بليڪ واٽر ۽ ان جا ڪرتوت

'مختلف موضوع' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏16 فيبروري 2011۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    بليڪ واٽر ۽ ان جا ڪرتوت



    هي آمريڪا ۾ هڪ سرسبز علائقو آهي جيڪو هن جي رياست ”ورجينا“ * ڏکڻ ”ڪيرولينا“ جي بارڊر تي آهي. 7 هزار ايڪڙ يعني 28 چورس ڪلو ميٽر جو اهو علائقو جنهن تي تيز سرسبز پڻ پکڙندڙ ٻوٽا موسمن جي اثرن جي ڪري زمين تي پکڙِل هوندا آهن . چوطرف جو سيلابي پاڻي هن کي اڌ ڌٻڻ جي حالت ۾ رکندو اچي ٿو گهڻي گهرائي جي ڪري هتي ننڊڙي ڍنڍ بڻجي ٿي وڃي ۽ سٺي علائقي تي وڇايل گاھ ٿورڙي پاڻي ٻڏل رهڻ جو منظر پيش ڪري ٿو. جيتوڻيڪ گهڻي عرصي پاڻِ ۾ ٻڏل رهڻ جي ڪري سڙي تيز رنگ جو ٿي چڪو آهي ۽ پاڻي ۾ ٻڏل هجڻ ڪري هن سڄي علائقي کي ”ڪارو پاڻي “ يا ”بليڪ واٽر“چيو ويندو آهي .
    7 هزار ايڪڙ جي اها غير آباد زمين ”ايرڪ پرنس“ نالي هڪ شخص 1990ء ۾ ورتي هئي . هن ڊگهي ۽ ويڪري علائقي جي چوطرفڪنڊيدار لوھ جي ٻاڙ لڳل آهي . 28 چورس ڪيلوميٽر علائقي جو اندازو هن طرح لڳايو ته لاهور جو اندروني شهر 2 ڪلوميٽر زمين تي واقع آهي يعني اهڙن 14 شهرن جي برابر.
    هن زمين تي 1997ء ۾ هڪ تنظيم ٺاهي وئي جنهن جو نالو بليڪ واٽر ورلڊ وائيڊ رکيو ويو . هن ئي تنظيم هن 7 هزار ايڪڙن تي دنيا جي سڀ کان وڏي سيڪولر ايجينسي جو ٽرينگ سينٽر ٺاهيو . اهو ٽرينگ سينٽر ايترو وڏو آهي جيڪو سيٽلائٽ جي ذريعي ” گوگل ارٿ “تي وڃي ڏسي سگهجي ٿو . اهو ٽرينگ سينٽر سال ۾ چاليھ هزار ماڻهن کي سيڪيوريٽي جي هر هن جم جي ٽرينگ ” سکيا “ ڏئي ٿو، جيڪا ڪليل ۽ کليل هي طرح جي مقصدن کي پورو ڪري سگهي . نومبر 2006ء ڻ هن تنظيم شڪاگو جي شهر ”ملونٽ ڪيرول “۾ 30 ايڪڙ چورس زمين ورتي هئي جتي هن تنظيم جي اتر واري علائقن ۾ لاءِ ڍانچي کي ٺاهيو ويندو . هن سيڪيورٽي ايجنسي جا جهاز ، پنهنجا هيليڪاپٽر ۽ نوان جنگي هٿيار آهن .
    هن تنظيم هاڻي ڪجه عرصي اڳ پنهجي نالي کا مٽائي ”Xe“ رکيو آهي . اها پرائيوٽ سيڪيورٽي تنظيم آمريڪا جهڙِ ملڪ ۾ ٺاهي وئي آهي جنهن کي دنيا جي سڀ کان وڏي سڀ کان گهڻي تعداد ۾ نون هٿيارن سان ڀريل ۽ سڀ کان گهڻي بجيٽ رکڻ واري فوج رکڻ جو اعزاز حاصل آهي . اها هڪ اهڙي پرائيوٽ تنظيم آهي جيڪا پنهنجي پاڻ کي سڀنن قاعدن ۽ ضابطن کان مٿان سمجهندي آهي جيڪا سرڪاري تنظيمن تي مسلط آهي ، پوءِ چو نه اها سي آئي اي (CIA) نه هجي . جنهن کي ڪنهن جي سامهون