اسلام عليڪم پيارا سنڌي دوستو مان آهيان مصطفي منڱريو ڀٽائي آباد ڪراچي کان۔ مان شڪر گذار آهيان ڀاءُ طاهر سنڌي جو جنهن مونکي هت اچڻ جي دعوت ڏني، ۽ هي فورم مونکي تمام گهڻو سٺو لڳو آهي۔
جواب: مصطفي منڱريو جو سلام ادا منهنجي طرفان به دل جي گهرائين سان ڀليڪار ادي طاهر جي مهرباني جو توهانکي متعارف ڪرايائين [/URL] Uploaded with ImageShack.us[/IMG]
جواب: مصطفي منڱريو جو سلام ادا عرس اوهان جي به مهرباني جو ادي مصطفي جن جو سٺو ويلڪم ڪيو، تمام پيارو دوست آهي۔
جواب: مصطفي منڱريو جو سلام ادا معذرت ڪريان ٿو جو توهان کي جواب دير سان پيو ڏيان، ڪجهه ذاتي مصروفيتن جي ڪري، توهان جهڙن دوستن سان رابطو ڪرڻ ۾ قاصر رهيا سين، پاڻ سکيا جي مرحلي ۾ آهيون، دعائن ۾ ياد۔
جواب: مصطفي منڱريو جو سلام ادا ڀليڪار ڪرڻ لاءِ ٿورا، ان شاءَ الله توهان جهڙن دوستن جي قافلي ۾ ٿڪل ئي سهي پر گڏ هوندا سين ، ادي طاهر کان ڪافي ڪجهه سکڻ لاءِ ملي ٿو، سندن به ٿورا۔
جواب: مصطفي منڱريو جو سلام منهنجي طرفان به دل جي گهرائين سان ڀليڪار ادا طاهر سنڌي صاحب جن جا به ٿورا جن اوهان کي سنڌ سلامت فورم بابت آگاهي ڏني ادا اميد ته ڀيرو ڪندا رهندا سدائين گڏ
جواب: مصطفي منڱريو جو سلام ادا فقير اوهان جي مهرباني، باقي ادي طاهر صاحب جن جي جيڪا ايڪٽوٽي اوهان سان آن لائن آهي ان کان چار ڀيرا وڌيڪ اصل ۾ آف لائن اٿن۔
جواب: مصطفي منڱريو جو سلام ادا مصطفئ منڱريو صاحب آسلام عليڪم۔توهان هن پيار ڀريل اوطاق تي قدم پائي ان جو مانُ مٿائون ڪيو آهي۔هاڻي پنهنجي لکڻين سان مستفيد ٿيڻ جو موقعو عطا فرمايو۔