ٻولي سان محبت يا روزي روٽي جو مسئلو(ننڍي کنڊ ۾ ٻولين جو تڪرار ۽ سنڌي ٻولي)

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏16 فيبروري 2011۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ڊاڪٽر مرلي ڌر جيٽلي
    (عوامي آواز)

    هندي، جنهن کي هاڻ اردو سڏيو ويندو آهي، جنهن ۾ صوفين، شيخن ۽ ڀڳتن جو وڏو ڪردار آهي. هندو ۽ مسلمان مذهبي اڳواڻ پراڻن حڪمرانن جي ڀيٽ ۾ عوام کي وڌيڪ ويجها هئا. خانقاهون ۽ روڊ ڪناري ڀڳتي ڪئمپون سڀني ماڻهن لاءِ هر وقت کليل هونديون هيون. ڏهين صدي عيسوي جي ٻئي اڌ کان اسماعيلي مبلغن مقامي ٻولين ۾ مذهبي تبليغ ڪئي ۽ ان تي شاعري پڻ ڪئي. ساڳيو ڪم مسلمان صوفين ٻارهين صدي جي آخر يا تيرهين صدي جي شروع ۾ ڪيو. عام مسلمان فارسي نه ڄاڻندا هئا ان ڪري هنن مقامي ٻولين ۾ پيغام پهچايو (هندي شروعاتي اردو، جيئن اڄ ڪلهه ڪجهه فيشن ايبل ماڻهو سڏين ٿا) هندستان ۾ اسلام پکيڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هڪ ڀيرو وري اها هندي لهجي جي هندستاني موسيقي ئي هئي جنهن مسلمان صوفين ۽ سندن مريدن تي روحاني وجد طاري ڪيو. اسان عظيم راڳي تانسين کي وساري نه ٿا سگهون جيڪو اڪبر جي درٻار ۾ وجد طاري ڪرڻ ۾ پنهنجو مَٽُ پاڻ هو.
    مسلمان عالمن ۽ وڪيلن جي مخالفت باوجود هندستاني موسيقي ڏهين کان 14 هين صدي تائين اسماعيلي مبلغن ۽ 13 هين صدي کان پوءِ چشتي صوفي سلسلي وسيلي پکڙي ۽ اڄ تائين اهو سلسلو جاري آهي. اورنگزيب کان سواءِ سمورا مغل شهنشاهه موسيقي جا سرپرست بڻيا. بجارپور جي بادشاهه عادل شاهه (57-1535) مسلمان راڳين کي هندو ڀڄن ۽ هندو راڳين کي مسلمانن جا مذهبي گيت ڳائڻ جي اجازت ڏني. اها مقامي ٻولين خاص طور هندي جي موسيقي ئي هئي جنهن هندو. مسلم ثقافت ۽ روايتن کي ترقي ڏياري ۽ هندي يا هندستاني کي سڄي ڏکڻ ايشيا لاءِ رابطي جو ذريعو بڻايو. اورنگ زيب بجارپور ۽ گولڪنڊا فتح ڪيا ته دڪن جي ادبي ٻولي هندستاني مغل شهنشاهيت جي اترين شهرن ۾ پهتي پر اتر هندستان ۾ ان کي سٺو نه سمجهيو ويو. خواجه مير درد (48-1720)، مرزا رفيع سودا (81-1713) ۽ مير تقي مير (81-1733) جهڙن شاعرن شهنشاهيت تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ته هندستاني (اردو يا اولهندي هندي) جي حمايت ڪري ثقافت معاشري ۾ فارسي جي زوال جو سامان پيدا ڪيو پيو وڃي. فارسي پهرين ٻولي نه هئي جيڪا ڏکڻ ايشيا ۾ سرڪاري طور متعارف ٿي. اڳ ۾ به ان جا مثال موجود هئا مثال طور سنسڪرت (300-800 قبل مسيح)، آراميڪ (400-519 ق.م)، پالي (184-300 ق.م) يوناني (184 ق. م کان 200ع) سنسڪرت ٻيهر (1200-200ع)، فارسي (1837-1200ع). ڇاڪاڻ ته اهي ٻوليون حڪمرانن ٿاڦيون هيون ان ڪري اهي رڳو پنهنجا نشان ڇڏيندي ختم ٿي ويون. عام طور انهن کان واقف به نه هو. انهن مان ڪابه ٻولي وڻج واپار جو ذريعو نه هئي ۽ سائنسي ترقي ۾ به ان جو ڪو حصو نه هو. (سواءِ اڪامينين ۽ گپتا دور جي سنسڪرت جي). مذهبي ٻولين طور يقن انهن ٻولين ڪجهه لفظ ڇڏيا پر اهي مذهبي لفظ آهن ۽ عام طور ترجمو نه ٿا ٿي سگهن ان ڪري مقامي ٻولي جو حصو رهيا.
