سج ما خطرناڪ شعاعن جو اخراج ۔۔۔۔۔۔ ڇا زميني نظام کي ڪو خطرو آهي ؟؟؟
بي بي سي اردو ويب تان ورتل
سنڌي ترجمو : سليمان وساڻ

ماهرين فلڪيات ڄاڻ ڏني آهي ته چئن سالن جي عرصي کانپوء ڪاله اڱاري ڏينهن سج جي سطح کان زمين طرف تمام وڏا شعله خارج ٿيا آهن جنهن سان زمين جي مقناطيسيت متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي.
اهي روشنيء جا شعلا جن کي ايڪسفليئر چيو وڃي ٿو سي اصل ۾ سج جي سطح تي موجود داغن مان نڪرندڙ شعلا آهن جيڪي زمين تي موجود مواصلاتي نظام کي متاثر ڪري سگهن ٿا. ان قسم جي اٿندڙ شعلن جي ڪا به اڳڪٿي نه ٿي ڪري سگهجي ۽ اهي اٺن کان يارنهن سالن جي عرصي تائين رهي سگهن ٿا.
سج مان اٿندڙ اهڙن شعلن سبب جديد ٽيڪنالاجي ۽ مواصلاتي نظام ۾ گڙ ٻڙ ٿي سگهي ٿي ۽ برقي گرڊ ، مواصلاتي ۽ سيٽيلائٽ نيويگيشن گهڻو متاٿر ٿيندا. ناسا جي هڪ خلائي جهاز سج جي سطح تان اٿندڙ اهڙن وڏي تعداد ۾ اٿندڙ الٽراوايوليٽ شعاعن جو اخراج ريڪارڊ ڪيو آهي. برطانوي جيولاجيڪل سروي ان اخراج کانپوء زميني مقناطيسيت ۾ طوفان جي وارننگ ڏني آهي. اها توقع ڪئي پئي وڃي ته ٻن ڏينهن جي اندر اهي شعاع زمين جي مقناطيسي سرحدن سان ٽڪرائبا.
1972 ۾ اٿندڙ اهڙن شعاعن سبب امريڪي رياست ايلينونس ۾ ٽيليفون نظام درهم برهم ٿي ويو هو. 1989 ۾ به اهڙي شعاعن سبب زميني مقناطيسيت متاثر ٿيڻ ڪري ڪينيڊا جي صوبي ڪيوبيڪ ۾ لکين ماڻهون اونداهيء ۾ غرق ٿي ويا هئا.