حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جون تصنيفات ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشي برصغير هندو پاڪ جي علمي ۽ ادبي خاندان ۾ سنڌ جو هڪ برک خاندان حضرت مخدوم نوح رح سرور هالائي جو آهي. هن خاندان ۾ اهل دل درويش، عالم فاضل ۽ شاعر ٿي گذريا آهن. هيءَ علمي شمع حضرت مخدوم نوح سرور کان وٺي اڄ تائين روشن آهي. هن خانوادي جي عالمن ۽ شاعرن جو تذڪرو سنڌ جي علمي تاريخ ۾ ٿيندو آيو آهي پر اڃا به هن خانوادي جي بزرگن تي لکڻ جي ضرورت آهي. طالب الموليٰ اڪيڊمي طرفان حضرت مخدوم جميل الزمان جي مشهور تصنيف ” تذڪره مخدومان هالا“ هالا پراڻن جي علمي خاندان مان قاضي غلام محمد قريشي ۽ سندس فرزند قاضي غلام محمد قريشي ۽ سندس فرزند قاضي محمد شوڪت علي قريشي جا به سروري خاندان بابت اعليٰ معيار جا تحقيقي ڪتاب ۽ ٻيون اشاعتون به موجود آهن. ڊاڪٽر عبدلجبار جوڻيجو لکن ٿا ته: اها ڳالهه سج وانگر روشن آهي ته سروري خاندان جي اهل دل حضرات مخدوم صاحب محمد زمان طالب الموليٰ تائين آهن ۽ هاڻي به مخدوم صاحب محمد امين فهيم ۽ مخدوم جميل الزمان صاحب جي عزم ۽ جوان هستي سبب ڏينهون ڏينهن ترقي طرف ۽ روشني طرف تعليمي سفر جاري آهي. ”تذڪره مخدومان هالا“ جناب مخدوم جميل الزمان جو لکيل هن موضوع تي وڏو علمي ڪارنامو آهي. هن مضمون ۾ اسان سروري درگاهه جي 17 هين گادي نشين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ رح جي خدمتن جي هڪڙي رُخَ يعني سندن ”تصنيفات“ بابت مختصر لفظن ۾ روشني وجهون ٿا. سندن والد صاحب حضرت مخدوم غلام محمد ”مغموم“ 1944ع – 1886 عرف ”گل سائين“ سروري گادي جا سورهون نمبر سجاده نشين هئا. پاڻ ۾ هڪ سٺا شاعر هئا سندن تخلص ”مغموم“ هو. هن عشق جي اسلام ۾ آباد آئون آهيان. دلشاد آئون، دلشاد آئون، دلشاد آئون آهيان. حضرت مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ رح، آڪٽوبر 1919ع – 11 جنوري 1993ع پاڻ 1934ع کان پنهنجي شاعري جو آغاز ڪيائون. سندن لازوال ۽ پربهار شاعري ۾ سلاست ۽ سادگي، سچائي محبت ۽ دعائن جا عمدا عمدا لفظ نظر اچن ٿا. منهنجو ته وار وار ٿو دمدم دعا ڪري، ڪوسو لڳي نه واءُ سڄڻ کي، خدا ڪري، هڪ سِرَ هو، سو ته يار جي قدمن تي مون رکيو، هن کان وڌيڪ بنده ناچيز، ڇا ڪري؟ هن مقالي ۾ ان حضرت طالب الموليٰ جي تصنيفات جو ذڪر ڪنداسين. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ لکن ٿا. ”مخدوم صاحب جن لڳاتار سٺ سال سنڌي ادب جي جهولي ڀري، سنه 1967ع کان 1993ع تايئن يعني 47 سالن ۾ سندن 34 ڪتاب شايع ٿيا آهن ۽ ڪجهه مسودا اڃا به اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهن. ٻين لفظن ۾ ايئن کڻي چئجي ته لڳ ڀڳ ٻن سالن ۾ هڪ ڪتاب تخليق ڪيائون. سندن ڪتابن ۾ شعر، نثر، تصوف ۽ تحقيق ۽ تنقيد جا ڪتاب شامل آهن. ڏسو صفحو7 سندن هڪ ڪتاب”مصري جو تڙون جيڪو 1945ع ۾ شايع ٿيو ان جو انگريزي ۾ ترجمو سن 1998ع ۾ ۽ ڊاڪٽر حبيب الله صديقي ڪيو. مخدوم صاحب جي ڪتابن ۾ ديوان طالب الموليٰ به شامل آهي. جيڪو سنڌي شاعري جي تاريخ ۾ 35 نمبر ديوان آهي. ناليوارو اسڪالر محقق ۽ نقاد ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب لکن ٿا ته: حضرت مخدوم غلام محمد ”گل سائين“ جن جا فرزند مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ويهين صدي جي عظيم شاعر طور ڄاتا وڃن ٿا. پاڻ شعر سان گڏ نثر ۾ به صاحب طرز رهيا، ان کان سواءِ نو لکي گودڙي جا رهبر توڙي سياسي رهنما رهيا. سائين طالب الموليٰ جن بزم طالب الموليٰ جو بنياد وڌو. ان سلسلي ۾ تصنيف ۽ تاليف ۽ شاعري جو سلسلو اڄ به رڪارڊ تي آهي. رسالي روح ادب، رسالي شاعر ۽ رسالي فردوس جي اشاعت سندن مرهون منت رهي. پاڻ ٻه ڀيرا سنڌي ادبي بورڊ جا چيئرمين رهيا. بزم طالب الموليٰ جي تنظيم کان سواءِ به هن شمع ادب تي پروانا نڇاور ٿيڻ لڳا. متبدي ۽ نوجوان شاعر ته خير پر مولانا گرامي غلام محمد، سرشار عقيلي ۽ احسن الهاشميءَ جهڙا بلند معيار ۽ قادر الڪلام شاعر به سائين جي محفل جا سينگار هئا. بيت ته بيت پر غزل ۽ ڪافي جا به پاڻ بهترين شاعر هئا. ”ديوان طالب الموليٰ“ ۽ ” ڇپر ۾ ڇڙيون، اهڙي شاعري جي ثابتي لاءِ موجود آهن. پاڻ ڪافي جي نئين سر ترويج لاءِ ڪوشان رهيا ۽ اهواثر به گرامي، سرشار، غني، اسدالله بيخود ۽ ٻين تي رهيو. ادبي ڪانفرنسون به منعقد ڪرايائيون، مطلب ته بهترين ادبي ماحول قائم ٿي ويو. برابر سندن رهنما واري دور ۾ ٻيا به استاد شاعر هئا پر طالب الموليٰ سائين جن جو ڌاڪو چؤطرف هو. حقيقت ۾ مجاز جا ترجمان هئا. حقيقت ته تصوف مان ڄاتي وڃي ٿي ۽ مجاز جو رنگ به چوکو آهي. هن مجازي ميدان تي ڪونتل ڪُڏائڻ ۾ سندن مٽ ڪونه ڏٺو ويو. ڪافين جا هي ٿل ئي اهڙي ساک ڀرين ٿا. سهڻل جا سينگار واهه واهه دل کي وڻن ٿا. تو دلڙي يار ڌُتاري، پوءِ ير ڪان ڪيئي پوئواري. ڪافين جي تال ۽ موسيقي سان واقفيت سبب ان جي مڙني لوازمات کي مڪمل طور ورتائون ۽ سندن حلقي توڙي ٻين ڪافي جي شاعرن سندن پيروي ڪئي. عزل جا به سائين طالب الموليٰ قادر الڪلام شاعر هئا.”ديوان طالب الموليٰ“ جو مطالعو ڪبو ته سندن عزل گوئي جو داد ڏئي سگهبو. غزل جا موضوع هجر و فراق توڙي مڪمل معامله بندي سمجهه ۾ ايندي. مقتل ۽ محفل جو موازنو هيئن ڪن ٿا. ” هو محفل ۾ ئي ماري ٿو ته مقتل مان اسان جو ڇا؟ شهيد ناز آهيون تيغ، قاتل سان اسان جو ڇا؟ غزل جي موضوعن ۾ مئخانن جو استعارو عام آهي. سائين طالب الموليٰ وٽ به اهڙا ڪئين مثال آهن، فرمائين ٿا ته: ”ڪياسون وِرَهه وارن جا، وري آباد مئخانا، پياسن کي پياريِ پرت جا پُر ڪيف پئمانا، چکي جن سوز جي سرڪي ڇڏيو تن مئي پرستي کي، شراب شوق مان هڪدم، ٿيا مهمير مستانا. سندن سمورو ڪلام معنوي خوبين ۽ صنعتن سان مزين آهي. ”خدا جو قسم آ، رڳو درد و غم آ، رڳو درد و غم آ، خدا جو قسم آ. نثر ۾ به طالب الموليٰ رح جون تحريرون داد تحسين حاصل ڪري چڪيون آهن ۽ تحقيق ۾ به سائين طالب الموليٰ جا ڪتاب”ڪافي، ياد رفتگان ۽ مقالا بلند معيار جا آهن. نو لکي گودڙي جا مالڪ ۽ عوامي سياست جا شهسوار هجڻ سان گڏ مخدوم طالب الموليٰ سائين ادب جي دنيا ۾ به صف اول ۾ هئا ۽ رهندا. سندن سوانح حيات ۽ علمي ادبي خدمتن تي اڃا به گهڻو ڪم ڪري سگهجي ٿو. سندن باري ۾ ادبي ڪانفرنسون ڪجن ۽ مقالا لکائجن تڏهن مس هن ضروري خدمت کان عهده برا ٿي سگهبو (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو) طالب الموليٰ رح جي ڪتابن جو تفصيل ڪجهه هن طرح آهي: نثر اسلامي تصوف: 1951ع ۾ ڇپيو شيطان، 1951ع ۾ ڇپيو خود شناسي 1952ع ۾ ڇپيو امام غزالي جا خط 1953ع ۾ ڇپيو ڪافي 1958ع ۾ ڇپيو لغات سنڌي مخففات 1991ع ۾ ڇپيو چهنڊڙيون 1992ع ۾ ڇپيو مضامين طالب الموليٰ 1998ع ۾ ڇپيو ڪچڪول 1955ع ۾ ڇپيو مرتب پروفيسر محبوب علي چنا يادرفتگان 2 حصا 1953ع ۾ ڇپيو نظم بهار طالب 1946 ۾ ڇپيو رباعيات طالب 1949ع ۾ ڇپيو مثنوي عقل و عشق 1955ع ۾ ڇپيو ڇپر ۾ ڇڙيون 1971ع ۾ ڇپيو ديوان طالب الموليٰ 1982ع ۾ ڇپيو بي پير اکيون 1987ع ۾ ڇپيو شان سروري 1962ع ۾ ڇپيو: مرتب محبوب سروري مصري جون تڙون 1965ع ۾ ڇپيو، انگريزي ترجمو ڊاڪٽر حبيب الله صديقي 1998ع انتخاب طالب 1993ع: مرتب مخدوم جميل الزمان دلربا دلربا 1985ع، مرتب مخدوم جميل الزمان آب حيات 1991ع ۾ ڇپيو سنڌ جو شڪار اڻ ڇپيل بياض طالب الموليٰ اڻ ڇپيل سماع العاشقين اڻ ڇپيل بهارستان 1994ع ۾ ڇپيو بشڪريه عبرت