جوابديده نه ٿيڻو پوندو آهي . ته پيسو ڪٿان آيو ڪٿي خرچ ٿيو ، پر اها تنظيم پنهنجي پاڻ کي ڪارپوريٽ ڪلچر جو حصو سمجهندي آهي هن ڪري پيسن جو حساب ڏيڻ جو پاڻ کي نه محتاج سمجنهدي آهي ۽ نه ئي پنهجي ڳجهي سرگرمين جو . چو ته اها سمجهندي آهي ته اسين اهو ڪم پيسا وڄي ڪري هڪ ماڻهو کي سيڪيورٽي جي لاءِ ڪري ڏيون ٿا . تنهن ڪري اسين ڪنهنن نه قسم جي معلومات تائين پهچڻ نٿا ڏيون .
    هن تنظيم جي شهرت پهريون دفعو هن وقت ٿي جڏنهن عراق تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ امريڪا جي فوجين هنن کي ڀرتي ڪرڻ جو ٺيڪو ڏنو. اهو ٺيڪو 21 ملين ڊالرن جو هئو . هي اهو زمانو هو جڏهن هن تنظيم پوري دنيا مان ماڻهن کي امريڪا وٺي وڃڻ جي ترغيب ۽ بهترين عالمي فورم ۾ ڪم ڪرڻ جي بهاني بهترين جسماني صحت ۽ فوج ۾ گذريل ڪيرئير جي حوالي سان ماڻهن کي طرتي ڪيو . 2004 ء ۾ ڪراچي ۾ سابقه فوجين کي به سيڪيورٽي ۾ ڀرتي ڪرڻ جي نالي اشتهار ڏئي ڪري گهرايو ويو.
    هن تنظيم جو ڪمال اهو آحي ته اها اهڙي علائقي ۾ جتي آمريڪي اپريشن ڪرڻ چاهيندا آهن اتي اين جي اوز ۽ رفاهي تنظيمن جي نالي تي آفيس کوليندا آهن . پنهجي ظاهري ڏيک سان پڙهيل لکيلن کي هتي رفاهي سرگرمين جي لاءِ چوندا آهن ۽ پوءِ هئينءَ سڄي دوکي ۾ گوريلا نما ڪرائي جي فوجي هتي اچي ويندا آهن .
    هنن جي سڄي ڪاروائي کي عراق جو عوام چڱي طرح سمجهي ويا هئا . چو ته اهي هر روز هنن جي هٿان مرندا هئا . ڪوبه اهڙو شحر ڪونه هو جٿي هنن جا خريد ڪيل اين جي اوز جا ڪارندا هنن جي جاسوسي نه ڪندا هئا . تنهن ڪري جڏنهن فلوجه تي آمريڪي جوحملو شدت اختيار ڪري ويو ته پوءِ فلوجه وارن کاڌي جا سامان فراهم ڪرڻ وارن ٺيڪيدارن کي ماري هنن جي لاشن کي فرات دريا جي ڪناري لٽڪائي ڇڏيو ڇو ته اهي ٺيڪيدار فراهي سرگرمين جي آڙ ۾ ڪرائي جي فوجين کي قتل و غارت ڪرڻ لاءِ رستو ٺاهي 0يندا هئا . نجف فلوجه ۾ هن تنظيم جي ڪارندن جي ظلمن جي داستان هاڻي جنهن کان لڪيل ناهن صرف اهو آحي ته اڳتي هلي ڪري اهي ڪيڏانهن ٿا وڃن ۽ ڪهڙو ملڪ هنن جو نشانو آهي . هاڻي هي حقيقت نروار ٿي سامهون اچي چڪي آهي ته اها تنظيم نه رڳو پاڪستان پهچي چڪي آهي پر پشاور شهر جي علائقن ۾ هن جا افراد گهر خريد ڪري رهن پيا . هتي ماڻهن خوف ۽ هراس ڏسڻ وٽان آهي . يونيورسٽي ٽائون هن تنظيم جو مرڪز آهي . ڪاري رنگ جي آرميڊ گاڏي تي سوار ڪاري عينڪ لڳل ۽ جديد هٿيار هٿ ۾ ڪڻي ماڻهو پنهنجي گاڏين مان هن وقت ٻاهر نڪرندا آهنجٿي ٽريفڪ جام هجي ۽ اهي گاڏين ۾ ويٺل شخص جي حفاظت جي لاءِ ان جي آس پاس بيٺل رهن ٿا . جنهن تنظيم جي نالي سان هي ماڻهو گهرايا ويا آهنهن جو نالو Associate Ceateve آهي . هي قبائلي علائقن ۾ ترقيءَ جي ڪمن جي نالي تي ايندڙ آمريڪي ڪمپني آهي . دنيا جي جنهن ملڪ ۾ به بليڪ واٽر جا ماڻهو آهن . اهي اين جي اوز ۽ اهڙي طرح جي ڪمپنين ۾ ڪم ڪندڙ ايڪڙ ٻيڪڙ آمريڪين جي حفاظت جي نالي تي ويندا آهن۽ وري انهن جون ڪاروايون سڄي علائقي کي پنهنجي قبضي ۾ آڻين ٿيون . ڏاڍ ، قتل . اغوا . جنسي ڏاڍ ۽ ننڍن ٻاررن تي جنسي ڏاڍائي........... هي سڀ ڪجه اهڙا الزام آهن جيڪي سندن ڪرائي دار فوجين تي ڪيترائي ڀيرا لڳي چڪا آهن . انهن ۾ اڪثريت بلڪه نوي سيڪڙي کان به وڌيڪ يورپ ، ايشيا ۽ آفريڪا جي رٽائرڊ فوجين تي مشتمل آهن ۽ انهن مان هر هڪ جي پگهار ڪنهن آريڪي ريٽائرڊ جنرل کان به وڏيڪ آهي.
    هن سڄي پس منظر ۾ سڄي دنيا جي اخبارن جون رپورٽون ۽ تبصرا ڪڍي پڙهي ڏسو اوهان حيران ٿي ويندو ته منهنجي ملڪ ۾ ڪهڙو منظر نامو ايندڙ ڏينهن ۾ سامهون اچڻ وارو آهي؟.
    هڪ ارب ڊالر سان جوريل دنيا جو سڀ کان وڏو سفارت خانو جنهن ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ ميرين فوجي هوندا.
    هن سڄي پروگرام جي لاءِ عالمي اخبارن جون خبرون هي آهن ته بي شمار ريٽائرڊ پاڪستاني فوجي ، بيوڪريٽ ، دامشور صحافي ۽ انساني حقن جي تنظيمن جا ماڻهو ان معرڪي ( جنگ) جي لاءِ ڀرتي ڪيو ويا آهن، جيڪو به خبر جو ذريعو آهي ان پروگرام کي عملي جامو پهرائڻ ۾ ڪوشان آهي . اهڙي ماحول ۾ جڏنهن چئن ئي طرفن کان هي مايوس قوم جيڪا جڏنهن هڪڙي پاسي ته ڪڏنهن هن پاسي ڏسي ٿي ڪڏنهن هنن چونڊيل سياستدانن جي باري ۾ سوچي ٿي ته ڪڏنهن وري وطن جي همدردن جي باري سوچي ٿي .
    ائين لڳي ٿو ته هن ڀيري جيڪو ميدان جنگ جي لاءِ ڪيو ويو آهي ان ۾ هٿين خالي پاڪستانين کي شايد پاڻ ئي انهن سيلاب جي اڳيان بند ٻڌڻو پوي . انهن کي پاڻ انهن مهمانن کي دربدر ڪرڻو پوندو ، تنهن ڪري جن طبقن جي دعوت تي هي هتي اچن ٿا هو جنگ جي حالت ۾ هتان هليا ويندا ۽ فلوجه ۽ نجف جي عوام جيان وڙهڻ اسان جو مقصد بڻجي ويندو . هن کان اڳ جو شڪاري پنهنجو ٺڪاڻو ٺاهي وڃي ، ان کي ان زمين کان پري ڪرڻو پوندو ان کي ڱڍڻو پوندو نه ته ڪنهن کي خبر ته ان جي نشاني تي ڪنهن جو گهر هوندو ، جنهن جو پٽ هوندو ، پيءُ ماءُ يا ڀيڻ هوندي ؟ ماتم ڪرڻ کان اڳ سيلاب کي روڪڻ ضروري آهي.


    ترجمو ۽ ڪمپوزر ؛ افتخار علي چوهاڻ
    ضرب مومن کان ورتل
    ماهوار ؛ الفاروق سنڌي ڪراچي
    شمارو ذوالقعده 1430 ھ
    مطابق نومبر 2009 ء





     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: بليڪ واٽر ۽ ان جا ڪرتوت

    [justify]ادا افتخار الله تعالي اوهان کي جزائي خير عطا فرمائي ايئن لڳي ٿو ڄڻ اوهان جي هن مضمون سان اسان جون اکيون کلي ويون هجن۔
    هاڻ يقين سان چئي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ ايندڙ سيلاب جي پويان ڪهڙا هٿ آهن؟
    اسان کي هوشيار رهڻ گهرجي، عراق کان پوءِ هي انٽليجنس پاڪستان کي پنهنجو ٽارگيٽ ڪرڻ چاهي ٿي۔
    اسان کي صرف پنهنجي فوج جي قابليت جي پٽي پنهنجن اکين تي نه رکڻ گهرجي، بلڪِ هر غير ملڪي جي مشڪوڪ حرڪتن تي نظر رکڻي پوندي۔
    جيئي سنڌ
    [/justify]
     
  3. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: بليڪ واٽر ۽ ان جا ڪرتوت

    جي ادا اها حقيقت آهي ته حڪمرانن جي ڪڍ لڳڻ فضول ۽ وقت جو ضياع آهي ، اچو ته پاڻ ۾‌تبديلي پيدا ڪيون دوستن احبابن جي حلقي کان اها چنڳاري اٺي ۽ پنهنجن علائقن تائين ڳالھ آڻجي هوريان هوريان ڏسندو ته ضرور گهر گهر اها ڳالھ پنهچندي ۽ انقلاب جو روپ ڌاري ضرور تبديلي آڻيندي
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: بليڪ واٽر ۽ ان جا ڪرتوت

    سائين افتخار اوهان جو هڪ بهترين ليک آهي

    ڄاڻ سان ڀرپور ۽ بليڪ واٽر متعلق چاڻ ڏيڻ تي اوهان جا ٿورائتا آهيون۔

    جيڪڏهن اسان ۾ ايڪو ۽ اتحاد هجي ته بليڪ واٽر اسان جي اڳيان ڪجه به ناهي پر افسوس اڄ اسان تفرقي ۾ پئجي ويا آهيون ۽ اسلام ۽ دين جي اصولن کان گهڻو وانجهيل آهيون۔ اسان ۾ وفاداري ۽ سچائي ڪانه رهي آهي۔

    دعا ڪيو ته اهو ايڪو پيدا ٿئي ۽ ڪاميابي اسان جا قدم چمي
     
  5. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: بليڪ واٽر ۽ ان جا ڪرتوت

    جي ادا بلڪل صحيح ٿا چئو ، ادا هي مضمون هن وقت لکيو ويو هيو جڏنهن اهي سفاڪ درندا پاڪستان ۾ تازا آيل هئا ۽ اهي خدشه اوهان ڏسو پيا ته سو سيڪڙو صحيح ٿيا آهن ، بس الله تعالى رحم ڪري
     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: بليڪ واٽر ۽ ان جا ڪرتوت

    ادا افتخار چوهاڻ صاحب توهان جو مضمون بليڪ واٽر ۽ ان جا ڪرتوت جنهن کي توهان پاڻ ترجمو ڪري ۽ پاڻ ئي ڪمپيوٽر تي ٽائيپ ڪري اسان سان ونڊ ڪيو آهي۔۔۔ هڪ بهترين معلومات اهي جنهن جي پڙهڻ کان پوء اسان ڪافي معلومات مان واقف ٿياسين، جنهن لاء اسان توهان جا ٿورائتا آهيون، ادا بليڪ واٽر فورسس جي باري ۾ ڪجهه يو ٽيوب تي به وڊيوز موجود آهن جنهن کي پڻ هت سنڌ سلامت جي دوستن لاء پڻ ونڊ ڪجي ٿو۔ اميد ته سنڌ سلامت جي ساٿين کي هي وڊيوز معلومات ۾ اضافو ڪنديون ۽ پسند اينديون۔

    بليڪ وٽر آهي ڇا ؟ هڪ بحت مباحثو​

    http://www.youtube.com/watch?v=kHWyD9zFAHw
    http://www.youtube.com/watch?v=T7AefAIpMRI
    http://www.youtube.com/watch?v=PqZaLX5lWxA
    http://www.youtube.com/watch?v=y--MU4cLaBM
    http://www.youtube.com/watch?v=3czkIOcKeIQ
    http://www.youtube.com/watch?v=Lt4oC-ABo2M
    http://www.youtube.com/watch?v=FGZAXBqzb7A
    http://www.youtube.com/watch?v=FMPNZbigoBA
    http://www.youtube.com/watch?v=IoVlLMUEiT8
    http://www.youtube.com/watch?v=fmxJjQms0Bk
    http://www.youtube.com/watch?v=1JAXtzP-BpQ
    http://www.youtube.com/watch?v=Z3bUm_i2dUI

    http://www.youtube.com/watch?v=OXTCtovxoQk
     
  7. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: بليڪ واٽر ۽ ان جا ڪرتوت

    ادا ممتاز مهرباني حوصلي افزائي جي ۽ مضمون کي رونق بخشڻ جي
     
  8. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: بليڪ واٽر ۽ ان جا ڪرتوت

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو