سنڌي ٻوليءَ کي ڪراچيءَ مان نيڪالي ڪيئن ملي!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏16 فيبروري 2011۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

    [JUSTIFY]سنڌي ٻوليءَ جي قدامت، عظمت، شاهوڪاريت ۽ اهميت کان اسان سڀ گهڻي ڀاڱي واقف آهيون. عوام سان گڏ سرڪار کي به سنڌي ٻوليءَ کان مڪمل واقفيت آهي. تنهن هوندي به سنڌي ٻولي سُورن ۾ آهي، ان جو اسان کي علاج ڪرڻو پوندو. هونءَ ته سنڌي ٻوليءَ جا گهڻائي مامرا آهن پر اسان هتي سنڌي ٻوليءَ جي تعليمي صورت حال جو ذڪر ڪنداسين. سنڌي ٻوليءَ جي شعر ۽ ادب جو باقاعدي رڪارڊ اسان کي سومر ن جي حڪومتي دور کان ملي ٿو. ان کان اڳ جي علم ادب جون ڪجهه روايتون مليون آهن، جن مان هڪ روايت اِها آهي ته قرآن پاڪ جو سڀ کان اڳ ۾ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو. اها روايت ته ملي ٿي پر ترجمو نه ٿو ملي، ترجمو ڪهڙيءَ رسم الخط (Script) ۾ ڪيو ويو، ان جي به خبر نه ٿي پئي. ان مان اهو پتو ضرور پئي ٿو ته سنڌي ٻولي ايتري شاهوڪار هئي جو ان ۾ لکيو ۽ پڙهيو ويندو هو.
    سنڌي ٻوليءَ ۾ لکڻ پڙهڻ، شاعري ڪرڻ ۽ مڪتبن ۾ پڙهڻ پڙهائڻ جو سلسلو تمام گهڻو آڳاٽو آهي. هڪ دور اهڙو به آيو جو ارغونن، مغلن ۽ ترخانن جي زماني ۾ جڏهن سنڌي ٻوليءَ خلاف ڪات ڪهاڙا تيز ڪيا ويا ۽ مڪتبن مان سنڌي ٻولي ختم ڪئي وئي ته شاگردن وڏا احتجاج ڪيا. ان حد تائين جو هنن چيو ته جيڪڏهن سنڌي نه پڙهائي ويندي ته زبان وڍرائي ڇڏينداسين. پر ٻيءَ ٻوليءَ ۾ نه پڙهنداسين. ”فارسي گهوڙي چاڙهه سي “ خلاف مزاحمتي عمل تيز ٿي ويو. ان مزاحمت جي نتيجي ۾ ئي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ رُڳو سنڌيءَ ۾ ڪلام چوڻ شروع ڪيو. ٻوليءَ جي تحريڪ ئي سنڌي ماڻهن کي سجاڳ ڪيو، ارغونن، مغلن ۽ ترخانن جي راڄ کي ختم ڪري سنڌي ماڻهن پنهنجو راڄ قائم ڪيو. نتيجي ۾ ڪلهوڙا سنڌ جا حڪمران بڻيا. هي همراهه هن ڌرتيءَ جي اصل وارثن منجهان هئا. هنن جي اچڻ سان سنڌ جي ماڻهن سُک جو ساهه کنيو ۽ سنڌي ٻوليءَ کي وڌيڪ ترقي ملي. هن دور جي خوش نصيبي هئي جو شاهه سائينءَ جهڙو عظيم شاعر ان دور ۾ پيدا ٿيو، جنهن ڪري سنڌي ادب جي سونهري دور جو درجو ڪلهوڙن جي زماني کي مليو.
