افتخار علي چوهاڻ
سينيئر رڪن
ادي عبدالرشيد صاحب جن کي اسان حقير طرفان 2000 تحرير مڪمل ڪرڻ تي دل سان مبارڪ باد ڏيون ٿا
سائين گستاخي معاف !
سائين گستاخي معاف !
ادا رشيد کي فقير طرفان سلام ..................
2000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي فقير طرفان لک لک مبارڪون
سڀ کان پهريائين ته مان اهو چوندس ته هي انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن مون کي ڊرائيورس به انسٽال ڪرڻ نه ايندا هئا مان ادا رشيد کان ڊرائيورس انسٽال ڪرڻ جا طريقا پڇندو رهندو هوس سو ٿورئي ئي عرصي ۾ ادا رشيد سنڌ سلامت فورم کولي ۽ مون کي شاگردي ۾ وٺي ڪري سکيا ڏيڻ شروع ڪيايئن سو ادا رشيد کي مون بحيثيت استاد تمام شفيق ، همدرد ۽ هڏ ڏوکي انسان ڏٺو توڙي جو ادا سان مون جون ملاقاتون تمام ٿورڙيون آهن پر اسڪائيپ تي ، ٽيم ويوور تي مون کي ڪافي ڪجهه سيکاريو اٿائين ۽ اڄان ڪوششون جاري آهن پر ادا وٽ ٽائيم تمام ٿورو آهي سو ان حوالي سان 2000 تحريرون تمام وڏيون آهن ۽ وري ادا رشيد جي هر تحرير ۾ سکڻ لا۽ هڪ نئي شي شامل هوندي آهي
مان کي اهو چوڻ ۾ فخر محسوس ٿيندو آهي ته مان هن فورم تي هڪ مهان ماڻهو جو باقائدگي سان ڳاني ٻڌل شاگرد آهيان
سو استاد سائين کي شاگرد طرفان هي گلن جا تحفا قبول هجن
![]()
![]()
![]()
ادا رشيد هي ڪجهه کائڻ لا۽ مڙئي توهان ڪجهه کائڻ جا شوقين آهيو ان ڪري ...
![]()
![]()
![]()
ادا کائڻ کان پو۽ وري ڪولڊ ڊرنڪ به ٿئي وڃي
![]()
![]()
سدائين گڏ
محترم دوست سائين عبد الرشيد صاحب جن کي مون پارا به لکين واڌايون۔
دوست افتخار اوهان جو گستاخي معاف وارو مسئلو مون کي سمجهه ۾ نه آيو۔
ادا ممتاز تمام بهترين ڳالهه ڏانهن توجه ڇڪرايو آهي، اميد آهي سڀئي دوست ان ڳالهه جو خاص خيال ڪندا۔
ادا عبد الوحيد ته ڪمال ڪري ڇڏيو، سندن کي اها به خبر آهي ته سائين عبد الرشيد صاحب کائڻ جو شوقين آهي وري ان جي مٿان وري ڪولڊ جو به پر حيران آهيان ته ايڏو کائڻ ۽ پيئڻ باوجود پاڻ صفا سڪو ڪاٺي جوان آهي، يار ٿلهو ٿئي ئي ڪانه ٿو، ان جو راز پاڻ ئي ٻڌائي سگهن ٿا۔۔
ادا طاهر سنڌي صاحب توهان جي مهرباني جو توهان منهنجي هن ڳالهه کي نوٽيس ۾ ورتو، اميد ته ٻيا دوست به ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ڏيندا، ادا اهي ڏسڻ ۾ ته آهن ننڍيون ننڍيون ڳالهيون پر انهن جي اهميت تمام وڏي آهي اگر ڪو سمجهي ته۔ ادا طاهر صاحب نه صرف دوست عبدالرشيد سمون صاحب جو پورو نالو لکيو وڃي پر جيترا به الله جا صفاتي نالا آهن انهن جي اڳيان هميشه عبد لڳائڻ درست آهي، عبد لڳائڻ سان الله جي صفاتي نالي جو اهو بندو ٻانهون ٿئي وڃي ٿو، هون ته الله جا سوُ کان به مٿي صفاتي نالا آهن مگر خاص ڪري جيڪي اسان جي علم ۾ سوُ نالا آهن انهن کي ته ڌيان ۾ رکڻ گهرجي۔ انهن الله جي صفاتي نالن مان 99 صفاتي نالا هت پيش ڪجن ٿا جنهن کي توهان هت ڪلڪ ڪري ڏسي سگهو ٿا۔۔ ان کان علاوه ڊزائين ۾ لکيل الله جا نالا ڏسڻ لاء هت ڪلڪ ڪريومحترم دوست سائين عبد الرشيد صاحب جن کي مون پارا به لکين واڌايون۔
دوست افتخار اوهان جو گستاخي معاف وارو مسئلو مون کي سمجهه ۾ نه آيو۔
ادا ممتاز تمام بهترين ڳالهه ڏانهن توجه ڇڪرايو آهي، اميد آهي سڀئي دوست ان ڳالهه جو خاص خيال ڪندا۔
ادا عبد الوحيد ته ڪمال ڪري ڇڏيو، سندن کي اها به خبر آهي ته سائين عبد الرشيد صاحب کائڻ جو شوقين آهي وري ان جي مٿان وري ڪولڊ جو به پر حيران آهيان ته ايڏو کائڻ ۽ پيئڻ باوجود پاڻ صفا سڪو ڪاٺي جوان آهي، يار ٿلهو ٿئي ئي ڪانه ٿو، ان جو راز پاڻ ئي ٻڌائي سگهن ٿا۔۔
ادا نثار ابڙا، سائين نثارناز محترم عبدالرشيد سمون کي ائين ته جادوگر ڪونه سڏيندو آهي، رشيد سمون ته اسان جي سنڌ سلامت جي راڄ جو راڻو آهي، جيڪي راڄ جا راڻا هوندا آهن اهي چاهي هڪڙي تحرير لکي مڪمل ڪن چاهي 2000 هزار تحريرون ڪمپليٽ ڪن سدائين راڄ جا راڻا رهيا آهن ۽ سدائين رهندا، مان به ادا رشيد سمون کي سندن تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مُبارڪون ڏئي ٿي ڇڏيان۔محترم عبدالرشيد سمون صاحب کي سنڌ سلامت جي اڱڻ تي 2000 لکتن تي لک لک واڌايون منهنجي پاران به قبول پون ۔۔۔
پريان سندي پار جي مڙوئي مٺائي
ڪهڙي شئي جون واڌايون ڏجن ۔۔۔ سنڌ سلامت جي اوطاق کي کولڻ جون واڌايون ۔۔۔ سنڌ سلامت لا ڏينهن رات محنت ڪري اڳ کان اڳري ڪرڻ جون واڌايون ۔۔۔ دوستن کي سنڌ سلامت تي اچڻ جي ترغيب ڏيڻ جون واڌايون ۔۔۔ رڪنن کي سنڌ سلامت کي هلائڻ ۽ وڌائڻ جي تربيت ڏيڻ جو واڌايون يا وري ڪمپيوٽر جي باري ۾ ننڍڙي کان ننڍڙي معلومات ڏيڻ جون واڌايون ۔۔۔ سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ اڳ کان اڳري ڪرڻ جون واڌايون يا وري سنڌ جا سور سنڌين تائين پهچائڻ جون واڌايون ۔۔۔
مطلب سمجهه ۾ نٿو اچي ته کيس ڪهڙيون واڌايون ڏجن ۔۔۔ انڪري منهنجو خيال اهو آهي ته ڪي انسان واڌاين کان چڙهيل هوندا اهن ۽ آ عبدالرشيد کي پڻ اهڙن انسانن مان سمجهانٿو ۔۔۔
سلام دوست ۔۔۔ اسانکي اوهانجي دوستي تي فخر آهي ۔۔۔
رب العالمين اوهان جهڙا همٿ وارا ڏاها انسان سنڌ ۾ هميشه پئدا ڪندو رهي ۔۔۔ آمين