    انگريزي ٻولي کي ان ڪري الڳ ڪجي ٿو جو ان جي عالمي، سائنسي ۽ اقتصادي ترقي ۽ جديد ادب ان کي عالمي ٻولي بڻايو آهي. جيڪڏهن انگريز ڏکڻ ايشيا ۾ انگريزي ۽ اولهه جا آئيڊيا ۽ ٽيڪنالاجي نه آڻين ها ته اسان آزادي به حاصل ڪري نه سگهون ها. انگريزن عام ڳالهائجندڙ ٻولي هندستاني کي فارسي لپي ۾ آڻي اردو جو نئون رخ ڏئي فارسي جي جاءِ تي سرڪاري ٻولي بڻايو. شروع ۾ يو پي جي مسلمانن فارسي جي ان تبديلي کي پسند نه ڪيو پر پوءِ هنن ان جي اقتصادي اهميت سمجهي ورتي ۽ ان کي سرڪاري نوڪريون حاصل ڪرڻ، سيسي فائدا کڻڻ ۽ پاڻ کي امير بڻائڻ جي نسخي طور استعمال ڪيو ۽ سرڪاري نوڪرين، انتظاميا ۽ سياست ۾ سندن هڪ هٽي قائم ٿي.
    مغل راڄ ۾ يوپي جي شهري مسلمانن جي سرڪاري نوڪرين تي مڪمل هڪ هٽي هئي. فارسي جي لپي ۾ هندستاني متعارف ٿي ته اڳ ۾ ئي فارسي ڄاڻندڙ مسلمانن ان کي پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ وڌيڪ آسان سمجهيو جنهن سان هنن پيشڪار سرشتيدار، مهاڙيدار وغيره جهڙيون نوڪريون حاصل ڪيون. جڏهن تعليم عام ٿي ته هندن ٻولي نه پر لپيءَ خلاف احتجاج ڪيو ۽ مسلمانن ان ٻولي کي پنهنجي مذهب ايمان ۽ ثقافت جو حصو ڪري پيش ڪيو حقيقت اها آهي ته نه هندي ۽ نه ئي اردو جو انهن ٻنهي جو مذهب سان ڪو واسطو نه هو ٻنهي لاءِ اهو روزي روٽي جو مسئلو هو. اها به حقيقت آهي ته ڀلي عوام ۾ ڪوبه مبلغ مذهب لاءِ ڪيتريون به رڙيون ڪري پر ايمان تي هميشه پيٽ کي فوقيت رهي آهي. اهو ناجائز فائدي مقابلي ۽ ڪجهه حاصل ڪرڻ جو سوال هو. 1882ع جي هندي- اردو وڳوڙن ۾ ڪيترائي مسلمان مارجي ويا. انگريز گورنر مارجي ويل مسلمانن جي پونيئرن مدد لاءِ مسلمانن جي وفد سان مليو، ملاقات جي منٽس ۾ هن لکيو آهي ته هو حيران هو ته مسلمان سرڪاري نوڪرين ۾ وڌيڪ ڪوٽا، ڀرتي جي وڌيڪ موقعن ۽ وڌيڪ تعليمي ادارن جا مطالبا ڪري رهيا هئا، ڪنهن به انهن مارجي ويل مسلمانن جي خاندانن لاءِ معاوضي جي ڳالهه نه ڪئي جيڪي ڪاسائي، ٽانگا هلائيندڙ ۽ پورهيت هئا. ان مان ثابت ٿيو ته ٻولي جو معاملو ۽ تڪرار نه ته ثقافتي هو ۽ نه مذهبي هو. اهو معاشي مسئلو هو اهو گهڻو عرصو اڳ ان وقت به اقتصادي مسئلو ئي هو جڏهن ڳئون ۽ جهنگلي سوئر جي مسئلي تي رتوڇاڻ ٿي هئي.
