نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا دوستو ڪافي ڏينهن کان پو هي هڪڙو تازو آزاد نظم لکيو اٿم، جيتري مصروفيت اٿم منهنجي لالکڻ ڪافي مشڪل هو، پر هڪڙي تمام پياري هستي هن ويلٽائن ڊي تي مونکي شاعري م پنهنجي چپن جا گُلاب ارپيا، هاڻي مون لا لازم هو ته ان پياري هستي کي پنهنجو خيال ارپيان، ان پياري هستي کي اڄ صُبح سويرو هي آزاد نظم ارپي ڇڏيو اٿم باقي سنڌ سلامت جي سموري ساٿين کي به دل جي گهرائين سان ارپيان ٿو۔
آزاد نظم
نثاراحمد ناز
چپن جا گُلاب ارپڻ کان پهرين،
محبتن جا خُواب ارپڻ کان پهرين،
ٿرڪندڙ شباب ارپڻ کان پهرين،
مِٺي سوچجان،
ٿورو سوچجان،
وفائن جي رستن تي هيل،
جفائن جا ٻُوٽا ڀي اُڀري پون ٿا،
گُلابن جي موسم ۾،
خزائون ڀي گُهلِي پون ٿيون،
مٺي سوچجان ، ٿورو سوچجان،
ثواب جيڪي تون ارپين پئي هرڪنهن،
گُناهن جي گُنگا ۾ نه ڌوپي
ته سگهندا،
شرابن جو ڳالهيون تون ارپڻ ڇڏي ڏي،
ڪو مدهوش بڻجي،
تنهنجي دل جو شيشو نه ٽوڙي وجهي،
الا ! تنهنجي دل جو شيشو جي
مٺڙي ٽُٽِي پيو،
ته جِي مان ڀي نه سگهندس،
پن ڇڻ جي موسم جيان،
ڇڻي مان ڀي پوندس،
متان ڪنهن کي ڀُلجي،
چپن جا گُلاب ارپين،
متان ڪنهن کي ڀُلجي،
تازا ۽ ڳاڙها گُلاب ارپين،
متان ڪنهن کي ڀُلجي،
پوتر شباب ارپين،
متان ڪنهن کي ڀُلجي،
اکين جا شراب ارپين،
مٺِي سوچجان،
ٿورو سوچجان...........
آزاد نظم
نثاراحمد ناز
چپن جا گُلاب ارپڻ کان پهرين،
محبتن جا خُواب ارپڻ کان پهرين،
ٿرڪندڙ شباب ارپڻ کان پهرين،
مِٺي سوچجان،
ٿورو سوچجان،
وفائن جي رستن تي هيل،
جفائن جا ٻُوٽا ڀي اُڀري پون ٿا،
گُلابن جي موسم ۾،
خزائون ڀي گُهلِي پون ٿيون،
مٺي سوچجان ، ٿورو سوچجان،
ثواب جيڪي تون ارپين پئي هرڪنهن،
گُناهن جي گُنگا ۾ نه ڌوپي
ته سگهندا،
شرابن جو ڳالهيون تون ارپڻ ڇڏي ڏي،
ڪو مدهوش بڻجي،
تنهنجي دل جو شيشو نه ٽوڙي وجهي،
الا ! تنهنجي دل جو شيشو جي
مٺڙي ٽُٽِي پيو،
ته جِي مان ڀي نه سگهندس،
پن ڇڻ جي موسم جيان،
ڇڻي مان ڀي پوندس،
متان ڪنهن کي ڀُلجي،
چپن جا گُلاب ارپين،
متان ڪنهن کي ڀُلجي،
تازا ۽ ڳاڙها گُلاب ارپين،
متان ڪنهن کي ڀُلجي،
پوتر شباب ارپين،
متان ڪنهن کي ڀُلجي،
اکين جا شراب ارپين،
مٺِي سوچجان،
ٿورو سوچجان...........