”مات نه ٿيڻا آهيون مور“

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏11 جولائي 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ”مات نه ٿيڻا آهيون مور“
    الطاف شيخ

    سنڌي ادبي سنگت طرفان، حيدرآباد ۾ سنڌي لئنگوئيج اٿارٽي جي بلڊنگ ۾ رٿيل ايوارڊ فنڪشن، جيتوڻيڪ يارهين بجي بدران ڏيڍ ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو، پر مون کي ان جو افسوس ٿيڻ بدران خوشي ٿي جو مونکي سنڌ جي ڪيترن ئي وڏين اديبن ۽ شاعرن سان ملڻ جو موقعو ملي ويو. جن مان ڪيترا ته منهنجا دوست ۽ واقفڪار هئا، جن سان مِلئي ڪيترائي سال، بلڪ ڪيترائي ڏهاڪا گذري چڪا هئا. سدا سهڻو، سدا سمارٽ ۽ پنهنجي عمر کان گهڻو ننڍو لڳندڙ عنايت بلوچ به اچي نڪتو. عنايت جو واسطو موسيقي ۽ ريڊيو ٽي ويءَ سان رهيو آهي. پاڻ سٺو شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ سفرناما لکندڙ پڻ آهي. منهنجي هڪ سفرنامي جو مهاڳ پڻ لکيو اٿس. ماضيءَ ۾ گهڻو ئي جهاتي ٿو هڻان پر خبر نٿي پوي ته ڪڏهن کان اسان جي واقفيت ٿي. اهڙي صورت ۾ اسان کي به سسئي وانگر (يعني هيءَ اسان جي چيف گيسٽ، حڪومت سنڌ جي وزير سسئي پليجو نه، پر پنهون واري سسئي وانگر) اهوئي چوڻو پوندو ته الست بربڪم جڏهن ڪن پيوم.... عنايت بلوچ جو ننڍپڻ ۽ جواني کان وٺي اهوئي ڌيرج وارو ڳالهائڻ ۽ حليم طبيعت ۽ نفاست وارو انداز رهيو آهي. عنايت بلوچ سان واقفيت نه ٿئي ها ته آئون اهوئي سمجهان ها ته سڀ ٻروچ تاج بلوچ جهڙا ٿيندا هوندا.
    سنڌ جي مشهور شاعره ۽ اديبه مريم مجيدي سان به منهنجي پهريون دفعو ملاقات ٿي. پاڻ ضلعي ٺٽي جي شهر سجاول جي آهي. پاڻ سنڌ جي قومي شاعر محمد خان مجيدي جي ڌيءَ آهي. سائين محمد خان سان مونکي نئين زندگي جي ايڊيٽر عبدالواحد سنڌيء صاحب، سٺ جي ڏهي ۾ ملايو هو. مريم مجيديءَ شاعري جي ڪيترين ئي صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي. مريم مجيدي جو واسطو تعليم کاتي سان رهيو آهي. سندس شاعري کان علاوه سماجي ڪمن ڪري به، ماڻهن جي دلين ۾ هن لاءِ عزت آهي. امر سنڌو، عرفانا ملاح، ڊاڪٽر پريت ۽ مهرالنساءِ لاڙڪ وانگر هيءَ به عورتن جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندي رهي ٿي. مريم مجيدي جو هڪ شعر ياد اچي رهيو آهي.
    مات نه ڏيندي مات اسان کي، مات نه ٿيڻا آهيون مور
    پرزا پرزا پاڻ ٿيون پر چوٽا چوٽ اسان جو چاهه
    سوچ سگهاري جن جي آهي، عظمت تن جو آهي ماڳ
    اندر جن جو آئينو ۽ ذهنن تي ڪا اونداهه ناهه.

