• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ بابت انگريزي ۾ ڊاڪيومينٽري۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
هندستان وارا سنڌي پنهنجي سنڌ سان محبت جي اظهار ۾ اسان کان پوئتي نه آهن۔۔۔ مختلف پروگرام رکي پنهنجي نوجوان طبقي کي سنڌي، سنڌي زبان، سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌين جا درد ٻڌائيندا رهن ٿا۔۔ ان ئي سلسلي جي هڪ وڊيو اڄ فيس بوڪ تي ڏٺم ۔۔ وڊيو سنڌ تي ڊاڪيومينٽري طور آهي ۽ انگريزي ۾ آهي۔۔۔ دوست ٿورو غور ڪندا ته سمجهي ويندا۔۔۔

[fv]194617087233080[/fv]​
 
جواب: سنڌ بابت انگريزي ۾ ڊاڪيومينٽري۔۔۔

لک ٿورا ادا رشيد، تمام سهڻو ڪم ڪيو اٿوَ جو اهڙي سهڻي وڊيو لڳائي اٿوَ ۔۔۔ آءُ هن اڱڻ تي شروع کان ئي اهو پٽڪو پٽيندو اچان ته پاڪستان ٺهڻ سبب جيڪڏهن ڪا قوم گهاٽي ۾ آهي ته اها آهي سنڌي قوم ۔۔۔ جنهن پنهنجي هر قسم جي قرباني ڏني ۔۔۔ پر افسوس جو موٽ ۾ ويساهه گهاتيون ٿيون آهن ۔۔۔ چورن جي ور چڙهي ويا اهيون ۔۔۔


لک ٿورا ۔۔۔ اميد ته آهستي آهستي اسين سنڌي سڀ سمجهي وينداسون ۽ جنهن ڏينهن هڪ مٺ ٿي وياسون ته آزادي ۽ خودمختياري اسانجو مقدر ٿيندي ۔۔۔ ۽ مزي جي ڳالهه ته سنڌ جي مذهبي ڌرين جو هاڻ وقت آهي ته هو سنڌين کي هڪ مٺ ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۔۔۔

سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
 
جواب: سنڌ بابت انگريزي ۾ ڊاڪيومينٽري۔۔۔

لک قرب ادا اهڙي ويڊيو ونڊ ڪرڻ لا۽

شابس هجي انهن دوستن کي جن اهڙي ڊاڪومينٽري ٺاهي ۽ ويچار ونڊيا

جيئي سنڌ

سدا جيئي

سنڌ سلامت ساٿ سلامت

سدائين گڏ
 
Back
Top