    ان دور ۾ شعر ۽ ادب کان سواءِ تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي وڏي اهميت ۽ ترقي ملي. مدرسن جي مختلف عالمن سنڌيءَ ۾ تعليم ڏيڻ جو باقاعدي نصاب جوڙيو، هنن ان سلسلي ۾ ڪتاب لکيا. ڪتابن لکڻ لاءِ عالمن سنڌي ٻوليءَ جي الف به پنهنجي پنهنجي طريقي سان ٺاهي. سنڌي ٻولي لکڻ جا مختلف نمونا سامهون آيا. هر عالم جي سنڌي لکڻ جو طريقو سندس نالي سان سڃاپجڻ لڳو. جيئن مخدوم ابوالحسن جي سنڌي، مخدوم ضياءُ الدين جي سنڌي، مخدوم احمد جي سنڌي وغيره. نصابي ڪتابن ۾ مقدمـﺒ الصلواة سنڌي ٻوليءَ جو پهريون ڪتاب ڳڻيو وڃي ٿو.
    اهڙيءَ ريت سنڌي ٻوليءَ جو سفر جاري رهيو. ڪلهوڙن کان پوءِ ٽالپر آيا. ٽالپر به هتان جا ئي ٿي ويا هئا. هنن جي دور ۾ به سنڌي ٻوليءَ جي ترقي جاري رهي. البت هن دور ۾ سنڌي فارسي ۽ عربيءَ سان گڏ سرائڪي ٻوليءَ جي اهميت به وڌي. ان ئي ماحول ۾ 1843ع ۾ سنڌ تي انگريزن مڪمل قبضو ڪري پنهنجي حڪومت ٺاهي. انهن جڏهن ڏٺو ته هتان جا ماڻهو پنهنجيءَ ٻوليءَ سان بي پناهه محبت ڪن ٿا ۽ سندن ٻولي تمام گهڻي شاهوڪار ۽ قديم آهي، تڏهن هُنن به سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ اُپاءَ ورتا. هيءُ پهريون ڀيرو هو جو سنڌي ٻوليءَ کي باقاعدي سرڪاري سرپرستي نصيب ٿي. انگريز جيئن ته پڙهيل لکيل قوم هُئي، تنهن ڪري هنن کي سنڌي ٻوليءَ جي لکڻ جي بي ترتيبي پسند نه آئي. نيٺ هُنن سنڌي ٻوليءَ جي رسم الخط جو هڪ معيار (Standard) مقرر ڪرڻ لاءِ ڪميٽي ٺاهي. ان ڪميٽيءَ جي سفارش تي 1853ع ۾ حڪومت هاڻوڪي لکت پڙهت رائج ڪئي. تعليمي ادارن ان جي پوئواري ڪئي. اڳتي هلي 29 هين آگسٽ 1857ع تي انگريز سرڪار هڪ ٻيو حڪم جاري ڪيو، جنهن مطابق سنڌي ٻوليءَ کي دفتري ٻولي جو درجو ڏنو ويو. سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر حڪم ڪيو ته درخواستون وغيره سنڌيءَ ۾ لکيون وڃن. جيڪڏهن ڪو عربيءَ يا فارسيءَ ۾ لکي ٿو ته ان جو سنڌي ترجمو لازمي ڏئي، اهڙيءَ ريت انگريزن هتي نوڪري ڪندڙ ملازمن کي به پابند ڪيو ته هو لازمي طور سنڌي لکن، پڙهن ۽ ڳالهائن.
    انهن حڪمن ۽ اپائن سان سنڌي ٻوليءَ وڏي ترقي ڪئي. تعليمي ادارن ۾ سنڌي عام جام ٿي وئي. عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم هوندي به ميڊيم سنڌي هوندو هو. جڏهن 1947ع ۾ پاڪستان ٺهيو ته سنڌ ۾ گهڻي ڀاڱي اسڪول سنڌي ميڊيم وارا هئا. ڪراچيءَ ۾ توڙي ٻين شهرن ۾ ڪي ٿورا اسڪول انگريزي ميڊيم وارا هئا. 1947ع کان پوءِ تيزيءَ سان سنڌي ميڊيم تبديل ٿيندو ويو. تبديليءَ جو هڪ سبب هندستان مان لڏي آيل مسلمان ڀائر هئا ٻيو سبب هتان جي حڪومت جون پاليسيون هيون،خاص طور تي پير الاهي بخش جڏهن سنڌ جو وڏو وزير ٿيو ته هن نه فقط سنڌ کي وفاق حوالي ڪري ڇڏيو پر سنڌي ٻوليءُ کي Optional قرار ڏئي ڪراچي ۾ سنڌي ميڊيم اسڪول بند ڪري سنڌ جي شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ اردو ميڊيم اسڪول کولڻ جو حڪم ڏنو،پاڪستان ٺهڻ سان سنڌي قوم پنهنجو سڀ ڪجهه پاڪستان حوالي ڪري ڇڏيو. ان ۾ ٻولي به شامل آهي. هِن خطي جون سموريون قومون سنڌي، پنجابي، پٺاڻ ۽ بلوچ سڀ پاڪستاني بڻجي ويا. ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ کي ٻيو وڏو ڪاپاري ڌڪ ون يونٽ جي ڪري لڳو.
    جڏهن سڀئي قومون هڪ قوم بڻجي ويون ته پاڪستان جي قومي ٻولي به رڳو هڪ اردو بڻائي وئي. ٻين ٻولين کي علائقائي ٻولين جو نالو ڏنو ويو. سنڌ جي اصل وارثن سنڌي ٻوليءَ جي سرڪاري سرپرستي نه ٿيڻ جو سخت نوٽيس ورتو ۽ مختلف مرحلن تي پنهنجيءَ خواهش ۽ ڪاوڙ جو اظهار به جاري رکيو. ان جي نتيجي ۾ سنڌ سرڪار ستين جولاءِ 1972ع تي سنڌ اسيمبليءَ مان هڪ بل پاس ڪيو. جنهن کي ”سنڌي ٻوليءَ جي تعليم، واڌاري ۽ استعمال“ (Teaching, Promotion and use of Sindhi Language) جو نالو ڏنو ويو. اهو به گورنر جي منظوريءَ کان پوءِ سنڌ اسيمبليءَ جي تڏهوڪي سيڪريٽري نالي واري ڪهاڻيڪار محترم جمال ابڙي 17 هين جولاءِ 1972ع تي جاري ڪيو. ان بل ۾ چوٿين درجي کان ٻارهين درجي تائين اردوءَ سان گڏ سنڌي ٻولي پڙهائڻ لازمي ڪئي وئي. سنڌي ٻوليءَ کي صوبي جي سرڪاري ٻولي مڃيو ويو. سرڪاري آفيسن، ادارن، عدالتن ۽ اسيمبليءَ ۾ سنڌيءَ ۾ لکپڙهه لازمي ڪئي وئي. سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ اڪيڊمين، بورڊن ۽ ثقافتي ادارن جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان بل تي وڳوڙ ٿيا نتيجي ۾ عمل روڪيو ويو. اڳتي هلي ڪجهه ڳالهين تي عمل ڪيو ويو. سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي ترقيءَ لاءِ سنڌي ادبي بورڊ ته پهريان کان موجود هو پر سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ۽ سنڌ جي يونيورسٽين ۾ مختلف چيئرز سرڪار بعد ۾ ٺاهيون. انهن ادارن جو ڪم لکت ۾ ته مختلف آهي پر عملي طور ساڳيو ئي ڪم ڪري رهيا آهن. سڀئي ساڳين ساڳين موضوعن تي ڪتاب شايع ڪن ٿا. ايئن کڻي چئجي ته گهڻي ڀاڱي اشاعتي ادارن وارو ڪم ڪري رهيا آهن. سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جو بنيادي ڪم سنڌي ٻوليءَ کي دفترن ۾ رائج ڪرائڻ آهي پر ان سلسلي ۾ ڪابه اڳڀرائي نظر نٿي اچي. ٻوليءَ واري ايڪٽ جي روشنيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي اردوءَ سان گڏ چوٿين درجي کان نائين درجي تائين پڙهائڻ تي عمل ته ٿي ويو پر بل مطابق يارهين درجي تي رکيل سنڌي مضمون تي عمل نه ٿي سگهيو. يارهين درجي ۾ غير سنڌي ڳالهائيندڙ شاگردن کي آسان سنڌيءَ جو مضمون پڙهڻو آهي، جڏهن ته سنڌي شاگردن کي يارهين درجي ۾ آسان اردوءَ جو مضمون پڙهڻو آهي. سنڌي شاگرد ته آسان اردو پڙهندا آهن پر آسان سنڌيءَ تي عمل نه ٿو ٿئي.
    آسان سنڌيءَ تي عمل ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي سالن کان سڄاڻ ڌريون ڪوششون ڪنديون پيون اچن. انهن ۾ سنڌ جي ڪاليجي استادن جون تنظيمون سپلا، سنڌي سبجيڪٽ سوسائٽي ڪاليجز ڪراچي، سنڌي ادبي سنگت ۽ مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمون شامل آهن، ان جاکوڙ جي نتيجي ۾ ارباب رحيم جي وڏ وزارت دوران تمام گهڻي اڳڀرائي ٿي. ڊاڪٽر حميده کهڙو سنڌ جي تعليم جي وزير هئي. ان جي ڪوشش به رنگ لاتو ۽ سنڌ جي تعليم کاتي پاڪستان سرڪار جي تعليم کاتي جي (ڪريڪيولم ونگ) کان اسڪيم آف اسٽڊيز منظور ڪرائي 27 هين سيپٽمبر 2005ع تي ترت لاڳو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو. اهو نوٽيفڪيشن سنڌ جي هاڻوڪي چيف سيڪريٽري ۽ تڏهوڪي تعليم واري سيڪريٽري غلام علي شاهه پاشا جاري ڪيو. ان اسڪيم مطابق سنڌي ڳالهائيندڙ شاگردن کي يارهين ۾ آسان اردوءَ جو 100 مارڪن ۽ ٻارهين ۾ سنڌي لازميءَ جو 100 مارڪن جو پرچو جڏهن ته اردو ڳالهائيندڙ شاگردن کي يارهين ۾ آسان سنڌيءَ جو 100 مارڪن ۽ ٻارهين ۾ اردو لازميءَ جو 100 مارڪن جو پرچو ڏيڻو آهي. آسان سنڌيءَ کان سواءِ ٻين مضمونن جا ڪتاب ته اڳي ئي موجود هئا پر پوءِ آسان سنڌيءَ جو ڪتاب به تيار ڪيو ويو. ان جون هزارين ڪاپيون شايع ڪيون ويون. سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد خان به سولي سنڌي پڙهائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. جڏهن عمل جو وقت آيو ته هڪ سياسي ڌر جي ڪجهه اڳواڻن سخت مخالفت ڪئي. نتيجي ۾ عمل روڪڻ لاءِ مختلف سبب سامهون آندا ويا. وڏو سبب ڪراچيءَ ۾ سنڌي مضمون جي ڪاليجي استادن جي کوٽ ڄاڻايو ويو. سنڌي سبجيڪٽ سوسائٽي ڪاليجز ڪراچيءَ تعليم کاتي کي آڇ ڪئي ته اسان تيستائين وڌيڪ پيرڊ وٺنداسين، جيستائين نوان استاد ڀرتي ڪريو ۽ ڀلائي ڪري هن سال کان ئي آسان سنڌي لاڳو ڪريو. پر ڳالهه نه مڃي وئي. خوشيءَ جي ڳالهه اها هئي ته ڪراچيءَ جي ڪجهه ڪاليجن ۾ آسان سنڌي پڙهائجڻ به شروع ٿي وئي ۽ گهڻي ڀاڱي شاگردن ۽ سندن مائٽن پاران آجيان به ٿي، تنهن هوندي به حڪومت پنهنجو ڪيل فيصلو واپس ورتو. سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي سنڌ جي عوام جي دٻاءَ کي مُنهن ڏيڻ لاءِ سنڌي مضمون جا 119 استاد به ايڊهاڪ تي ڀرتي ڪيا. آگسٽ 2006ع ۾ انهن استادن کي ڪاليجن ۾ جوائن ڪرايو ويو. مزي جي ڳالهه اِها ٿي ته ڪراچيءَ جي ڪاليجن جي لاءِ مقرر ڪيل انهن استادن مان 40 سيڪڙو استادن کي سنڌ جي ٻين شهرن ۾ رکيو ويو. آڪٽوبر 2006ع ۾ ڪراچيءَ ۾ يارهين درجي جا ڪلاس شروع ٿيا پر استادن جي اڻاٺ ختم ٿيڻ باوجود آسان سنڌيءَ جو مضمون پڙهائڻ لاءِ اڄ تائين عمل نه ٿي سگهيو آهي. موجوده عوامي حڪومت انهن ايڊهاڪ استادن کي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي پڪو ڪري ساراهه جوڳو ڪم ته ڪيو آهي پر مفاهمت واريءَ پاليسيءَ هيٺ سنڌي مضمون کي دفن ڪري ڇڏيو آهي. ڳالهه رڳو اتي دنگ نه ٿي ڪري. اردو ڳالهائيندڙن کي سنڌي مضمون پڙهائڻ جو مسئلو منجهيل ئي هو ته ڪراچيءَ جي انٽر ميڊئيٽ ايجوڪيشن بورڊ سنڌي شاگردن کان سنڌي مضمون پڙهڻ جو ئي حق کسي ڇڏيو، سن 2001ع ڌاري اهڙو فيصلو ڪيو ويو ته اهڙو ڪوبه سنڌي شاگرد انٽرميڊئيٽ ۾ مادري ٻوليءَ وارو سنڌي مضمون نه پڙهي سگهندو، جنهن مئٽرڪ ۾ مادري ٻوليءَ وارو سنڌي مضمون نه پڙهيو هوندو. ڪراچيءَ جي ٻن ٽن اسڪولن جهڙوڪ: سنڌ مدرسي، اين. جي وي، گڏاپ ٽائون ۽ بن قاسم ٽائون جي هڪ اڌ اسڪول کان سواءِ ڪٿي به مئٽرڪ ۾ مادري ٻوليءَ وارو سنڌي مضمون نه ٿو پڙهايو وڃي. جڏهن مئٽرڪ ۾ هتي ان مضمون پڙهائڻ جو مڪمل بندوبست ناهي ته پوءِ پابندي غيرقانوني آهي، ان فيصلي سان هر سال سوين سنڌي شاگرد متاثر ٿي رهيا آهن. جڏهن انٽر ۾ سنڌي مضمون نه پڙهبو ته بي اي ۾ به نه پڙهي سگهبو. قانون مطابق بي اي ۾ سنڌي مصمون نه هوندو ته ايم اي سنڌي، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي نه ٿي ڪري سگهجي. نتيجي ۾ هوريان هوريان سنڌي ٻوليءَ جي تعليم ختم ٿي ويندي، انٽرميڊئيٽ آرٽس ۾ يارهين ۽ ٻارهين درجي ۾ اختياري مضمون کان سواءِ لازمي سنڌي مضمون، سائنس ۽ ڪامرس ۾ ٻارهين درجي ۾ لازمي سنڌي مضمون ۽ يارهين ۾ آسان اردو، جڏهن ته بي. اي سال پهرئين ۽ آخريءَ ۾ اختياري سنڌي مضمون ۽ فائينل ۾ لازمي سنڌي مضمون پڙهي سگهجي ٿو. بي. ايس سي فائينل ۾ اردوءَ جي جاءِ تي سنڌي مضمون پڙهي سگهجي ٿو. يونيورسٽين ۾ بي. ايس پروگرام ۾ به لازمي سنڌي مضمون ۽ اختياري سنڌي مضمون پڙهي سگهجي ٿو. سنڌي شاگردن کي گهڻي ڀاڱي سنڌي مضمونن جي خبر نه هوندي آهي. يا انتظاميا به لڪائيندي آهي، تنهن ڪري ڪراچيءَ ۾ ڪٿي به داخلا وٺڻ شرط سنڌي استادن سان رابطو ڪيو وڃي. سنڌي ماڻهن جي ذهن ۾ اهو به هوندو آهي ته سنڌي مضمون پڙهڻ سان ڊگريءَ جي اهميت گهٽجي ويندي، سو ايئن نه آهي بلڪه اهميت وڌي ويندي، ڇاڪاڻ ته سنڌي شاگرد پنهنجي مضمون ۾ فطري بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري سُٺيون مارڪون کڻي سگهندا ۽ هنن کي انگريزي، اردو ۽ ٻين مضمونن سان گڏ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب بابت واڌو ڄاڻ به ملي ويندي، جنهن کان غير سنڌي شاگرد محروم هوندا آهن. ڪراچيءَ ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۽ وفاقي اردو يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبا قائم آهن ۽ هر سرڪاري ڪاليج ۾ سنڌي شعبا پڻ کليل آهن انهن سان به رابطو ڪري سگهجي ٿو.
    ملڪ ۾ نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لينگئيجز (نمل) به ڪم ڪري رهي آهي پر ان جو به سنڌي ٻوليءَ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ آهي. اُها پنجابي ٻوليءَ کي ته ماڊرن سمجهي ٿي پر سنڌيءَ کي نه ٿي سمجهي، نمل ۾ سنڌي شعبي کولڻ جي سخت ضرورت آهي. پيپلزپارٽي خاص طور تي صدرآصف علي زرداري ان سلسلي ۾ سنڌي شعبي قائم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ته اسين سندن ٿورائتا ٿينداسين. سنڌ حڪومت جي سينيئر ۽ تعليم جي وزير پير مظهرالحق پرائيويٽ اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائڻ جو حڪم ته جاري ڪيو پر ان تي عمل نه پيو ٿئي، تنهن ڪري عملي اپائن وٺڻ جي ضرورت آهي.
    سنڌي ادبي سنگت سنڌ، سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ واري درجي ڏيارڻ جي مهم شروع ڪئي آهي، جنهن جي ڪاميابيءَ سان سنڌي ٻولي کي فائدو پهچندو. سنڌي ادبي سنگت جي ڪارڪن جي حيثيت سان مون کي اهو فيصلو قبول ته آهي پر ڪجهه تحفظات به آهن، جن جي وضاحت لازمي سمجهان ٿو. اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته سنڌي هڪ قوم آهن. قوم جي سڀني وصفن تي اسان پورا لهون ٿا. اسان وٽ ڌرتي آهي، ٻولي آهي پنهنجي ثقافت آهي، مطلب ته قوم جي سڀني معيارن تي پورا آهيون. جڏهن اسان قوم آهيون ته پوءِ سنڌي ٻولي به اسان جي قومي ٻولي آهي. اسان سنڌيءَ کي قومي ٻولي بڻائڻ وارو مطالبو ڪري ڄڻ سنڌي ٻوليءَ جي قومي ٻولي هجڻ تان هٿ کڻي ويا آهيون، تنهن ڪري مناسب اهو ٿيندو ته سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ۽ دفتري ٻولي بڻائڻ لاءِ تحريڪ هلايون. جيڪي قانون موجب آهي، انهن تي عمل ڪرايون. ڪٿي ائين نه ٿئي ته سنڌيءَ کي پاڪستان جي قومي ٻولي بڻائڻ جي چڪر ۾ اسان سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ ۾ مليل سرڪاري حيثيت لاءِ ڪو مسئلو نه ٿئي، تنهن ڪري اسان کي ڪنهن نئين معاملي ۾ منجهڻ بدران سنڌي ٻولي ايڪٽ تي مڪمل طور تي عمل ڪرائڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي.
    [/JUSTIFY]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو