[JUSTIFY] بسم الله الرحمن الرحيم پروفيسر جناب استاد ڊاڪٽر بشير احمد رند صاحب جن جو انٽرويو انٽرويو وٺندڙ: طاهر سنڌي. علم حاصل ڪريو ماءُ جي هنج کان قبر تائين، مون جڏهن اهو جملو پڙهيو ته مونکي علم جي اهميت جو احساس ٿيو، اهو علم ئي ته آهي جيڪو انسان لاءِ رستن کي هموار ڪندي گل وگلزار بڻائيندو آهي، ان کان پوءِ منهنجي سوچ ان طرف وڌي ته جيڪو شخص علم حاصل ڪرڻ کان بعد پنهنجي زندگي سنواري ٿو، ۽ سندن زندگي منور بڻجيو وڃي، ته ان انسان جي اهميت ڇا هوندي جيڪو ان علم جي خزانن کي پنهنجي محنت، محبت ۽ همت سان نوجوانن ۾ منتقل ڪري ٿو؟ جي ها! منهنجي چوڻ جو مقصد اساتذه ڪرام آهن، يقين ڪريو ته منهنجي نگاهن کي هڪ استاد انتهائي اعلي مقام تي نظر آيو، اهڙا استاد جيڪي پنهنجي علم کي وڏي تحمل ۽ ايمانداري سان جنريشن ۾ منتقل ڪن ٿا، ۽ پڙهيل لکيل معاشرو بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار انتهائي محنت سان سر انجام ڏين ٿا. اهو ئي سبب هو جو منهنجا قدم اهڙن استادن جي تلاش ۾ سرگرم ٿي ويا، ۽ منهنجي نظر وڃي پنهنجي محنتي پيار ڪندڙ مخلص سچي سنڌ يونيورسٽي جي استاد جناب پروفيسر ڊاڪٽر بشير احمد رند صاحب جن تي پئي، ۽ آءُ بي چين ٿي ويس ته سندن جي باري ۾ معلومات حاصل ڪريان، ۽ انهن جي زندگي جي اهم جدوجهد ۽ لمحن کي قارئين ڪرام جي سامهون آڻيان، آءُ پنهنجي ان ڪوشش ۾ مصروف ٿي ويس، ۽ پنهنجي استاد محترم پروفيسر صاحب سان سنڌ يونيورسٽي اسلامڪ ڪلچر ڊپارٽمينٽ ۾ 07/01/2011 تي ملاقات جو شرف حاصل ڪيم، سندن سان جيڪي ڳالهيون ٿيون اهي اوهان آڏو حاضر آهن. Uploaded with ImageShack.us Uploaded with ImageShack.us نمائندو انتظام: ڊاڪٽر صاحب السلام عليڪم. ڊاڪٽر صاحب: وعليڪم السلام. نمائندو انتظام: پنهنجو پورو نالو ٻڌائيندا؟ ڊاڪٽر صاحب: بشير احمد ولد نظام الدين ولد مراد علي رند. نمائندو انتظام: تاريخ ۽ هنڌ پيدائش؟ ڊاڪٽر صاحب: 3 اپريل 1966 لڳ ڊگهه بالا تعلقو جوهي، ضلع دادو. نمائندو انتظام: خانداني شجرو؟ ڊاڪٽر صاحب: اسان جو خاندان 5 پيڙهيون کن اڳ بلوچستان حب جي علائقي مان پاڻ ۾ ڪنهن جهيڙي سبب ڊگهه بالا کان تقريبا 4 ڪلو ميٽڙ تي مشهور علائقي مير الله يار جا قبا وڏي مقام وٽ لڏي آيا، ان ڳالهه کي تقريبا 150 سال جي لڳ ڀڳ وقت ٿيو آهي، اسان جو ڏاڏو ۽ والد صاحب جن به اتي ئي ڄاوا، جت پنهنجون زمينون به ورتائون، اتي ئي رهيا، اسان جون 3، 4 پيڙهيون اتي ئي رهيون آهن، منهنجي ولادت به اتي ئي ٿي پر اسان جو والد صاحب اتان لڏو کڻي جوهي ڀر سان ڳوٺ مٺو لاشاري ۾ اچي ويٺو، تقريبا 3، 4 سال اتي ئي هئا، پوءِ وري 1975 کان اتان هجرت ڪري اچي جوهيءَ کان ڏکڻ طرف ڳوٺ ميرڻ خان سولنگي اچي رهيا، اسان جا والد صاحب عالم هئا، ان ڪري سندن مشغلو مسجد جي امامت، خطابت ۽ ٻارن کي پڙهائڻ هو، سندن 3 گهر واريون هيون، انهن مان اسين 10 ڀائر ۽ 4 ڀينر هئا سون، جن ۾ اسان جي والده مان اسين 8 ڀائر ۽ 2 ڀينر آهيون، سڳي والدين جي پٽن مان آءُ 3 نمبر آهيان، هڪ ڀيڻ وڏي آهي ان حساب سان آءُ 4 نمبر ٿيندس، جوهي ۾ اسين 1990 کان پوءِ آيا سون. نمائندو انتظام: خاندان جا ٻيا فرد هيئنر جوهي ۾ رهن؟ ڊاڪٽر صاحب: اسان جي والد صاحب جو خاندان ۾ اسان جا صرف 2 ڀائر ڳوٺ ميرڻ خان سولنگي ۾ رهن ٿا، باقي سڀ جوهي ۾ آهن. نمائندو انتظام: هيئنر اوهان جي رهائش؟ ڊاڪٽر صاحب: آءُ 24 اپريل 2010 کان ڄامشورو سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي فيز2 ۾ رهان پيو. نمائندو انتظام: جناب ڊاڪٽر صاحب اوهان جي مهرباني، سائين پنهنجي اولاد جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائيندا؟ ڊاڪٽر صاحب: اوهان کي خبر هوندي ته اسان جي ٻهراڙين ۽ خاص طور بلوچ قبائل ۾ جلد شادي ڪرائي ويندي آهي، منهنجي شادي به تقريبا 17، 18 سالن جي عمر ۾ ٿي، هن وقت مونکي 6 ٻار جن ۾ 4 نياڻيون ۽ 2 پٽڙا آهن، وڏو پٽ بي بي اي پارٽ 1 سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهي پيو، منهنجي وڏي نياڻي انگلش ڊپارٽمينٽ مان ايم اي ڪري چڪي آهي. نمائندو انتظام: جناب ڊاڪٽر صاحب پنهنجوتعليمي پس منظر ٻڌائيندا؟ ڊاڪٽر صاحب: پرائمري ڳوٺ ۾ ڪئي، والد صاحب جن جو اهو ذوق هو ته منهنجو 1 پٽ گهٽ ۾ گهٽ عالم ٿئي، سندن ديني تعليم ڏانهن ترغيب ڏيڻ سبب مدرسي ۾ پڙهيس، پهرين 1 سال مون تعلقي خيرپور جي سيتا روڊ جنهن کي هاڻ رحمائڻ نگر چون ٿا اتي شروعاتي صرف، نحو جي تعليم حاصل ڪئي، ان کان پوءِ خانپور ڀر سان ڳوٺ پريو جوڻيجو ۾ مدرسه دار الرشد پئي شريف جي نالي سان مشهور آهي اتي 4 سال کن تعليم حاصل ڪئي، اتان وري ڪجهه عرصو ٺيڙهي وڃي پڙهيم، اتان وري حيدرآباد ۾ مدرسه مفتاح العلوم ۾ اچي 3 سال پڙهيم، آخر ۾ چوٿين سال دوره حديث لاءِ مون جامعه العلوم الاسلاميه بنوري ٽاون ڪراچي ۾ داخلا ورتي، جت 2 مهينا کن شوال کان ذوالحج جي عيد تائين پڙهيس ته مفتاح العلوم حيدرآباد جي استادن وٽ مسلسل 3 سال پڙهڻ ڪري هڪ دوستاڻو تعلق ٿي ويو هو جنهن سبب انهن جو اصرار هو ته فائنل تون اسان وٽ پڙهه، هڪ ٻيو ڪارڻ اهو به هو ته اتي پڙهائي جي ماحول جي حساب سان 1، 2 استاد ته تمام سٺا هئا، جن ۾ شهيد مفتي نظام الدين شامزئي صاحب هئا، جيڪي جامع ترمذي پڙهائيندا هئا، ايڏو وڏو عالم هو جو اسين سمجهندا هئا سين ته قاضي ابو يوسف پيو ڳالهائي، انهن کان سواءِ شهيد ڊاڪٽر حبيب الله مختار صاحب به هئا، جيڪي بخاري ثاني پڙهائيندا هئا، پر باقي حديثن جي ڪتابن ۾ اطمينان نه پئي ٿيو، ۽ هت مفتاح العلوم جي استادن وٽ پڙهيا به هئا سون، جن جي پڙهائي جو انداز تمام سٺو هو اهو 1993 جو سال آهي، ان ڪري مفتاح العلوم اچي دوره حديث جو سال مڪمل ڪيو. فراغت ٿيڻ واري ئي هئي ته مون عربڪ ٽيچر جي پوسٽ لاءِ درخواست به ڏئي ڇڏي هئي، اتي 1993 جي آخر ۾ منهنجي اپائنٽمنٽ به ٿي وئي، هيڏانهن تعليم مڪمل ٿي ۽ هوڏانهن نوڪري به ملي وئي. مدرسي سان گڏ مون عصري تعليم ۾ مولوي عالم فاضل جا امتحان ڏنا ٿي، ميٽرڪ 1990 ۾ ڪئي هئي، ۽ هيڏانهن پرائيويٽ پڙهندو ايندو هوس، پنهنجي سوٽ ۽ ڀاءُ وٽ انگلش به سکندو هوس، 1992 ۾ انٽر ڪئي، مدرسي کان بي اي جو مساوي سرٽيفڪيٽ شهاده العاليه ان تي ايم اي ڪيم پرائيويٽ اسلامڪ ڪلچر ۾، الله جي فضل سان فرسٽ ڪلاس آيس، اهڙي طرح سان مون ايم اي به ڪري ورتي. نمائندو انتظام: پنهنجن نوڪرين ۽ عهدن بابت ڪجهه ٻڌائيندا؟ ڊاڪٽر صاحب: • 29/9/1993 تي مونکي عربڪ ٽيچر جو آرڊر مليو، سن سيوهڻ جي وچ ڳوٺ آمري ۾ 4 مهينا کن رهيس، پوءِ وري بدلي ڪرائي ڳوٺ واپس ويس، 7 مهينه پنهنجي ڳوٺ جي ڀر سان هڪ ڳوٺ آهي چارو لنڊ مڊل اسڪول ۾، ان کان پوءِ جوهي هاءِ اسڪول ۾ آيس، جت 7، 8 سال مسلسل رهيس. • 2002 ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاس ڪري 17 گريڊ گورنمنٽ انٽر ميڊيئٽث ڪاليج جوهي ۾ ليڪچرر ٿيس. • 2005 ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ پوسٽون آيون مون اپلائي ڪيو ۽ هت ليڪچرر ٿي آيس. ان وچ ۾ مون پي ايڇ ڊي ۾ داخلا وٺي ڇڏي هئي، جيڪا 2007 ۾ مڪمل ٿي. • 2009 ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ڪري رکيو ويو 19 گريڊ ۾. هينئر به اسسٽنٽ پروفيسر طور ئي ذميداريون نڀانيان پيو. نمائندو انتظام: يقينن ڊاڪٽر صاحب اوهان جهڙن علمي شخصيتن سان اسان جي گفتگو ٿيڻ تي ڏاڍي خوشي پئي محسوس ٿئي، ڊاڪٽر صاحب سنڌ ۾ موجوده تعليمي صورتحال بابت ڇا اوهان مطمئن آهيو؟ ۽ تعليم بهتر بڻائڻ لاءِ اوهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟ ڊاڪٽر صاحب: ديني حوالا سان مان سمجهان ٿو ته مدرسا تمام سٺو ڪم ڪن پيا ، جو اتي تعليم جو سسٽم منظم آهي، البته مدرسن جي نصاب ۾ تبديلين جي ضرورت آهي، جنهن ۾ اسپيشلي تاريخ، انگلش زبان، ميٿ، جنرل سائنس ۽ علم سياست وغيره جي مدرسن جي سليبس ۾ سخت ضرورت آهي، اگرچه نظام تعليم بهتر آهي، ليڪن نصاب تعليم بهتر نه آهي، جنهن کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. باقي جيتري قدر ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي تعليم جو مسئلو آهي، عام طور تي ته ساري پاڪستان پر خاص طور تي سنڌ جي تعليم تباهه آهي، هت پرائمري کان يونيورسٽيءَ تائين سياسي مداخلت جي ڪري تعليم تباهي جي ڪناري تي آهي، توهان ڏسندا ته پرائمري ٽيچر ويزا سسٽم تي هلن پيا، سيڪنڊري ۾ استادن جون ڪجهه سياسي تنظيمون ۽ مداخلت، جنهن ڪري سيڪنڊري جو به حال ڪانهي، هائير سيڪنڊري ۾ شايد توهان کي خبر هجي ته 2000 پوسٽون سنڌ جي ڪاليجن جون خالي پيل آهن، جيڪي ڀرجن ڪانه ٿيون، بلڪِ سنڌ پروفيسرز ۽ ليڪچررس ايسوسيئيشن وارا ته چون ٿا ته 300 ڪيلجن ۾ 3000 پوسٽون خالي پيل آهن، ته ظاهر آهي ته مثال طور سائنس وغيره جي سبجيڪٽس جا استاد ئي ڪانه هوندا ته شاگرد ڇا پڙهندا؟ ته اها ڪيفيت آهي، هت ٽيچرس جي کوٽ آهي، سائنس جي سامان جي کوٽ آهي، سهولتن جي کوٽ آهي، ان ڪري تعليم سمجهو ته جيڪا هئڻ گهرجي ان جو 50% به مشڪل آهي. ها! البته يونيورسٽين ۾ ڪجهه نه ڪجهه تعليم آهي، هت ٽيچرز به حاضر آهن، ۽ هت شاگرد به پڙهن ٿا، پر جن شاگردن جو بنياد پڪو نه هجي، اهي گهڻو نه ٿا ڪري سگهن، ان ڪري وڏي ضرورت آهي ته سنڌ جي تعليمي ادارن مان سياسي مداخلت ختم ڪئي وڃي، جيسين سياسي مداخلت ختم نه ٿي ٿئي ۽ ميرٽ جي بنياد تي ڀرتيون نه ٿيون ٿين تيسين تعليم ايئن ئي هلندي. نمائندو انتظام: ڊاڪٽر صاحب ديني مدرسن مان فارغ التحصيل ٿيندڙ طالب علمن کي ڪهڙي نصيحت ڏيندا؟ ڊاڪٽر صاحب: اسين انهن کي چوندا سين ته جديد تعليم به حاصل ڪن، خاص طور تي انگلش زبان تي توجه ڏيڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته اصل ۾ دين دنيا ۾ ڦيلائڻو آهي، جيڪا زبان گهڻي رائج هوندي ته اهو به هڪ ذريعو ۽ وسيلو آهي جنهن سان دين کي وڌيڪ ڦيلائي سگهجي ٿو، ۽ اسان جي دين جو بنياد ۽ اصول به اهو ئي آهي ته هر ملڪ ملڪ ما است ڪِ ملڪِ خدائي ما است هر زبابِ زبانِ ما است ڪِ زبانِ خدائي ما است علامه اقبال جو شعر آهي ته هر ملڪ اسان جو ملڪ آهي ڇو ته اسان جي خدا جو ملڪ آهي، هر زبان اسان جي زبان آهي چو ته اسان جي خدا جي زبان آهي، قرآن ۾ به فرمن آهي: (وفي اختلاف السنتڪم والوانڪم) هي زبانن ۽ رنگن جو اختلاف خدا رکيو آهي، ان ڪري اهو نه سمجهون ته انگلش آمريڪا يا يورپ جي زبان آهي، بلڪِ اهو سمجهون ته اها اسان جي زبان آهي، يعني هن زبان سان هي اجنبيت ۽ دشمني ختم ڪرڻي پوندي، بر صغير جي ڪجهه عالمن جيڪڏهن انگلش جي خلاف ڳالهايو به هو ته اهو وقتي حالاتن ۽ تقاضائن خاطر انگريزن کان نفرت ڏيارڻ لاءِ هو، باقي هن وقت ضرورت آهي، ۽ جديد عمراني علوم جهڙوڪ سوشالاجي، جديد سياسي علوم يا سائنس آهي ان ۾ عالمن کي ته اهو نه ٿو چئي سگهجي ته اهي وڃي سائنسدان وغيره ٿين ڇو ته هر شعبو الڳ آهي، ليڪن بنيادي ناليج ضروري آهي، ۽ مدرسن کان فارغ التحصيل ٿيندڙ شاگردن کي اهو به چوندس ته فارغ ٿيڻ کان پوءِ اهو نه سمجهن ته بس علم حاصل ڪري فارغ ٿي ويا سون، اصل ۾ نصاب تعليم جيڪو به هجي مدارس جو يا ڪاليجن جو اهو شاگرد کي ان اهل بڻائيندو آهي ته هو هاڻ اڳتي پنهنجي اسٽڊي جاري رکي، يعني مطالعي ڪرڻ جو طريقو هن کي سيکاريندو آهي، باقي هت تعليم ختم نه ٿيندي آهي، ان ڪري ايئن سمجهو ته اصل تعليم اتان کان ئي اڳتي اسٽارٽ ٿيندي آهي، ان ڪري مسلسل جدوجهد ڪرڻ گهرجي، ڇو ته ديني تعليم حاصل ڪرڻ جو مقصد آهي ته خدا جي بندن تائين خدا جو پيغام پهچائجي، اڃان به اصل مقصد هي آهي ته هن خدا جي ڌرتي تي خدا جو نظام نافذ ڪجي، ان لئه بحرحال هر ميدان ۾ مسلسل جدوجهد جي ضرورت آهي، پوءِ اهو تبليغي ، علمي يا سياسي ميدان هجي، هر ميدان ۾ جدوجهد ڪرڻي پوندي آهي. نمائندو انتظام: ڊاڪٽر صاحب ماشاءَ الله اوهان هڪ بهترين مربي استاد هئڻ سان گڏو گڏ هڪ بهترين ليڪک پڻ آهيو، اوهان جا مقالا به مخلف رسالن ۾ ڇپندا رهن ٿا، پنهنجي تصنيف، تاليف ۽ مختلف مقالن بابت ڪجهه ٻڌائيندا؟ ڊاڪٽر صاحب: • 7، 8 مقالا ڇپجي چڪا آهن، بيداري رسالي حيدرآباد، شريعت سکر، فيڪلٽي جو ريسرچ جنرل (پيس) ۾ به ڇپندا آهن، ۽ ڪجهه زير طباعت آهن. • هڪ ڪتاب (هديو ۽ سفارش) جي نالي سان مهران اڪيڊمي طرفان مارڪيٽ ۾ ڇپجي آيو آهي، جيڪو اسپيشلي مون آفيسر طبقي لاءِ لکيو آهي، جيئن هديي جي نالي تي جيڪا رشوت ڏني يا ورتي ٿي وڃي، يا سفارش جي نالي تي جيڪو پريشر ۽ دٻاءُ رکيو ٿو وڃي جنهن ڪري اسان وٽ ميرٽ جو قتلِ عام پيو ٿئي. • ٻيو هڪ ڪتاب آهي (حلال رزق عين عبادت) جيڪو ڇپائي جي مرحلي ۾ آهي. • ۽ ٽيون ڪتاب لکيو آهي هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي طرفان ڪمپلسري اسلامڪ اسٽڊيز جو سليبس سنڌي زبان ۾ مون مرتب ڪيو آهي، جيڪو ان شاءَ الله عنقريب ڇپجي ايندو. • منهنجي پي ايڇ ڊي ٿيسز آهي، جيڪا به ان شاءَ الله عنقريب ڇپجي ويندي، ڇو ته منهنجي پي ايڇ ڊي ٿيسز جو عنوان (رشوت جا سبب ۽ ان جي روڪ ٿام لاءِ اپاء) آهي، ۽ آءُ سمجهان ٿو ته ان جي اڄ وڌيڪ ضرورت به آهي ته جلدي ان کي ڇپائي مارڪيٽ ۾ آڻجي. نمائندو انتظام: بلڪل ڊاڪٽر صاحب واقعي به ان جي سخت ضرورت آهي، ٻڌائيندا ته اوهان پي ايڇ ڊي ڪهڙي سال ڪئي؟ ڊاڪٽر صاحب: اوهان کي خبر هوندي ته پي ايڇ ڊي هڪ پروسيجر هوندو آهي، ٻيو ته منهنجي داخلا ايم فل ۾ هت 99، 2000 ۾ ٿي، ۽ سال پورو ويو ڪورس ورڪ ۾، 2001 کان پوءِ سمجهو ته منهنجو ريسرچ ورڪ شروع ٿيو، ۽ 2007 ۾ مون پي ايڇ ڊي مڪمل ڪئي. نمائندو انتظام: ڪا آئيڊيل شخصيت جنهن کان اوهان متاثر ٿيا هجو؟ ڊاڪٽر صاحب: بحيثيت مسلمان سڀ کان وڌيڪ نبي اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي جامع ۽ ڪمپليٽ شخصيت کان متاثر آهيان، بعد ۾ هونئنءَ ته سڀ صحابه ستارا آهن، پر آءُ انتظامي سوچ ۽ ڪمال جي سياسي عمل ۽ بصيرت ۽ بصارت جي حوالي سان حضرت عمر فاروق رضي الله عنه کان متاثر آهيان، ان کان پوءِ اسلامي شخصيتون ته ڪافي آهن پر آءُ پنهنجي استادن ۾ شهيد مفتي نظام الدين شامزئي رحمه الله جن جي شخصيت کان ڪافي متاثر آهيان، پاڻ بسطتاََ في العلم والجسم هئا، انهن جي ڪمال جي ڳالهه هڪ اها هئي جو پاڻ جڏهن ڪلاس ۾ داخل ٿيندا هئا، ته از خود سڀ شاگردن تي رعب طاري ٿي ويندو هو، ۽ پورو گهنٽو پڙهائيندا هئا پر اسان کي ايئن لڳندو هو ڄڻ 5 منٽ ئي گذريا هجن، ۽ انهن جي ڪلاس ۾ اچڻ سان ايئن محسوس ٿيندو هو ڄڻ اسان جي مٿي مٿان پکي ويٺا هجن يعني ايتري خاموشي ۽ سڪون سان انهن کي ٻڌندا هئا سون، علمي حوالي سان تمام عمده شخصيت هئا، باقي سياسي حوالي سان ڪا قابل ذڪر شخصيت مونکي نظر ڪانه ٿي اچي، ان کان اڳ مولانا مودودي صاحب جن جي علمي ڪم کان آءُ ڪافي متاثر ٿيو آهيان، ۽ اسان وٽ پنهنجي يونيورسٽيءَ جي فيڪلٽي حوالي سان پڇو ته پنهنجي پي ايڇ ٿيسز جا گائيڊ، نهايت علمي، انتهائي ايماندار، مخلص، شاگردن ۽ ڊپارٽمنٽ جي حاوالي سان انتهائي خير خواه سائين پروفيسر ڊاڪٽر ثناءُ الله ڀٽو صاحب جن جي شخصيت کان بي حد متاثر آهيان، حتي ڪِ مون جڏهن پي ايڇ ڊي پئي ڪئي اتفاقا مون ڪڏهن ڪو تحفو به سائينجن لئه پئي آندو ته سائين ان کي رشوت چئي واپس پئي ڪيو، ته تون پي ايڇ ڊي به رشوت تي پيو ڪرين ته پوءِ تون مون کي ڏين پيو ڇاڪاڻ؟ گهڻي بهث مباحثي کان بعد مون چيو ته سائين اصل ۾ لالچ يا غرض جي بنياد تي جيڪا شيءِ ڏني وڃي ته اها هوندي آهي رشوت، جيڪڏهن مون اوهان کي گفٽ ڏني ته ڇا اوهان مون کي ڪم ۾ ڪا رعايت ڏيندا؟ چائون ته نه! مون چيو ته پوءِ مونکي پڪ آهي ته مونکان ڪم اوهان پورو وٺندا، باقي اوهان جي شخصيت ۽ همدردي جي حوالي سان دل چاهي ٿي ته ان ڪري ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، هينئر به سائين پنهنجي فيڪلٽي ۾ ڊين طور مخلصانه انداز ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، انهن جي ڪم ۽ انداز تعليم، انتظام سنڀالڻ، ديني درد جي انداز مان ئي اوهان کي انهن جي اخلاص جو پتو پئجي ويندو. نمائندو انتظام: مهرباني ڊاڪٽر صاحب، ڏسو پيا ته ڪجهه ديني احبابن جي حلقن ۾ پنهنجي اولاد جي تعليم وتربيت جي حساب سان انتهائي بيچيني لڳي رهي آهي ته ڇا انهن کي ديني تعليم ڏيارجي يا دنيوي، ظاهر آهي ته جيڪڏهن ديني تعليم ڏيارڻ لاءِ ٻارن کي مدرسن ۾ موڪلجي ٿو ته فراغت ٿيندي ٿيندي انهن جي عمر وڌي ٿي وڃي، اسڪول ۾ ته بعد ۾ داخلا به انهن جي نه ٿي ٿي سگهي، انهن کي اوهين ڪهڙي صلاح ڏيندا؟ ڊاڪٽر صاحب: آءُ سمجهان ٿو ته هن دنيا کان ئي جنت ڏانهن رستو ويندو آهي، ديني تعليم جو اصل مقصد خدا جي رضا آهي، سو ٻار کي هڪ طرفو نه بڻائجي، وقت ۽ حالات جي نزاڪت اهو ٻڌائي ٿي ته ديني ۽ دنياوي ٻئي تعليمون ضروري آهن، منهنجي خيال ۾ ٻار کي مئيٽرڪ تائين ٺيڪ پڙهائجي، ان کان پوءِ ان کي مدرسي ۾ ڇڏجي، ايسي تائين هو بنيادي علوم حاصل ڪري وٺندو جنهن ۾ پنهنجي مادري زبان، اردو، انگلش ميٿ بنيادي جنرل سائنس آهي، ان کان پوءِ مدرسن ۾ داخل ڪرائجي، اصل مقصد هي آهي ته اسان کي عالم به گهرجن، اسان کي سٺا سائنسدان به گهرجن، سٺا سياستدان، انجينيئر ۽ سٺا ڊاڪٽر به گهرجن، امام غزالي رحمه الله جن لکن ٿا ته علم فرض ته اهو آهي ته انسان پنهنجي عقيدن جو علم حاصل ڪري، نماز پڙهڻ جهڙو ٿئي ته نماز جا مسائل سکڻ گهرجن، روزا رکڻ جهڙو ٿئي روزي جا مسائل، دولت مند آهي ته حج ۽ زڪات جا احڪام سکجن، اهي فرض عين ٿي ويندا، انهيءَ کان وڌيڪ علم فرض ڪفايه آهي، لکن ٿا ته هڪ رياست جي اندر اسان کي انجينيئرز، ڊاڪٽرن، سرجن، حتي ڪِ درزي، ڊکڻ جي به ضرورت آهي، هڪ رياست کي هلائڻ لئه رڳو عالم ڪافي نه هوندا آهن، اهو چاهيون ٿا ته الله جي ڌرتي تي الله جو نظام قائم ٿئي، ته الله جي نظام کي قائم ڪرڻ لئه اوهان کي هر قسم جي فن جي ماڻهن جي ضرورت پوندي، ان ۾ ڊاڪٽر، انجينيئر، پروفيسر جديد ڪاروبار بزنس وغيره مقصد هر قسم جا ماڻهو پيدا ڪرڻا پوندا، پوءِ شاگرد جو ذوق يا وقت ۽ حالات جي تقاضائن کي ڏسندي ته ڪنهن کي ڪهڙي فن ۾ موڪلڻ گهرجي جي نشاندهي ڪرڻي پوندي، يڪطرفو ناهي ٿيڻو ته رڳو ديني علم حاصل ڪري دنيا کي ڇڏي ڏجي، ته پوءِ ظاهر آهي ته دين به بڇائي نه سگهندا سين، دين کي بچائڻ لئه به اهي دنياوي علوم حاصل ڪرڻ ضروري آهن، هر شعبي ۾ ٻارن کي موڪلڻ گهرجي، جيئن پنهنجي رياست کي هلائڻ لئه خود ڪفيل هجون ٻاهران ڪنهن کي درآمد نه ڪريون، بلڪِ هر شعبي ۾ پنهنجا ئي ماڻهو هئڻ گهرجن. اوهان ڏسو ته نبي صلي الله عليه وسلم جن کي جڏهن خبر پئي ته فارس وارا فارسي ڳالهائن ٿا ۽ ان ۾ ئي خط پڙهن ٿا، ۽ روم جا ماڻهو عبراني زبان ڳالهائن ٿا ۽ عبراني ۾ ئي خط لکن يا پڙهن ٿا، ته پاڻ ڪريم جن حضرت زيد بن ثابت ابصاري کي فارسي ۽ عبراني زبان سکڻ لاءِ اماڻيو، ۽ پوءِ انهن کان ئي پاڻ ڪريم جن خط لکائيندا ۽ پڙهائيندا هئا، پاڻ ڪريم جن کي جڏهن خبر پئي ته قلعي جي ٽوڙڻ لئه هڪ آلي (منجنيق) جي ضرورت آهي ته پاڻ ڪريم جن اهو آلو حاصل به ڪيو ۽ صحابه ڪرام جن کي اهو آلو ٺاهڻ سکڻ جي تاڪيد به فرمايائون، جيئن دشمن سان مقابلي ۾ قلعا ٽوڙي سگهون، ان مان سمجهي سگهو ٿا ته جديد دور جي حساب سان جنهن زبان يا فن جي ضرورت آهي اهو نه صرف دنياوي بلڪِ اهو دين جو علم پڻ آهي، ۽ جيسين دنيا جي حساب سان اسان وٽ وسائل نه هوندا تيسين اقتدار ۽ غلبو حاصل نه ٿي سگهندو، ۽ هڪ بنيادي ڳالهه هي به آهي ته هن دنيا مان برائيءَ کي ختم ڪرڻو آهي ۽ ان کي صرف تبليغ سان ختم ڪانه ڪبو آهي، تبليغ سان ڪي %5 ماڻهون سڌرندا هجن باقي 95% اقتدار سان سڌرندا آهن، ان ڪري هڪ موقعي تي حضرت عثمان غني جن فرمايو هو ته (ان الله ليضع بالسلطان ما لا يضع بالقرآن) يعني الله تعالي اقتدار جي طاقت جي ذريعي جن براين کي ميٽيندو آهي اهي قرآن ڪرين جي نصيحت ڪرڻ سان نه ميٽبيون آهن، اصل ۾ ٿورڙا ماڻهو نصيحت سان سمجهندا آهن باقين کي اقتدار، غلبو ۽ سختي سڌو ڪندي آهي، ان ڪري پنهنجي رياست جي انتظام کي هلائڻ لئه ضروري آهي ته جهڙي فن جي ماڻهن جي ضرورت آهي اهي پيدا ڪريون. نمائندو انتظام: تمام بهترين سوچ، ۽ اڳتي ديني حلقن جي احبابن تائين اوهان جي اها ڳالهه ضرور پهچندي، ڊاڪٽر صاحب آخر ۾ اوهان ڪجهه چوڻ چاهيندا؟ ڊاڪٽر صاحب: منهنجي خيال ۾ قائد اعظم تمام سٺو چيو آهي ته (ورڪ ورڪ اينڊ ورڪ) محنت ڪجي، جدوجهد ڪجي، جنهن به شعبي ۾ وڃو ان ۾ محنت ۽ جدوجهد ڪريو، ته پاڻ کي، خاندان ۽ ملڪ ۽ قوم کي فائدو ڏيندوءُ، دنيا به ڀلي ٿيندي ۽ آخرت به ڀلي ڪندوءُ، ان ڪري جدوجهد ڪجي. نمائندو انتظام: اوهان جي وڏي مهرباني ڊاڪٽر صاحب جو اوهان مصروفيتن جي باوجود پنهنجو قيمتي وقت ڏنو، وڏي مهرباني. ڊاڪٽر صاحب: مهرباني. [/JUSTIFY]
جواب: پروفيسر جناب استاد ڊاڪٽر بشير احمد رند صاحب جن جو انٽرويو ۔سائين منهنجا جاکوڙي ڀاء طاهر سنڌي صاحب توهان جي محنت ۽ جاکوڙ کي مان سلام ٿو پيش ڪيان، ادا توهان جي سنڌ سلامت جي لاء جاکوڙ تعريف جي لائق آهي، اهيا توهان جي همت آهي جو توهان پاڻ وڃي محترم دوست سائين ڊاڪٽر بشير احمد رند صاحب وٽ پهچي ۽ پاڻ انٽرويو ڪيو آهي۔ ادا اميد ته اهڙيون ڪوششون جاري ۽ ساري رکندا ۽ سنڌ سلامت کي سينگاريندا رهندا، ادا طاهر صاحب توهان جو ڪيل انٽرويو ۽ محترم دوست پروفيسر ڊاڪٽر بشير احمد رند صاحب جو ڏنل انٽرويو مون پڙهيو ۽ مون کي تمام گهڻو پسند آيو، ادا محترم دوست سائين پروفيسر ڊاڪٽر بشير احمد رند صاحب ته منهنجي ضلعي دادو سان تعلق رکن ٿا ۽ دادو جي به تاريخي تعلقي جوهي سان هنن جو تعلق آهي، اهيو ٻڌي ڪري ته مون کي اڃان به وڌيڪ خوشي حاصل ٿئي آهي۔ ادا توهان جي هن پوسٽ مان محترم سائين بشير احمد صاحب جو به ديدار ٿئي ويو ۽ سندن مختصر تعارف مان به واقف ٿئي وياسين۔ ۽ مون توهان جون پوسٽ ڪيل تصويرون به پاڻ وٽ محفوظ ڪري ڇڏيون آهن۔ ادا محترم دوست سائين بشير احمد صاحب پنهنجي هڪ سوال جي جواب ۾ چيو آهي ته ۔۔۔۔ (ديني حوالا سان مان سمجهان ٿو ته مدرسا تمام سٺو ڪم ڪن پيا ، جو اتي تعليم جو سسٽم منظم آهي، البته مدرسن جي نصاب ۾ تبديلين جي ضرورت آهي، جنهن ۾ اسپيشلي تاريخ، انگلش زبان، ميٿ، جنرل سائنس ۽ علم سياست وغيره جي مدرسن جي سليبس ۾ سخت ضرورت آهي، اگرچه نظام تعليم بهتر آهي، ليڪن نصاب تعليم بهتر نه آهي، جنهن کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. باقي جيتري قدر ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي تعليم جو مسئلو آهي، عام طور تي ته ساري پاڪستان پر خاص طور تي سنڌ جي تعليم تباهه آهي، هت پرائمري کان يونيورسٽيءَ تائين سياسي مداخلت جي ڪري تعليم تباهي جي ڪناري تي آهي، توهان ڏسندا ته پرائمري ٽيچر ويزا سسٽم تي هلن پيا، سيڪنڊري ۾ استادن جون ڪجهه سياسي تنظيمون ۽ مداخلت، جنهن ڪري سيڪنڊري جو به حال ڪانهي، هائير سيڪنڊري ۾ شايد توهان کي خبر هجي ته 2000 پوسٽون سنڌ جي ڪاليجن جون خالي پيل آهن، جيڪي ڀرجن ڪانه ٿيون، بلڪِ سنڌ پروفيسرز ۽ ليڪچررس ايسوسيئيشن وارا ته چون ٿا ته 300 ڪيلجن ۾ 3000 پوسٽون خالي پيل آهن، ته ظاهر آهي ته مثال طور سائنس وغيره جي سبجيڪٽس جا استاد ئي ڪانه هوندا ته شاگرد ڇا پڙهندا؟ ته اها ڪيفيت آهي، هت ٽيچرس جي کوٽ آهي، سائنس جي سامان جي کوٽ آهي، سهولتن جي کوٽ آهي، ان ڪري تعليم سمجهو ته جيڪا هئڻ گهرجي ان جو 50% به مشڪل آهي.۔۔۔ ) سو ادا اهيا حقيقت آهي ته اسان وٽ تعليم تباهه ۽ برباد لڳي پئي آهي، بس هرڪو پيئسي جي پويان آهي ۽ پرائمري ماستر ويزا تي نوڪريون پيا ڪن ان سان گڏ ٻيو پڻ ڌنڌو ڌاڙي ڪري رهيا آهن ۽ انهن جي ڳجهه تي ڪير اسڪول وڃي ئي ڪو نه ٿو، ۽ ديني مدرسن لاء ته مان به اهيو چوندس ته مدرسن ۾ به جديد ٽيڪنالاجي تحت پڙهائي ٿيڻ گهرجي، ۽ اڳيون ڪجهه ريتون رسمون ختم ٿيڻ گهرجن جڏهن ته ماضي ۾ سنڌ جي زمين هميشه علم ادب ورهائيندي رهي آهي ۽ جڏهن تاريخ تي نظر وجهندوء ته توهان کي معلوم ٿيندو ته صرف سنڌ جي شهر ٺٽي اندر به ان وقت ۾ 300 مدرسه موجود هئا، جتي علم جي ورهاست ڪئي ويندي هئي ۽ انهن کي ديني تعليم سان گڏ حڪمت به سيکاري ويندي هئي ته جيئن اهي عالم پنهنجي روزي سان گڏ عام ماڻهن جي به خدمت ڪري سگهن۔ ،۽ ۽ توهان ڏسندو ته صرف سنڌ جي هڪڙي عالم مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح صاحب جن جا ئي 150 کان مٿي لکيل ڪتاب آهن ۽ هاڻ انهن ڪتابن تي جديد دور جي حساب سان ڪم ٿيڻ گهرجي ۽ اهي ڪتاب نيٽ تي آڻڻ گهرجن ۽ مدرسن ۾ به انٽرنيٽ جي سکيا ڏني وڃي ته بهتر آهي ، منهنجي خيال ۾ سنڌ م ڪجهه ديني مدرسه آهن جنهن ۾ جديد دور جي حساب سان پڻ تعليم ڏني وڃي ٿي جنهن ۾ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو وارن جو مدرسو پڻ هڪ آهي، ادا محترم ڊاڪٽر بشير احمد صاحب هي ڳالهه ڪري منهنجي ته دل خوش ڪري ڇڏي آهي ته ۔۔۔۔ ( اصل مقصد هي آهي ته اسان کي عالم به گهرجن، اسان کي سٺا سائنسدان به گهرجن، سٺا سياستدان، انجينيئر ۽ سٺا ڊاڪٽر به گهرجن، امام غزالي رحمه الله جن لکن ٿا ته علم فرض ته اهو آهي ته انسان پنهنجي عقيدن جو علم حاصل ڪري، نماز پڙهڻ جهڙو ٿئي ته نماز جا مسائل سکڻ گهرجن، روزا رکڻ جهڙو ٿئي روزي جا مسائل، دولت مند آهي ته حج ۽ زڪات جا احڪام سکجن، اهي فرض عين ٿي ويندا، انهيءَ کان وڌيڪ علم فرض ڪفايه آهي، لکن ٿا ته هڪ رياست جي اندر اسان کي انجينيئرز، ڊاڪٽرن، سرجن، حتي ڪِ درزي، ڊکڻ جي به ضرورت آهي، هڪ رياست کي هلائڻ لئه رڳو عالم ڪافي نه هوندا آهن، اهو چاهيون ٿا ته الله جي ڌرتي تي الله جو نظام قائم ٿئي، ته الله جي نظام کي قائم ڪرڻ لئه اوهان کي هر قسم جي فن جي ماڻهن جي ضرورت پوندي، ان ۾ ڊاڪٽر، انجينيئر، پروفيسر جديد ڪاروبار بزنس وغيره مقصد هر قسم جا ماڻهو پيدا ڪرڻا پوندا، پوءِ شاگرد جو ذوق يا وقت ۽ حالات جي تقاضائن کي ڏسندي ته ڪنهن کي ڪهڙي فن ۾ موڪلڻ گهرجي جي نشاندهي ڪرڻي پوندي، يڪطرفو ناهي ٿيڻو ته رڳو ديني علم حاصل ڪري دنيا کي ڇڏي ڏجي، ته پوءِ ظاهر آهي ته دين به بڇائي نه سگهندا سين، دين کي بچائڻ لئه به اهي دنياوي علوم حاصل ڪرڻ ضروري آهن، ) ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي مدرسي جي ڊاڪيومينٽري http://www.youtube.com/watch?v=_gV3DAsB5zo http://www.youtube.com/watch?v=udoqOssg1o8 http://www.youtube.com/watch?v=oGTxqUEjKZc http://www.youtube.com/watch?v=wtKOv8gt8kY
جواب: پروفيسر جناب استاد ڊاڪٽر بشير احمد رند صاحب جن جو انٽرويو [justify] ادا طاهر۔۔۔۔ تمام بهترين انداز ۾انٽرويو حاصل ڪيو اٿوَ، سنڌ سلامت تي هي رجحان سائين نثار ناز شوبز جي شعبي جي شخصيات کان انٽرويو وٺي شروع ڪيو، اوهان تعليم دوست شخصيتن جو انٽرويو وٺي ان سلسلي کي اڳتي وڌائي رهيا آهيو تمام سٺي ڳالهه آهي۔۔ تعليم جي سلسلي ۾ جيڪو رايو سائين بشير احمد رند صاحب ڏنو آهي تمام بهترين رايو آهي، واقعي اهي حالات آهن، جنهن ڪري سنڌ جو تعليمي نظام پوئتي ٿيندو پيو وڃي۔۔ هي ته بنيادي ليول (پرائمري، سيڪنڊري ۽ هاءِ سيڪنڊري) جي ڳالهه هئي پر سنڌ جي يونيورسٽين جا به حال پورا آهن، هتي به 40 سيڪڙو اسٽاف جي، سهولتين جي کوٽي آهي، جنهن ڪري اهي ادارا گهربل نتيجا نه ٿا ڏئي سگهن، رهي سهي ڪسر سنڌ جون سياسي تنظيمون بائيڪاٽڪري پوري ڇڏين ٿيون۔۔۔ اوهان کي شاباس آهي جو ايتري بهترين انداز ۾ هي انٽرويو ورتو اٿوَ ۽ اسان جي علم ۾اضافو ڪيو اٿوَ۔۔۔اميد ته هي سلسلو اڳتي به جاري رکندا۔۔[/justify]
جواب: پروفيسر جناب استاد ڊاڪٽر بشير احمد رند صاحب جن جو انٽرويو ادا طاهر توهان بهترين ڪوشسشڪئي آهي ادا توهان جي سنڌ سلامت جي لاء جاکوڙ تعريف جي لائق آهي، توهان جي همت آهي جو توهان پاڻ وڃي محترم دوست سائين ڊاڪٽر بشير احمد رند صاحب وٽ پهچي ۽ پاڻ انٽرويو ڪيو آهي لک لائڪ اهڙيون ڪوششون آئينده به جاري رکو مهرباني
جواب: پروفيسر جناب استاد ڊاڪٽر بشير احمد رند صاحب جن جو انٽرويو پيارا ڀاءُ پسند ڪرڻ لئه مهرباني۔ ان شاءَ الله سلسلو جاري آهي۔
جواب: پروفيسر جناب استاد ڊاڪٽر بشير احمد رند صاحب جن جو انٽرويو ادا طاهر جا لک قرب ادا طاهر پهريان سيلاني هو ، پوء رپورٽنگ ۽ هاڻي انٽرويو جو نئون سلسلو شروع ڪري اصل بهترين ڪم ڪيو اٿس۔ سنڌ جي سڄاڻ ۽ سهڻي انسان سائين بشير جون ڳالهيون ڏاڍيون وڻيون۔ اهڙن ئي انسانن جي ڪري اڃان سنڌ سلامت آهي۔ اوهان جي اهڙي بهترين ونڊ تي ۽ سهڻي ڪم تي اوهان کي لک شاباسون هجن
جواب: پروفيسر جناب استاد ڊاڪٽر بشير احمد رند صاحب جن جو انٽرويو [justify] ادا سليمان اوهان جا ٿورا جو منهنجي محنت کي پسند ڪيو، اصل ۾ هي ڪم آءُ صرف سنڌ سلامت لاءِ ڪونه ڪندو آهيان بلڪِ يقين ڪريو ته اهڙن شخصيتن جا احوال وٺي آءُ خود ڏاڍو مستفيض ٿيندو آهيان، اهڙن شخصيتن جي تجربن کان اسان کي فائدو وٺڻ گهرجي جو هو پاڻ انهن مرحلن مان گذري چڪا هوندا آهن ۽ اسان کي ڀلائي جي واٽ ٻڌاري اسان جو فضول تجربا ڪرڻ کان اسان جو وقت بچائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، پر تمام ٿورا ئي اهي هوندا آهن جيڪي پنهنجن وڏن ڏاهن شخصيتن جي تجربن مان فائدو وٺن، اسان مان اڪثريت ته خود تجربا ڪرڻ چاهيندي آهي ۽ رزلٽ اهو ئي نڪرندو آهي، پر ان وقت تائين عمر جو ڪافي حصو فضول تجربن ۾ گذري چڪو هوندو آهي، پوءِ هائي گهوڙا ڪانه ڪم ايندي۔۔ وري به سهڻا پسند ڪرڻ جي مهرباني۔ اميد آهي ته باقي سنگت به هن انٽرويو مان گهڻو ڪجهه پرايو هوندو پوءِ چاهي رپلائي ڪن يا نه ڪن، مولا کين خوش رکي۔[/justify]
جواب: پروفيسر جناب استاد ڊاڪٽر بشير احمد رند صاحب جن جو انٽرويو ادا طاهر اوهان جي علم دوست جو اهو ثبوت آهي جو اوهان پنهجي شفيق ۽ محترم استاد سائين مانوارو ڊاڪٽر بشير احمد رند صاحب جن جي زندگي تي روشني وجهي ڪئي آهي ۔ الله اوهان کي اهڙي نموني استادن جو ادب ۽ احترام رکڻ جي توفيق عطا ڪري ، ٿورڙي عرصي اڳ محترم جناب سان منهجي ملاقات سنڌ نيشنل اڪيڊمي حيدرآباد ۾ ٿي غيبي تعارف اڳ ۾ هيو سائين جن آفيس ۾ ڪنهن مضمون ڏيڻ جي حوالي سان آيل هيو مضمون ۾ نالو لکيل نظر آيو مون چيو اوهان ئي سائين بشير صاحب جيڪو سنڌ يونيورسٽي جا ليڪچرار آهيو ، هن چيو بلڪل آئون ئي اهو شخص آهيان مون هن کي پنهجو تعارف ڪرايو ۽ ٻڌايو مانس ته اوهان جو تعارف اڳ ۾ ڪن دوستن کان ٿيل آهي جنهن ۾ منهجو مامو پڻ آهي يقين ڪيو مامي جو نالو ٻڌي ڌاڍو خوش ٿيو ۽ هن کان پو ڪافي مسئلن تي ڏي وٺ ٿي ، آفيس مان نڪتا سين ته مونکي سائين جن وحدت ڪالوني تي پنهجي موٽر سائيڪل تي ڇڏيو ۔ هن کان پو دوستي موبايل جي ذريعي هلندي رهندي آهي ۔ اوهان جو مضمون ويتر سائين جن بابت مزيد معلومات فراهم ڪري ڇڏي ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا سائين محترم جي ڳالهيون سون تي سهاڳو آهن ، ۽ بهترين انداز سان عصري ۽ ديني تعليم جي چٽا ڀيٽي ڪئي اٿس جيتوڻيڪ ديني مدارس ۾ عصري تعليم پڙهائڻ جي شروعات ڪافي حد تائين ٿي چڪي آهي ۽ جامعه الرشيد، جامعه الرحيم وفاق المدارس جامعه عمر ڪافي ايڊوانس به آهن پر ضرورت هن ڳالھ جي آهي ته هن کي سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ سڀنن مدرسن ۾ به اهو ئي طريقو اپنايو وڃي ، اها حقيقت آهي ته انگريزي زبان وقت جي اهم تقاضه آهي ، ۽ ٻوليون حقيقت ۾ انسان جي احساسن جي نمائندگي ڪرڻ جا ذريعه آهن تنهن ڪري ڌارين ٻولهين کي خراب ۽ پنهنجي ٻولي لاجواب وارو راڳ الاپڻ اڄايو آهي ، ادا طاهر اسان جي سنڌ اندر تمام بهترين ۽ علم سان مالامال شخصيتون آهن ضرورت آهي ته هنن کي منظر عام تي آڻڻ ۔ ۽ اوهان جو اهو سلسلو مان سمجهان ٿو هڪ ڪڙي هجڻ گهرجي جنهن جو تسلسل نه ٽٽڻ جهڙو هجي ، الله تعالى کان دعا آهي ته اوهان کي مزيد ترقي عطا فرمائي ۔ ۽ هن عظيم ڪم کي جاري و ساري رکڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ جزاڪ الله احسن الجزاء
جواب: پروفيسر جناب استاد ڊاڪٽر بشير احمد رند صاحب جن جو انٽرويو [justify]مهرباني ادا افتخار صاحب اوهان جي جو هن عاجز جي هي ڪاوش اوهان کي پسند آئي، اوهان مونکي مانُ ڏنو منهنجا ٿڪ ئي لهي ويا۔[/justify]
جواب: پروفيسر جناب استاد ڊاڪٽر بشير احمد رند صاحب جن جو انٽرويو ماشاءالله ادا طاهر سنڌي صاحب توهان جي ڪوشش تمام بهترين آهي سائين پروفيسر بشير احمد رند صاحب جو انٽريو پڙهيو مان سائين جن جي ڳالهين سان متفق آهيان جزاڪ الله ادا سدائين گڏ
جواب: پروفيسر جناب استاد ڊاڪٽر بشير احمد رند صاحب جن جو انٽرويو [justify]مهرباني پيارا دوست اوهان جي جو اوهان پنهنجي قيمتي وقت مان ڪجهه ٽائيم ڪڍي منهنجي هن نماڻي ڪوشش تي نظر ڦيرائي، نه ته ڪير نماڻن تي نظر ڀري؟؟[/justify]
جواب: پروفيسر جناب استاد ڊاڪٽر بشير احمد رند صاحب جن جو انٽرويو خبر نه ٿي پئي جو فورم تي تصويرن جي جاءِ ڏيڏر سنڀالي ورتي آهي!!!
جواب: پروفيسر جناب استاد ڊاڪٽر بشير احمد رند صاحب جن جو انٽرويو ادا طاهر توهان جي مهرباني جو توهان سائين ڊاڪٽر بشيراحمد رند صاحب جن جو تفصيلي تعارف پيش ڪيو سائين جن شخصيت هن سٽ جي مصداق آهي : ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجھ اچي بوء بهار جي ۔ ادا اميج شيڪ وارن سڀني ويب سائيٽس جي اڪسيس ڊسايبل ڪري ڇڏي آهي انهي جي لا ڊومين کي رجسٽر ڪرڻو پوندو في الحال ته فري آهي پر لڳي ٿو اميج شيڪ وارن جي نيت خراب آهي اميد ته انتظاميه جلد پنهنجي ڊومين کي رجسٽر ڪرائيندي
جواب: پروفيسر جناب استاد ڊاڪٽر بشير احمد رند صاحب جن جو انٽرويو ادا بشير هاڻ تصويرون صحيح نظر پيو اچن۔۔۔۔۔۔