    هندستاني ٻولي جو تڪرار ان وقت پيدا ٿيو جڏهن عوام ۾ تعليم عام ٿي ۽ هندن سنسڪرت ۽ مسلمانن فارسي ۽ عربي جا لفظ شامل ڪيا ۽ هنن سادي ٻوليءَ کي اردو يا هنديءَ جو نالو ڏنو. پوءِ دهلي کان پٽنا ۽ حيدرآباد دڪن تائين جهيڙا شروع ٿيا ۽ ڏينهون ڏينهن ان ۾ اضافو ٿيندو ۽ ايندڙ سالن ۾ اها صورت حال برقرار رهي ۽ سڄي يوپي يا سندس سرحدي علائقن تائين پهچي وئي ۽ اها ئي ذهنيت اڄ پاڪستان ۾ ڪم ڪري رهي آهي. 1882ع جي اردو – هندي وڳوڙن کان ٺيڪ 90 ورهين کان پوءِ 1972ع ۾ سنڌي ٻولي کان نفرت جي ناتي وڳوڙ ڪرايا ويا. 17 هين ۽ 18 هين صدي ۾ مسلمانن جي هندستاني ٻولي کي فارسي لپيءَ ۾ لکڻ جي مخالفت جا ڪافي ثبوت موجود آهن پر جڏهن انگريزن 1837ع کان پوءِ يوپي، سي پي ۽ بهار ۾ هندستان کي سرڪاري ٻولي طور متعارف ڪرايو ته ان وقت روايتي اسڪول موجود نه هئا مسلمانن فارسي لپيءَ جو فائدو کنيو ۽ ننڍين سرڪاري نوڪرين تي هڪ هٽي قائم ڪري ورتي. ان جي ابتڙ 1861ع ۾ ديوناگري لپي ۾ هندي لکڻ جي حمايت ۾ تحريڪ شروع ٿي ۽ اها تحريڪ بنارس کان شروع ٿي ۽ ان جو مقصد به سرڪاري نوڪريون حاصل ڪرڻ هو. حقيقت هي آهي ته هندستانيءَ جي فارسي لپي ڳوٺن جي آبادي، جتي هندو اڪثريت ۾ هئا ۽ مسلمان اڪثريتي شهري آباد وچ ۾ ويڇا پيدا ڪيا، پر ڪيترائي شهري هندو جن فارسي لپي اختيار ڪئي ته انهن به ڀرپور فائدو حاصل ڪيو. مسلمان اقليت پنهنجا معاشي مفاد ڇڏڻ لاءِ تيار نه هئي، پهريون ڌچڪو ان وقت لڳو جڏهن سر سيد احمد خان جي سائنٽيفڪ سوسائٽي جي هندو ميمبر بابوشو پرساد مطالبو ڪيو ته سوسائٽي جي ڪارروائي هندي (ديوناگري لپي ۾ هندستاني) ۾ به شايع ڪئي وڃي. 1871ع ۾ انگريزن هندي (ديوناگري لپي ۾ هندستاني) بهار ۽ سينٽرل پراونس ۾ ته لاڳو ڪئي پر يوپي ۾ نه، ته جيئن ڪو مسئلو پيدا نه ٿئي. 1899ع ۾ يو پي جي نائب گورنر سر اينٿوني ميڪ ڊونل هندو وفد سان ملاقات کان پوءِ مسلمانن سان صلاح کان پوءِ هڪ حڪم نامو جاري ڪري ڪورٽ دستاويزن ۾ ديوناگري لپي ۾ لکڻ جي اجازت ڏني ۽ ڪورٽ عملدارن لاءِ فارسي ۽ ديوناگري لپي جي ڄاڻ لازمي قرار ڏني.
