• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهنجي شاعري

Abdul Wahid Soomro

سينيئر رڪن
شهر تنهنجي مان ٿيو آهي گذر جانا
بنا تو پي لڳو اجڙيل شجر جانا۔

سوا تنهنجي اڌوري زندگي گذري
لڳي دردن جو سارو سا وکر جانا۔

نه ايندي تون آ پڪ مونکي تڏهن ڀي سڪ
رکيو کليل مون ساري رات در جانا۔

حياتي جو صحيح مقصد ٿئي حاصل
رهين ها گڏجي تون مونسا اگر جانا۔

رخِ انور تان نه زلفن کي ته کسڪايو
لڳي چنڊ جي نه تنهنکي ڪا نظر جانا۔

جسم بي جان بڻجي ويو جهلڪ هڪ سان
هيو اهڙو ته نظرن ۾ڪو اثر جانا۔

وصل خاطر سميٽيل يادگيرين سان
سجايو مون سمورو آ ته گهر جانا۔

فسانه پيار پنهنجي جا نه ٻڌجن ٿا
ٿيون سنسان گليون ۽ شهر جانا۔
مجروح ڀٽ شاهي
 
Back
Top