    آيل مهمانن ۾ سنڌ جو عظيم ڪهاڻيڪار ۽ هاڻ ناول نويس غلام نبي مغل پڻ هو. ساڻس ملئي وڏو عرصو ٿي ويو هو. غلام نبي مغل کي سنڌي ادب ۾ ڪو کڻي ڪهڙي به نمبر تي Rating ڪري، پر منهنجي نظرن ۾ امر جليل بعد جيڪڏهن ڪو ٻئي نمبر تي آهي ته اهو غلام نبي مغل آهي. آئون 1963ع کان وٺي پنهنجي همعصر ليکڪن جون لکڻيون پڙهندو اچان. وڏي غور سان! امر جليل اسان جو پير و مرشد آهي. هو اڌ صديءَ کان پڙهندڙن جي دل ۽ دماغ تي ڇانئيل آهي. امر جليل کي لکڻ جو ڏانءُ آهي، ڏات آهي، گھَرو مطالعو آهي. هو هر لکڻي تي وڏي محنت ڪري ٿو. پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو آهي، وڏي ڳالهه ته زبردست حقيقت پسند ۽ سنڌ ڌرتي ۽ انهن جي رهواسين سان پيار ڪندڙ انسان آهي. هو وڪامڻ وارو ماڻهو ناهي، هو سرڪاري ڪامورو ٿي ڪري به اسان جي ملڪ جو Stereo ٽائيپ ظالم بيوروڪرئٽ يا آفيسر ٿي نه رهيو. هن جي ليول جو مشهور ۽ مهان ليکڪ منهنجي نظرن ۾ نسيم کرل ٿي سگهيو ٿي ڇو ته سٺ واري ڏهي ۾، ڪراچي ۾ جيڪي ادبي محفلون ٿينديون هيون انهن ۾ اهي ٻئي اديب هڪ ٻئي جي ٽڪر جا لڳا ٿي. نسيم کرل جي ڪهاڻين جو توڙي کڻي مختلف انداز هو پر هو به هر ڪهاڻي پٺيان وڏي محنت ڪندو هو. مون هن کي خيرپور ۾ توڙي ڪراچي ۾ هڪ هڪ ڪهاڻي پٺيان محنت ڪندي ڏٺو. هو وڏي سوچ ويچار ۽ Concentration بعد هڪ هڪ ڪهاڻي لکندو هو ۽ اها هميشهه Hit هوندي هئي. پڙهندڙ جي ڏکندڙ دل جو آواز هوندي هئي. طنز ۽ مزاح سان ٽمٽار هوندي هئي. پر هن جي زندگيءَ ساٿ نه ڏنو ۽ ننڍي هوندي ئي اسان کان جدا ٿي ويو. امر جليل يا نسيم کرل جهڙين قداور ادبي هستين اڳيان اسان جهڙا ته سڀ سندن پيرن جي خاڪ آهيون. آئون هميشه اهو سوچيندو آهيان ته امر جليل بعد ٻيو نمبر، ڀلي کڻي هن جي ويجهو نه پر پري سهي، جيڪڏهن آهي ته اهو غلام نبي مغل آهي. خاص ڪري سندس آخري ٻن ناولن ”مون کي ساهه کڻڻ ڏيو“ ۽ ”وطن واويلا“ بعد ان ۾ ڪو شڪ نه رهيو آهي. ذاتي طرح سندس ناول جي ڪن ڳالهين تي منهنجو يا ٻين جو، ساڻس ڀلي اختلاف رهي، پر ادبي نقطي نظر کان، ناول جي گهاڙيٽي، حقيقتن جي بنياد تي ۽ معاشري جي خامين کي اجاگر ڪرڻ ۾ غلام نبي جو جواب ناهي. توهان غلام نبي مغل جا اهي ٻه ناول نه پڙهيا آهن ته افسوس جي ڳالهه آهي ته توهان هِهڙا ڪتاب مِس ڪيا آهن.
    غلام نبي مغل منهنجو هم عمر آهي. اسان ٻنهي جو جنم 1944ع ۾ ٿيو. غلام نبيءَ سان منهنجي پهرين ملاقات منهنجي ننڍي ماسي ”زبيده سومرو“ جي شادي تي ٿي، جنهن جي مڙس محمد علي ٻگهيو صاحب جو غلام نبي مغل ماسات ٿئي. غلام نبي مغل مئٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول مان ۽ B.A سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد مان ۽ LL.B لا ڪاليج حيدرآباد مان ڪئي. پاڻ نوڪري جو وڏو عرصو فوڊ ڊپارمينٽ سان لاڳاپيل رهيو. پاڻ ننڍي عمر کان لکڻ شروع ڪيو. پهرين اڙدو ڪهاڻيون لکيائين ۽ پوءِ سنڌيءَ ۾ لکڻ شروع ڪيائين. سندس ڪيترين ئي ڪهاڻين جو ترجمو اڙدو، انگريزي ۽ پنجابي زبانن ۾ ٿي چڪو آهي. ڪجهه ڪهاڻين کي ڊرامي جي روپ ۾ ٽي وي تان به پيش ڪيو ويو آهي. غلام نبي مغل لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن پهريون دفعو شهري ماڻهن جا مسئلا کنيا. بيروزگار نوجوانن کان علاوه شهر جا لوفر، بدمعاش، ڳنڍي ڇوڙ، عورتن جا دلال، رازا، واڍا، موچي ۽ فقير وغيره اڪثر سندس ڪهاڻين جا ڪردار رهيا آهن. سندس ڪجهه ڪهاڻين جا مجموعا ۽ ناول جيڪي مون پڙهيا آهن، اهي هن ريت آهن.
    نئون شهر- غلام نبي جو هي ڪتاب 1964ع ۾ ڇپيو هو جڏهن پاڻ ويهن سالن جو هو ۽ سچل سرمست ڪاليج ۾ پڙهي رهيو هو.
    رات جا نيڻ (ڪهاڻيون)
    رات منهنجي روح ۾ (ڪهاڻيون)
    سٺ ستر اسي (ڪهاڻيون)
    اوڙاهه (ناول)
    دونهاٽيل راتيون ۽ رولاڪ (ناول)
    مونکي ساهه کڻڻ ڏيو (ناول)
    وطن واويلا وغيره.
    هن فنڪشن ۾ امر جليل سان به چڱي طرح ملاقات ٿي. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال کي چيم ته پاڙي ۾ رهڻ جي باوجود امر جليل سان ملاقات نٿي ٿئي.
    ”ڇو ڀلا؟“ هن حيرت مان پڇيو.
    ”ان ڪري جو اسان جي سمهڻ ۽ جاڳڻ جا وقت ٽوٽلي مختلف آهن،“ مون هن کي ٻڌايو، ”امر جليل رات جو ٽي چئين تائين جاڳندو آهي ۽ آئون چئين بجي ڌاري ننڊ پوري ڪري اُٿندو آهيان. ظُهر نماز ۽ منجهند جي مانيءَ بعد منهنجي بيٽري صفا ڊسچارج ٿي ويندي آهي ۽ اُٻاسين جو ڦهڪو شروع ٿيندو آهي ۽ ٽي بجي ڌاري سمهي رهندو آهيان ۽ ان وقت امر جليل ننڊ پوري ڪري اُٿندو آهي. ٻن اڍائي ڪلاڪن بعد آئون اُٿي ويندو آهيان پر پوءِ هڪ ٻئي پويان نمازن خاطر مسجد ۾ هوندو آهيان ۽ عشا نماز پڙهي سمهي رهندو آهيان جو صبح جو سوير چئين بجي اُٿڻو هوندو اٿم.“
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال کي چيم ته اهو ٻڌاءِ ته امر جليل هتي ڪيئن پهتو. يعني هن کي ان لاءِ اڄ صبح جو سوير اُٿڻو پيو هوندو. ذوالفقار ٽهڪ ڏيندي چيو ”سائين! امر جليل کي ڪراچي کان هيستائين آئون وٺي آيو آهيان.“
    ”ڀلا هي ڏينهن تتي وارو سهانو ٽائيم رکڻ پٺيان ڪهڙو فلسفو هو؟“ مون ذوالفقار کان پڇيو.
    ”ان ڪري ته جيئن پري پري کان، ويندي جيڪب آباد ۽ ڪشمور کان سنڌي ادبي سنگت جا ميمبر پهچي سگهن ۽ اڄوڪي ئي ڏينهن ۾ واپس گهرن ڏي روانا ٿي وڃن.“
    ڊاڪٽر ذوالفقار مون کان عمر ۾ گهڻو ننڍو آهي، پر منهنجي هن سان فون ذريعي يا Email ذريعي گذريل ويهارو سالن کان سلام دعا هلندي اچي. جڏهن به منهنجو پاڪستان اچڻ ٿيندو آهي ته ٽن ماڻهن سان ضرور خبر چار ڪندو آهيان. هڪ قمر شهباز، جنهن سان ته هاڻ جدائي ٿي وئي. هو هي فاني جهان ڇڏي ويو. قمر شهباز کان علاوه تاج بلوچ ۽ ذوالفقار سان Contact ۾ رهندو آهيان ۽ ڪڏهن ڪڏهن هنن وٽ هلي به ويندو آهيان ۽ اهي ٻئي ڄڻا مون کي منهنجي حال تي ڇڏي ڏيندا آهن. نه چانهه لاءِ زور ڀريندا آهن ۽ نه ڪنهن فنڪشن يا ٽي وي پروگرام ۾ هلڻ لاءِ چوندا آهن. آئون جلدي جلدي ساڻن خبر چار ڪري ڀڄي ويندو آهيان. هنن کان هر نئين ڇپيل ڪتاب، رسالي ۽ ادبي محفل ۽ اديبن جي خبر پئجي ويندي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته پاڻ کي Update رکڻ لاءِ تاج جي سمورين ڳالهين تي وشواس ڪرڻ بدران، هن جي ڳالهين جي ڪجهه سرجري ڪرڻي پوندي آهي. ڇو جو هن جي هر اديب ۽ اديبا تي ڪاوڙ هوندي آهي، جنهن کان اسين به بچيل نه هوندا آهيون. گھڻو گھڻو اڳ، هڪ ڏينهن ساڻس گڏ شيخ اياز وٽ وياسين. هو اسان کي ڊرائنگ روم ۾ ويهاري اسان لاءِ اندر چانهه لاءِ چوڻ ويو. شيخ اياز ڪافي ڪمزور ٿي ويو هو ۽ هلڻ ۾ به ڏڪيو پئي. مون تاج کي چيو ته هي Voyage (سامونڊي سفر) پورو ڪري، ڪراچي موٽڻ تي شيخ اياز سان شايد وري ملاقات نه ٿي سگهي.
    ”تون کڻي ڏهه Voyages هڻي اچ، شيخ اياز اتي ئي نظر ايندءِ.“ ۽ پوءِ ٽهڪ ڏيئي چيو هئائين: ”موت ته هن وٽ گهڻو ئي اچي ٿو، پر اياز هن کي هر دفعي بُجا ڏيو ڀڄايو ڪڍي.“
    ذوالفقار سيال 28 مئي 1957ع تي لاڙڪاڻي کان ست کن ڪلو ميٽر پري، فريدآباد نالي ڳوٺ ۾ ڄائو. پاڻ پرائمري تعليم لاڙڪاڻي جي گورنمينٽ ديني مدرسه اسڪول مان ڪيائين ۽ مئٽرڪ تائين اتي جي ئي گورنمينٽ پائلٽ اسڪول مان پڙهيو. انٽر حيدرآباد جي ڦليلي واري گورنمينٽ ڪاليج مان ڪرڻ بعد لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو مان ڊاڪٽري پڙهيو ۽ 1981ع ۾ ڊگري حاصل ڪيائين. ان بعد چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۽ LMC ۾ آر ايم او ٿي رهيو. ان بعد 5 سال کن جناح اسپتال ۾ ميڊيڪل آفيسر جي حيثيت ۾ نوڪري سرانجام ڏنائين. ان بعد وري ٽي سال کن چانڊڪا اسپتال جو ائڊيشنل ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ٿي رهيو ۽ هاڻ 12 سالن کان ڪراچي جي سول اسپتال ۽ جناح اسپتال ۾ ائڊيشنل پوليس سرجن آهي.