    ان حڪم نامي هندستاني کي سرڪاري ٻولي جود رجو ڏياريو، اردو جي جاءِ تي هندي کي زوري نه ٿاڦيو پر لپي جي اجازت ڏني، ان جي جواب ۾ 1898ع ۾ انگريز ۽ مسلمان قانون دانن اردو بچايو تنظيم قائم ڪئي انگريز وڪيلن لاءِ عدالتي ڪارروائي ۾ ديوناگري جي فضيلت تسليم ڪرڻ ڏکيو هو، مسلمانن جو خوف سمجهه ۾ ايندڙ هو ته هندو ننڍين نوڪرين لاءِ اهل ٿي ويا هئا. نوڪرين ۾ مسلمانن جو حصو 1887ع جي 45 سيڪڙو مان گهٽجي 1913ع ۾ 25 سيڪڙو رهجي ويو پر اهو جمهوري عمل هو جنهن تحت مسلمان اقليت نوڪرين جي اڪثريت پاڻ وٽ نه ٿي رکي سگهي، انگريز حڪومت پارليامينٽ تحت راڄ ڪندي هئي ۽ هو هندستانين جي ڀرتين کي سيڪيولر انداز ۾ بنا ڪنهن نسل، ذات، رنگ ۽ مذهب جي فرق تحت يقيني بڻائيندا هئا. اردو- هندي تڪرار شروعات هئي. انگريزن ڪجهه سڌارا آندا جيئن 1868ع ۾ لوڪل – سيلف ميونسپل گورنمنٽ چونڊ اصولن ۽ نمائندن جي بنياد تي قائم ڪيائون، چونڊ آبادي جي بيناد تي ٿيڻي هئي ۽ اتي صدين کان راڄ ڪندڙ مسلمان ايليٽ مڪمل خطري ۾ هئي، وٽن ڪوبه متبادل نه هو. اردو جي نالي ۾ مسلمان ڪامورا شاهي جو مسئلو ڪجهه نوڪرين جو نه پر سڄي سول سروس تي ڪنٽرول هو جيڪو اڃا تائين اردو ڳالهائيندڙ حڪمران طبقي وٽ هو.
    يو پي جي اردو ڳالهائيندڙ مسلمانن احتجاج ڪيو ۽ مظاهرا ڪيا ۽ کين ٻين صوبن جي مسلمانن جي حمايت به حاصل ٿي ۽ سڄي هندستان ۾ سياسي ۽ مذهبي بنيادن تي احتجاج ڪيو ويو. اردو ايمان ۽ ايماندارن جي ٻولي بڻجي وئي، ان جا اثر جڳ آشڪار آهن. اوڀر پاڪستان ۾ احتجاج ۽ عليحدگي پسندگي پويان به اردو جو ئي هٿ هو.
    حڪومت جي 1899ع واري آرڊر مسلمانن جي احتجاج کي هٿي وٺرائي جنهن جي قيادت محسن الملڪ (1907-1837ع) ۽ وقار الملڪ 1907-1841ع) ڪري رهيا هئا هنن اردو بچايو تنظيم قائم ڪري احتجاج کي هٿي وٺرائي ۽ 1902ع ۾ انجمن ترقي اردو قائم ٿي. جيتوڻيڪ اوائل ۾ مسلمانن اردو کي خراب ٻولي قرار ڏنو ۽ ان کي زوال پذير معاشري جو نتيجو ڪوٺيو پر هن ٻوليءَ کي ڄڻ آسمان مان هڪ موقعو مليو. مغل شهنشاهه شاهه عالم ٻئي 1765ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني کي ديواني جون ذميواريون ڏنيون پر ان کان پوءِ دهلي کي امن ۽ استحڪام نصيب نه ٿيو، شاهه عالم مراٺن، جاٽن ۽ روحيلن جي ڦرلٽ کان محفوظ رهڻ لاءِ انگريزن جو پينشنر ۽ سندن نگراني ۾ رهيو ان وقت دهلي ۾ هندستاني شاعري نئين سيڪيورٽي حاصل ڪري پاڻ کي جيئاريو اردو جي قبوليت جو پس منظر اهو آهي ان وقت اعليٰ معيار جو 7 جديد ادب پنجابي، سنڌي ۽ ٻين ٻولين ۾ تخليق ٿي رهيو هو. تاريخ شاهد آهي ته اردو ڌار پنهنجي حيثيت مڃائڻ جو موقعو وڃايو ۽ پاڻ کي پنهنجي جنم ڀوميءَ کان فاصلي تي رکيو، کيس هندي بنياد سان مضبوط رشتو قائم رکڻ سان ئي استحڪام ملي سگهيو پئي، اڄ اردو فارسي ۽ عربي جو نقل ڪرڻ سبب بار بڻجي وئي آهي ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي ٻوليون پاڪستان کان ٻاهر جون آهن. جيڪڏهن صدين جي استعمال باوجود عربي ۽ فارسي ٻوليون سنڌ ۾ زندهه نه رهي سگهيون ته پوءِ اردو جهڙي اڻ پوري ۽ خراب ٻولي سنڌي عوام ۾ جاءِ ڪيئن ٿي ٺاهي سگهي.
    سنڌي 1853ع کان سنڌ جي سرڪاري ٻولي هئي. 1882ع جي هندي – اردو وڳوڙن جيان سنڌ ۾ 1972ع جي لساني فسادن پويان ثقافتي اشو نه هو ۽ اردو ڪميٽي جون وزيراعظم ذوالفقار ڀٽو سان ٿيل ڳالهيون ان جو واضح ثبوت آهن جتي هڪ ڀيرو وري معاشي معاملن تي ڳالهايو ويو. اردو جا سڀ نعرا خالي حيلا بهانا ۽ اصل ڳالهه لڪائڻ لاءِ هئا. پنجاب جيان سنڌ ۾ به ٻيهر اردو روزي روٽي جو مسئلو بڻي. سنڌي ٻولي سان تپيدارن، آبدارن، پرائمري استادن ۽ ٻين اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي استادن جون نوڪريون وابسته هيون. پبلشنگ هائوس، پرنٽنگ پريسون، ٻولي جي ترقي جا ادارا، ٽي وي ريڊيو جهڙا سرڪاري مواصلاتي ميڊيا جا ادارا هئا جتي روزانو لکين رپين جو ڪاروبار ٿيندو هو. ڪنهن به ڪميونٽي جي آئيڊيالاجي يا استحڪام داءُ تي لڳل نه هو. توڙي جو اهو سڀ ريت ۽ قوم جي مفادن خلاف هو پر ميڊيا اردو ڳالهائيندڙ آادي کي استعمال ڪيو. ساڳين بنيادن تي ئي بنگالين اردو جي مخالفت ڪئي. بنگالي بمقابله اردو سڌي ريت اقتصادي اشو هو ۽ اسان ڏٺو ته اسان کي ڪيئن شرمنده ڪري ذليل ڪيو ويو. پر باقي بچيل پاڪستان ان مان ڪوبه سبق نه پرايو. انگريز يوپي ۾ سرڪاري ريڪارڊ فارسي لپي واري هندستانيءَ ۾ لکي رهيا هئا، عدالتن ۾ به ساڳي ٻولي استعمال ٿيندي هئي، هندن جو مطالبو هو ته ريڪارڊ ديوناگري ۾ ٺاهيو وڃي جنهن کي هو هندي سڏيندا هئا، هنن اهو به چاهيو پئي ته هندي کي عدالتي ٻولي به بڻايو وڃي، اتان ئي هندي-اردو تڪرار شروع ٿيو. سنڌ ۾ اسان وٽ اهڙي قسم جو ڪوبه تڪرار نه هو. يوپي مان ايندڙ اتي جي ٻولي ڳالهائيندڙ هر شخص کي هندستاني سڏيو ويندو هو اهڙي ريت خلافت تحريڪ جي مهندارن مولانا شوڪت علي ۽ مولانا محمد علي هندستاني چوڻ جو مقصد ته سندن واسطو يوپي جي شهري علائقن سان آهي ان جو مذهب سان ڪوبه واسطو نه هو. يوپي جي ڳوٺاڻن علائقن جي ماڻهن کي سنڌ جي شهرن م ڀيا سڏيو ويندو هو. هو پاڻ کي هندستاني سڏيندا هئا. سنڌ جي شهري علائقن ۾ ٿوري گهڻي اردو ڳالهائبي هئي پر اردو اخبارن، رسالن يا پبلشنگ هائوسز جو ڪوبه وجود نه هوندو هو. سنڌ ۾ اسان وٽ اردو يا هندي جو ڪوبه فرق نه هو. يقينن ابو الڪلام آزاد جي اردو ٻڌي اسان مٿو کنهڻ شروع ڪندا آهيون پر سندس اردو ته اردو ليکڪن لاءِ به ڪلاسيڪل ۽ شاندار هئي. اسان لاءِ اها اردو نه هئي پر اهو ابوالڪلام آزاد ايڊيشن هو. اهو سنڌ جي شهرن ۾ هندستاني بابت رايو هو ۽ ان ڪيترن ئي طريقن سان اسان کي ڏکڻ ايشيا جو حصو بڻايو اها صوبن وچ ۾ رابطي جي بهترين ٻولي هئي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو