[justify] السلام عليڪم دوستن کي گذارشآهي ته منهنجي ڪمپيوٽر جي اين آءِ سي ڪارڊ ۾ هڪ مسئلو ٿي پيو آهي! ڪنيڪشن ۾ بائٽس سينڊ ته ٿين پيون پر اچن ڪونه پيون۔۔۔ مون پهرين سمجهو تار جو مسئلو هوندو پر تار جو ڪنيڪشن ٻيهر تيار ڪيم۔۔۔ ٻئي ڪمپيوٽر جي تار ۾به هڻي ڏٺم تڏهن به ساڳيو مسئلو ۔۔ ڪم نه ٿيو۔۔۔وري ونڊوز جو مسئلو سمجهيم ان ڪري ايڪس پي کان بعد سيون ڪيم ته ان ۾ به ساڳيو مسئلو۔۔۔ وري ونڊوز ايڪس پي واپس ڪيم۔۔ پر مسئلو جان نه ٿو ڇڏي۔۔ ڪمپيوٽر ڊيل 8300 آهي۔۔۔ ڪارڊ بلِٽ ان آيه ۽ ڊرائيورس به انسٽال ڪيا اٿم۔۔۔ پر مسئلو حل نه ٿو ٿئي۔۔ دوستن کي گذارشآهي ته رهنمائي ڪن۔۔۔[/justify]
جواب: مست ڇا ڪري؟؟؟؟ ڪجهه ته ٻڌايو۔۔ [justify]ادا اوهان وٽ اهو مسئلو اڄ ٿيو آهي يا پهريان کان آهي؟ جي اڄ ٿيو آهي ته پوءِ آءُ به اوهان کي ٻڌايان ته مون وٽ به تقريبا ساڳيو مسئلو آهي، شايد نيٽ فائبر ۾ اڄ ڪو مسئلو آهي، آءُ دوستن کان ملندڙ اٽيچمنٽ ريسو ڪريان پيو پر پاڻ ڪابه اٽيچمنٽ ڪونه ٿو موڪلي سگهان فيلڊ ٻڌاري پيو بار بار ڪلاڪن کان لڳو پيو آهيان ، ٿي سگهي ٿو اهو ساڳيو مسئلو هجي يا ٻيو آهي۔[/justify]
جواب: مست ڇا ڪري؟؟؟؟ ڪجهه ته ٻڌايو۔۔ ادا مست مسئلو اهو آهي ته بلٽ ان لين ڪارڊ ۾ جيڪڏهن مسئلو اچي ٿو وڃي ته اهو رپيئر نه ٿيندو آهي سو توهان کي لين ڪارڊ وٺي ڪري ٻيو لڳرائڻو پوندو جيڪو به خاص مهانگو نه آهي باقي وري به ٿورو ترسو متان ڪو ٻيو دوست اڄان ڪا بهتر صلاح ڏئي وجهي مهرباني سدائين گڏ
جواب: مست ڇا ڪري؟؟؟؟ ڪجهه ته ٻڌايو۔۔ ادا طاهر ، ادا مست پيو چوي ته معنى ادا مست اهو مٿيون تجربو دهرائي چڪو آهي ۽ وري پو۽ هتي ادا ونڊوز به ڪري چڪو آهي پر مسئلو حل نه ٿيو وري ادا واپس ونڊوز ايڪس پي انسٽال ڪئي ته به مسئلو حل نه ٿيو وري ادا مست هتي به ڊرائيورس وغيره انسٽال ڪري ڏٺا آهن معنى ادا مست جي ڳالهين مان صاف ظاهر آهي ته هي مسئلو اڄ جو نه پر ٿورو پراڻو آهي مهرباني سدائين گڏ
جواب: مست ڇا ڪري؟؟؟؟ ڪجهه ته ٻڌايو۔۔ ا[justify]دا عبد الوحيد مون مست جي ڳالهه سمجهي آهي جنهن جو هڪ رخ مون سمجهيو ۽ ٻيو رخ اوهان سمجهيو آهي، پر مون جنهن رخ کان انهن جي ڳالهه سمجهي سو انهن جو هي چوڻ ته[/justify] ڪنيڪشن ۾ بائٽس سينڊ ته ٿين پيون پر اچن ڪونه پيون
جواب: مست ڇا ڪري؟؟؟؟ ڪجهه ته ٻڌايو۔۔ دوستن جي صلاح ڏيڻجي مهرباني۔۔۔ مسئلو حل نه ٿي سگهيو آهي۔۔ مان اڃان ادا رشيد جي جواب جو منتظر آهيان۔۔۔ نه ته ٻي صورت ۾ فقير جو ڏسيل حل ئي آزمائڻو پوندو۔۔۔ ٻيو ته هي مسئلو پراڻو آهي، جنهن رات ڀاءُ گذاري ويو هو ان رات مون آخري ڀيرو ان ڪمپيوٽر کي استعمال ڪيو هو، مهيني کان بعد ماڻهن جي اچ وڃ گهٽٿي ته ان ڪمپيوٽر کي استعمال ڪيم ته انهيءَ۾ اهو مسئلو آيو، تار جو مسئلو ناهي، ڊي ايس ايل جو مسئلو به نه آهي، ٿي سگهي ٿو پورٽ جو مسئلو هجي، پر پاڻ ئي اهو مسئلو ڪيئن ٿيو؟؟؟ نه ڪو ڌڪ لڳو اٿس نه ڊيمج ٿيو اٿس۔۔؟؟