دوستو اڄ گوگل ڪروم جي هڪ ايڪسيٽينشن تي نظر پئي۔۔۔ ڀلو لڳو ان ڪري سنگت سان ونڊ ڪرڻ گهريم۔۔۔ Aviary Screen Capture نالي هن ايڪسٽينشن ذريعي توهان ڪنهن به ويب سائيٽ پيج جو اسڪرين شاٽ وٺي سگهو ٿا۔۔۔ ۽ نه رڳو ايترو پر ورتل اسڪرين شاٽ کي گوگل ڪروم ۾ رهندي ئي ايڊٽ ڪري سگهو ٿا ۔۔۔ ان کانپوءِ چاهيو ته پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ محفوظ ڪريو يا وري ايڪسٽينشن مهيا ڪندڙ سائيٽ تي هوسٽ ڪري اميج يو آر ايل حاصل ڪيو ۽ سڪرين شاٽ کي سنڌ سلامت تي لڳايو۔۔۔ وڌيڪ تفصيل لاءِ هي وڊيو ڏسو۔۔۔۔ http://www.youtube.com/watch?v=8GpiGFpc5jY هن ايڪسٽينشن ذريعي تجربو ڪندي مون پڻ سنڌ سلامت جو اسڪرين شاٽ وٺندي ترميم به ڪئي ۽ هوسٽنگ ڪري يو آر ايل پڻ حاصل ڪيم۔۔۔ جنهن جو نظارو ڏسو۔۔۔۔ گوگل ڪروم ايڪسٽينشن انسٽال ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔
جواب: ويب پيج جي تصوير وٺو ۽ ان کي آن لائين ايڊٽ ۽ هوسٽ ڪري سنڌ سلامت تي لڳايو۔۔۔ ادا وڏي مهرباني تمام بهترين معلومات ڏيڻ جي