    ڊاڪٽر ذوالفقار سٺو اديب، شاعر ۽ ڪالم نويس پڻ آهي. هن گيت، غزل، بيت، دوها، هائيڪو ۽ آزاد نظم ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي. پاڻ ٻاراڻي شاعري جي حوالي سان تمام گهڻو مشهور آهي. بلڪ ٻاراڻي شاعريءَ جو تمام وڏو شاعر آهي. سندس ڪجهه ڪتاب هن ريت آهن:
    _ رڻ سڄو رت ڦڙا
    _ مکڙين مالها
    _ ڳاڙها هٿ پيلا چهرا
    _ منهنجي ديس جا ٻار
    _ گلڙن جهڙا گيت
    _ لفظن جا رانديڪا
    _ بارش کانپوءِ
    _ اکر اکر سرهاڻ
    _ چهرا چنڊ گلابن جهڙا، وغيره
    سنڌي ادبي سنگت جو جنرل سيڪريٽري اڄ ڪلهه يوسف سنڌي آهي پر هن کان اڳ ٻن سالن لاءِ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال هو. پاڻ هڪ روزنامي سنڌي اخبار جي ادبي صفحي جو پڻ انچارج آهي. ذوالفقار سيال جو هڪ ٻه خوبصورت شعر هن وقت ياد اچي رهيو آهي:

    جيڏو زهر آهي انسانن ۾
    ناهي جيتن حيوانن ۾،
    ساريون حدون اورانگهي ويا
    سڀ ڪجهه ٿئي ٿو ايوانن ۾.

    ساري وستي باهه جا شعلا
    هٿ لڳن جي بي جانن ۾
    پتيون هاڻ ڪين ڦٽن ٿيون
    ڪنڊا آهن گلدانن ۾.....
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سائين اهڙو معلومات شيئر ڪرڻ لا۽ مهرباني
    جيئي سنڌ
     
  3. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    واه ادا واه سائين اوهان جي تمام ڪار آمد شيئرنگ آهي.
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جي ادا نثار ابڙا شال جُڙيو هُجين ۔ ان تقريب ۾ اسان جو شاگرد
    ڊاڪٽر محمد علي ماڻڪ ميمڻ پڻ موجود هو۔ جنهن پنهنجو نڪور شاعريءَ جو ڪتاب چنڊ اکين جي اندر سائين الطاف شيخ جي حوالي ڪيو هو۔ نتيجي طور سائين الطاف شيخ اسان جي ڊاڪٽر محمد علي ماڻڪ ميمڻ کي هڪ سي ڊي ، سندس ناياب تصويرون، پڻ تحفي طور ڏنيون هُيون۔ اها سي ڊي جنهن ۾ سائين جي ڪنهن سفر نامي جون تصويرون آهن جنهن ۾ صرف نانگ ئي نانگ ڏيکاريل آهن اها سي ڊي هن وقت مون وٽ آهي ۽ سائين الطاف شيخ کي سنڌي ادبي سنگت طرفان لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ پڻ ڏنو ويو هو اها تصوير پڻ مون وٽ موجود آهي، سائين جي پاسي ۾ سنڌ جي ثقافت کاتي جي وزير محترمه سسئي پليجو صاحبه پڻ بيٺل نظر اچي رهي آهي پر قسمت جي ستم ظريفي اها آهي جو مون واري اسڪينر مشين اصل پڙ ڪڍيو بيٺي آهي هن پوسٽ جي هيٺان سائين الطاف شيخ جي اها تصوير اصل توهان واري هن پوسٽ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏي ها۔ خير اڄ يا سُڀان اهي تصويرون توهان جي پوسٽ سان ضرور مُنسلڪ ڪندس۔
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سائين تمام بهترين پر معنيٰ خيز شيئرنگ آهي،
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو