جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي هڪ آفيسر جي گهر گهڻ قيمتي ٽيليفون بل آيو ... همراهه پريشان ٿي ويو ۽ مٿي تي هٿ رکي سڀني گهر وارن کي سڏايو .... سوال ڪيائين؛ آءُ ته گهر مان فون ڪندو ئي ناهيان ۽ سڀ فونون آفيس مان ڪري ايندو آهيان ته پوءِ هي گهڻي قيمت وارو بل ڪيئن آيو ؟ بيگم جواب ڏنو؛ مان به ته سڀ فون ڪم دوران، آفيس مان ئي ڪري ڇڏيندي آهيان ... پٽ وراڻيو؛ مان به ته آفيس مان ئي ڪري ڇڏيندو آهيان نوڪرياڻيءَ خاموش بيٺي سڀ ٻڌو ... مالڪ کائنس پڇيو ته تون ٻڌاءِ ته هي فون جو بل ايترو گهڻو ڪيئن آيو آهي؟ نوڪرياڻيءَ جواب ڏنو ته سائين آءُ به ته اوهان جيئان ڪم دوران ئي فون ڪري ڇڏيندي آهيان ...
سائين ابو زين واري، انهن کلڻ ڪارٽونن اصل سائين واري لکڻي ۾ وڌيڪ جوش ڀري ڇڏيو آهي۔۔۔ زبردست سائين ابڙا صاحب
زبردست ادا نثار ابڙا۔ اهو سسٽم لڳي ٿو هاڻي پوري دنيا جو مسئلو ٿي ويو آهي ، هر ڪو ائين چوندو وتي ته اسان جِي مولا پُڄائي باقي ٻي ڪنهنجو ڏگهرو نڪري ته ڀلي پيو نڪري، اهڙي طرح تنهنجو ڀوڳ انتهائي ٽوپ (ٽاپ) تي آهي۔ مزاح جو مزاح جيڪڏهن غور ڪيو وڃي ته مفت خورن لاٌءِ هن لطيفي ۾ هڪڙي مُنهن واري چماٽ آهي۔ تُنهنجو هي ڀوڳ حقيقتن جي قريب تر آهي۔
ادا فقير، تو واري ان ڳنڍيل تصوير سان ته جاگيراڻن جي باغ ۾ ويٺل هڪ مولو موالي ياد اچي ويو، جو چرس جو سوٽو هڻي چوندو هو ته هي نڀاڳو چرس سڀ بيماريون ختم ڪري صرف کنگهه جي بيماري ڏئي ٿو ۽ پوءِ تيستائين کنگهندو هو جيستائين صلفيءَ جو ٻيو سوٽو نه هڻي ... hall charihall charihall charihall chari
واهه سائين واهه، تمام لاجواب شيئرنگ، وري ادي ابوزين جي مسڪراهٽن ته لکڻي کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا۔ وري ادي فقير جي موالي جي ته ڳالهه ئي ٻي هئي۔ اصل صفا پنهنجي تصوير رکي اٿس۔ ۔3