اجاڙ جيون اجاڙ رستا

'سنڌي شاعري' فورم ۾ جبار بوزدار طرفان آندل موضوعَ ‏12 جولائي 2009۔

  1. جبار بوزدار

    جبار بوزدار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    45
    ورتل پسنديدگيون:
    19
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    govt job
    ماڳ:
    ghotki/ islamabad
    غزل
    جبار بوزدار​

    نه پيار مليو نه يار مليو اجاڙ جيون اجاڙ رستا
    نه غم ئي گهٽيا نه دار مليو اجاڙ جيون اجاڙ رستا
    ــ
    نه ڪنهن جي نيڻ نهار ٿيا سين نه ڪنهن ڳَلي جا ئي هار ٿيا سين
    نه چنڊ جهڙو نکار مليو اجاڙ جيون اجاڙ رستا
    ــ
    ڪٿي گلابن ۾ مرڪيوسين رڳو عذابن ۾ تڙپيوسين
    نه ئي خوشي جو بهار مليو اجاڙ جيون اجاڙ رستا
    ــ
    نه ڪو نياپو نه ڪانوَ مليو نه ئي کلڻ جو ڪو ڏانوَ مليو
    نه چين مليو قرار مليو اجاڙ جيون اجاڙ رستا
    ــ
    نه تُنهنجو ٿيا سين نه جڳ جو ٿيا سين رُڳو رُلياسين رڳو رلياسين
    نه تون نه ڪو جبار مليو اجاڙ جيون اجاڙ رستا​
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    تمام خوبصورت غزل ادا جبار بوزدار جو۔ ادا جبار تُنهنجي هن شاندار غزل تي اسان جي طرفان دلي واڌايون۔ مٺا بوزدار اسان کي تُنهنجي هر ڪويتا جو شدت سان انتظار رهندو آهي۔ شال جُڙيا هُجو پنهنجي پيارن سان (آمين)
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    اسلام عليڪم ادا جبار
    بهترين غزل آهي مٺا توهان جي اهڙي شيئرنگ جو انتظار رهندو
    سنڌ سلامت
    ساٿ سلامت
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا جبار تمام بهترين غزل آهي،
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو