجو ڳڻ ياد ڪريو جيڪو مون اوھان تي ڪيو ۽ مون اوھان کي جھان (وارن) تي سڳورو ڪيو. (٤٧) ۽ اُنھيءَ ڏينھن کان ڊڄو جنھن ۾ ڪو (به) ڪنھين کان ڪجھ به ٽاري نه سگھندو ۽ نڪي کانئس ڪا پارت قبول ڪبي ۽ نڪي کانئس ڪو عِوض وٺبو نڪي کين مدد ڏبي. (٤٨) مترجمه سيدنا مولانا تاج محمود امروٽي رح جيڪو امام انقلاب مولانا عبيد الله سنڌيءَ جو مرشد هيو۽ کيس پاليو به هئائين هن ترجمي جي لاء ملاحظه ڪئي وڃي هي لنڪ http://tanzil.info/#trans/sd.amroti/2: امام انقلاب مولاناعبيد الله سنڌينور الله مرقده مولانا (عبيد الله )سنڌيءَ جي پڪي قلعي حيدرآباد واري تقرير(17 اپريل 1944ع) (ماڻهو جنهن شيءِ کي مقدر چون ٿا، ان کي آءُ “حالتن” جو نالو ڏيان ٿو، اهي حالتون آهن جيڪڏهن منهن مٽي بيهي رهن ته جي پوکن سي لڻي ئي نه سگهن، ڪن هڪڙا ۽ لوڙڻ ٻيا! سور سهن هڪڙا ۽ سک ڏسن ٻيا!!!مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي به اهڙي مقدر سان منهن ڏسڻو پيو، مزي جي ڳالهه اها آهي جو سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ ٻه ماڻهو “سنڌيءَ” جي نالي سان مشهور ٿيا، ٻنهي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ اڻ ڳڻيون تڪليفون ڏٺيون، ٻئي پرخلوص ۽ بي لوث ٿي رهيا ۽ ٻنهي سان قوم وڻندڙ سلوڪ نه ڪيو، هڪ کي چريو چيو ويو ۽ ٻيو ذري گهٽ چريو ٿي ويو، انهن مان هڪڙو مولانا عبيدالله سنڌي ۽ ٻيو هو شيخ عبدالمجيد سنڌي.مولانا عبيدالله سنڌي ننڍي کنڊ جو اهو پهريون ۽ واحد سياستدان هو جنهن هندستان مان فرنگين جي ناپاڪ پاڇي هٽائڻ لاءِ پاڻ کي جلاوطن بڻايو، در در جون ٺوڪرون کاڌيون، پنهنجي دور جي سپر پاور خلاف منظم منصوبا بڻايا، جوڀن ۽ جوانيءَ جا ڏينهن جڏهن هو پنهنجي وطن ۾ گذاري رهيو، تڏهن هن کي آزاديءَ خاطر وطن جا وڻ ڇڏڻا پيا ۽ موٽيو تڏهن جڏهن جهور پوڙهو ٿي چڪو هو.“ڪراڙو اٺ ٻه ڪنواٽ لهي” جي مصداق پوءِ به هن همت نه هاري، هن جي جواني ٻڍاپي ۾ تبديل ٿي چڪي هئي، ليڪن هن جوانن جي جوش ۽ ٻڍڙن جي هوش کي ملائي جهان بيني، تجربن، آزمودن ۽ مشاهدن کي اڳيان رکي ساگر پارٽي ٺاهي، پنهنجي پارٽيءَ جي پوئلڳن جي تربيت شروع ڪئي ۽ آزاديءَ جي نعمت حاصل ڪرڻ لاءِ هر اول دستو ٺاهڻ شروع ڪيو، مولانا عبيدالله سنڌي به هندستان جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪئي مگر مذهب جي بنياد تي نه پر ٻولي، تهذيب ۽ ثقافت جي بنيادن تي! ليڪن هڪ طرف حالتون بدلجي چڪيون هيون ۽ ٻي طرف سندس حياتيءَ جا ڏينهن به اچي پورا ٿيا، ان ڪري سندس حسرتون، اميدون ۽ خواهشون ائين ئي اڌريون رهجي ويون. هن هيٺ انهيءَ عظيم انسان جي هڪ تقرير ڏجي ٿي. http://www.gulhayat.com/molanasindhi.asp Maulana deen Muhammad Wafai Contents 1 Childhood 2 Character 3 Family Maulana Deen Muhammad Wafai (1894–1950) was a scholar, academic, writer and poet. In terms of political activism he was heavily involved in the Khilafat movement. Maulana Deen Muhammad Wafai was born on AD 14 April 1894 corresponding to 27th Ramzan 1311 AH in a small village “Khathee”, also known as “Nabiabad” in district Shikarpur in Sindh. His father’s name was Khalifo Hakeem Gul Muhammad Bhatti. He was a scholar and poet in his time. Maulana Deen Muhammad belonged to the bhatti tribe. He learnt from his father in the beginning and when he was only 9 years old, his father died. After the death of his father, he learnt Persian from Molvi Mian Muhammad Alim. Then he went to Garhi Yaseen to Maulana Muhammad Qasim to learn Arabic, further he went to Maulana Khadim Hussain in Osta Bhalaydinabad. To learn more Arabic he went to Maulana Ghulam Umar in Sono Jatoi in district Larkana. From 1907 to 1911, he learntArabic completely and read all the course books on logic, Arabic and Persian. He was very intelligent and hardworking. Maulana Wafai led a simple life. He never wished for luxuries of life. He would propagate equality within the various classes of society. Maulana Sahib spent all his life learning and teaching. He used to spend most of his leisure time reading books. Many people who were interested in seeking knowledge would spend their time in his company. He was a quiet person and did not like to talk much, but when he was to explain something, he would give many examples from life, quotations from other writers and his observations. He was never shy to ask questions from people who were experts in their fields. He used to like and respect scholars and writers and was acquainted with most of them. He kept in touch with scholars, researchers and writers all over the Muslim world. Married twice and had three sons. Maulana deen Muhammed Wafai's father's name was Hakim Gul Mohammad Bhatti who was the son of Hakim Mir Maulvi Mir Muhammad Bhatti son of Hakim Saleh Muhammad Bhatti. His brothers were Khaleefa Mir Muhammad and Shafi Muhammad who passed away at an early age.Fatima was his only sister Maulana Sahib had 3 sons Ali Nawaz Wafai, Shafi Muhammad Wafai and Muzaffar Hussain Wafai and two daughters zaib-un-nisa and subhan khatoon. Zaib-un-nisa died at an early age. His son Ali Nawaz Wafai continued his literary work. Ali Nawaz Wafai had 5 sons; Asif Wafai, Aijaz Wafai, Saleem Wafai, Sunain Wafai & Amir Wafai and one daughter Qurratulain He is buried in “Wari Jo Tarr” in Sukkur. http://en.wikipedia.org/wiki/Maulana_deen_muhammad_wafai Allama Ghulam Mustafa Qasmi Name: Allama Ghulam Mustafa Fathers name: Hafiz Mahamood Chandio Date of Birth: 24 June 1916 Date of Expire: 9 December 2003 Place of birth: Village Raees Bhanbho Khan taluka Meero khan larkana Sindh. Education:- Learnt "Nazra Quran" and "Persian" from a famous scholar Moulana Fateh Mohammad Seerani in Madrassa "Tehfeez-ul-Quran" in village Raees Bhanbho khan Learnt Arabic grammar from "Irshade Alsafar" to "hidayat-ul-nahoo" and Persian curriculum "Zulekan jami" and "Sikander Namo" from his teacher Moulana Khushi Mohammad Meerokhani in Meero kahn. Madrassa:- Completed "Darse nizami" under the guidance of Allama Abdul kareem korai" from Madrassa "Dar-ul-faiz" in Koor Suleman and became "Dasttar band" (molvi fazil) in the age of 11years.Received certificate of "fazil devband" From "dar-ul-uloom Devband" where he also learnt "Sah-i-satta" and "Tafseer" from Moulana Syed Hussain Ahmed Madni. At the same time he also learnt Tareeka tasawuf "joshia" and "Sabrina" from same teacher He learnt "Maaruful-ul- Quran" and the philosophy of shah Wali Allah from Moulana Ubaidullah sindhi. He also red following books of Shah Wali Ullah "hujutal ghilabat" "saadutal bardar-albargha"He passed the "high proficiency course in Arabic" from Punjab university.He learnt English in Meero khan high school and passed exam of English from Delhi with flying colors. From oriental collage fateh pur Delhi and got the degree of "hakeem ul- hukma" (fazil tibb) Eastern medicine. Experience:- Taught Arabic and religion at Govt. high School Meero khan madrassa Dar-ul saadat gori pahor Shikarpur, mazuhar-ul uloom Karachi, Sindh Madrassat-ul-islam Karachi and Sindh Muslim collage Karachi Director shah wali Ullah academy Hyderabad 1964 to 2002. Visiting professor department of Sindhi University of Sindh and guide for PhD And MPhil in the subjects, Sindhi, Urdu, Arabic Persian, Muslim history and Islamic culture and comparative religion. Where a great number of scholars received Mphil and PhD Degrees under His guidance Chairmen Sindhi Adabi board Jamshoro from 1977 to 1989. Editor quarterly Alraheem (Urdu).Shah Wali Ullah Academy. Editor Alraheem (Sindhi). Shah Wali Ullah Academy. Editor Al wali (Urdu). Shah Wali Ullah Academy. Member editorial board Magazine "Al-hikama" English. He also remained editor of daily Naien Sindh Karachi in 1953. Remained member of institute of Sindhology. Pakistan academy of letters and other literary organizations. Books Written:- He wrote, compiled and translated books on various topics of religion and Islamic culture from Arabic and Persian into Sindhi. He also translated valuable books of shah wali allah dehlvi, Makhdoom Mohammad Hashim thattvi and also compiled various scholarly works of different scholars. He wrote prefaces of about 200 religious, historical , and literary books. Compiled Rissalo of Shah Abdul Latif Bhittai. Compiled Basic dictionary of Sindhi language. Complete Sindhi dictionary was reviewed by him. The university of Sindh. with the assistance of Siddqiue foundation Karachi, established a chair in the name of Allama Ghulam Mustafa Qasmi in july 2004. so far this chair has published 7 valuable books in Urdu and Sindhi; "edo Shan Shaoor"-Sindhi editorials of Allama Ghulam Mustafa Qasmi. Quran hakeem joon Khusosiytoon" translation of speeches delivered by Moulana Qausar Niazi on the interpretation of Quran hakeem."Allama Ghulam Mustafa Qasmi and his contemporary Scholars" compiled by Prof.Dr Kazi Khadim Hussain, honorary Director Ghulam Mustafa Qasmi Chair."Shuzrat1" (Urdu) editorials compiled by Dr Moohamad Idrees Soomro."Shuzrat2" (urdu) compiled by Dr Moohamad Idrees Soomro."Allama ghulam Mustafa Qasmi and his contemporary scholars and writers" compiled by Dr Qazi Khadim hassain."Allama Ghulam Mustafa Qasmi and his contemporary cholars and historians" compiled by Dr. kazi khadim Hussain.biography of allama Ghulam Mustafa Qasmi" under Publication.“aaliman jo aaftab” by Sindh manik Moti Tanzeem Hyderabad..“Maqalat-e-Qasmi” by Sindh manik Moti Tanzeem Hyderabad. http://www.usindh.edu.pk/agmqc/qasmi_biodata.html
جواب: مولانا عبيد الله سنڌيء جو مختلف قومن بابت نظريه۔ جوکيو شفيق احمد محترم سلمان سائين هن آرٽيڪل تي مولانا عبيد الله سنڌيء جو فوٽو ڪئن لڳائجي پهريون طريق بعيني مستعمل ڪيم پر ڪاگر نه ٿيو حالانڪه ان کان اڳ ساڳيو طريقو اپنائيم پر ؟ مسڪين سنڌي جوکيو شفيق
جواب: مولانا عبيد الله سنڌيء جو مختلف قومن بابت نظريه۔ جوکيو شفيق احمد تون سَمو سردار، آءٌ ميئي مھاڻي آھيان؛ تنھنجيءَ شفقت مِھر جو، آھي ڪو نه شُمارُ؛ گنديءَ گاندَر گھر کان، ڪيو ساري عالم عارُ؛ مٿي تَنھن مَدارُ، تو ساريءَ ڪينجھر رکي. تون سَمو سائين، آءٌ ميئي مُھاڻِي آھيان؛ مون لَڄ رھائين، جو پَلءِ لڳيس تانھنجي. 3 آءٌ ميئي مُھاڻِي، تون سَمو ساري سَر جو؛ قرب منھنجو ڪھڙو، ڄاڻيو ٿو ڄاڻِي؛ کارِي سرِ کنيم ٿي، ڇِڇيءَ، کِکِيءَ ھاڻِي؛ راجا تنھنجي راضَ سان، ٿيس راڻِنِ جي راڻِي؛ تو سَما سِيباڻِي، نه ته ھيس بيھودي بڇڙي.
جواب: مولانا عبيد الله سنڌيء جو مختلف قومن بابت نظريه۔ جوکيو شفيق احمد سائين محترم الله جا شڪر جو اوهان جهڙو ڏاهو انسان اسانجي وچ ۾ آهي ۽ هي سهڻو مضمون ونڊ ڪيو آهي ۔۔۔ ٻي خوشيءَ جي ڳالهه ته اوهان تصوير لڳائڻ سکي ويا ۽ اميد ته هاڻ اوهانکي ڪا تڪليف نه ٿيندي ۔۔۔ اڄ اوهان جيڪي به مضمون ونڊ ڪيا آهن سي اسان لاءِ هڪ بيش بها قيمتي خزاني جيئان آهن ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔ لک ٿورا سائين محترم ۔۔ دعائن ۾ ياد ڪندا ڪريو سنڌ سلامت ساٿ سلامت