• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

(بلبل ۽ اڇو گل)

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
Nightingale.jpg

(بلبل ۽ اڇو گل)
هي هڪ ننڍي ڪهاڻي معني تمام ڳري ٿي رکي،هي اڄ منهنجي موبائيل تي هڪ ميسج آيو جيڪو مونکي تمام سٺو لڳو..انهيءِ جي ڪري ترجمو ڪري اوهان سان شيئر ٿو ڪيان
هڪ بلبل کي اڇي گُل سان تمام گهڻي محبت ٿي وئي،بلبل گل سان محبت جو اظهار ڪرڻ چاهيو، هڪ ڏينهن موسم تمام سٺو ۽ دلڪش هيو، ۽ بلبل ان موسم جو فائدو وٺي گل سان اظهار محبت ڪيو، پر اڇي گل چيو ته جيستائين منهنجو رنگ ڳاڙهو نه ٿيندو تيستائين مان تونسان محبت نه ڪندس، آخرڪار بلڪل گُل جو رنگ ڳاڙهو ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي زخم ڏئي پنهنجو سڄو رت اڇي گُل تي لڳائي ڇڏيو....گلاب ڳاڙهي رنگ سان جهومي ويو،،،،پر افسوس بلبل ويچاري مري وئي.

ڇا اوهان ائين ڪري ٿا سگهو.؟؟؟
 
جواب: (بلبل ۽ اڇو گل)

ڇا اوهان ائين ڪري ٿا سگهو.؟؟؟
ابا اهي ڳالهيون عاشق سمجهن، باقي پنهنجي وس جي ڳالهه ناهي ۔۔۔ اسين آهيون ڪٽي کائڻ وارا، رت ۔۔۔۔؟؟؟ نه ابا اڇو گل ڳاڙهو ٿئي يا نه، اسين رت ڪون وهائينداسون ۔۔۔ ها ڪنهن پهريان سان ٿيل ڳاڙهي گل سان وڃي دل لڳائينداسون ۔۔۔ مذاق ۾

پر يار عاشق اهڙيون فلسفي جهڙيون ڳالهيون ڀلا ڪٿان سکي ورتيون اٿئي ۔۔۔ هاڻ پڪ ٿي ته عاشق واقعي مجبور آ ڀل ڪيڏو به ڪنڌار هجي ۔۔۔

سهڻو ونڊ ۔۔۔ لک ٿورا
 
سائين :d پسند ڪرڻ جي مهرباني سائين
 
Back
Top