تصوراتي ڪهاڻي عورت جي عظمت ترجمو ؛ نثار ابڙو دنيا جي تخليق جي ڇهين ڏينهن دير تائين الله تعالا عورت جي تخليق ۾ رڌل هو ... هڪ ملائڪ ويجهي ٿيندي الله جي حضور ۾ عرض ڪيو ته ... سائين، ڀلا هن تخليق تي ايترو وقت ڇو لڳي رهيو آهي ...؟ الله تعالا فرمايو؛ ڇا تو هن جي ٺهڻ وارن عنصرن تي غور ڪيو آهي، جي مون گڏ ڪيا آهن هن کي ٺاهڻ لاءِ؟ ” هيءَ هميشه صاف ڪرڻ ۽ ڌوئڻ جهڙي رهندي ... هيءَ هر قسم جي کاڌن تي پنهنجي پهچ رکندي ... هنکي ضرور اها صلاحيت هجي جو ڪيترن ئي ٻارن کي هڪ ئي وقت ۾ پنهنجي ڀاڪر ۾ آڻي سگهي، اهڙو ڀاڪر جو غم ۽ ڏک مٽائي ڇڏي، اهڙو ڀاڪر جو زخمي گوڏن تي ڪريل انسان کي ۽ ٽٽل دل واري انسان کي به تازو ڪري ڇڏي ... ۽ اهو سمورو ڪم هوءَ پنهنجن ٻن هٿن سان ڪندي“ ملائڪ متاثر ٿيندي چيو؛ ” صرف ٻه هٿ ... اهو ته ممڪن ئي ناهي! هي ته انسانيت ۾ هڪ مثال هوندو“، اي منهنجا رب اڄ ڪافي ڪم ٿي ويو آهي ... باقي بچيل ڪم ڀلا سڀاڻي ڪجي؟ ” نه“ رب العزت جواب ڏنو؛ آءُ هن کي مڪمل ڪرڻ جي بلڪل ويجهو اچي پهتو آهيان، ۽ هيءَ تخليق منهنجي دل جي تمام ويجهو هوندي ... ” هيءَ پنهنجو علاج پاڻ ڪندي، جڏهن به بيمار ٿيندي ۽ ڏينهن ۾ 18 ڪلاڪ ڪم ڪندي!“ ملائڪ مجسمي جي ويجهو وڃي کيس هٿ لائيندي چيو، ” پر اي منهنجا رب تو ته هن کي تمام نازڪ ٺاهيو آهي“ ”هائو“ تمام نازڪ آهي، رب وراڻيو، پر هن ۾ مون سختيءَ جو عنصر به رکيو آهي، تون تصور به نٿو ڪري سگهين ته هيءَ ڪهڙي قسم جا ڪشالا ڀوڳي سگهي ٿي ۽ انهن تي فتح پڻ حاصل ڪري سگهي ٿي“ ” ڇا هن ۾ سوچ جو مادو پڻ هوندو؟“ ملائڪ پڇيو ڌڻيءَ جواب ڏنو؛ ” نه فقط سوچي پر هيءَ بحث به ڪري سگهندي ۽ انهن جا حل به ٻڌائي سگهندي“ ملائڪ ان مجسمي جي ڳل تي وڃي هٿ ڦيريندي چيو؛ ” اي خالق، هن ۾ ته سيمو آهي، اوهان هن مٿان ڪجهه وڌيڪ بار رکيو آهي شايد!“ ” اهي ڳوڙها آهن جي سندس اکين مان نڪري رهيا آهن، اهو سيمو ناهي، الله سائينءَ ملائڪ کي صحيح ڪندي چيو! ” اهي ڇا لاءِ آهن؟“ ملائڪ پڇيو خالق فرمايو؛” اهي ڳوڙها سندس جي، خوشي، ڏک، پشيماني، پيار، اڪيلائي ۽ مشڪلاتن جي اظهار لاءِ استعمال ٿيندا“ اهو ٻڌي، ملائڪ حيران ٿيندي چيو؛ ” بيشڪ تون مالڪ آهين، اوهين اهو سڀ ڪجه ڪري سگهو ٿا ... عورت ته واقعي دنيا ۾ هڪ عظيم تخليق ٿيندي“ ” بلڪل“ اها هڪ عظيم تخليق آهي؛ عورت کي اهڙي طاقت آهي جا مڙد کي حيران ڪري ڇڏيندي، عورت کي اهڙي سگهه عطا ڪئي اٿم جو هوءَ مشڪل کان مشڪل ڪم به ڪري سگهندي ۽ هر قسم جو بار پنهنجن نازڪ ڪلهن تي کڻي سگهندي“ سندس اندر ۾ پيار ڀريل هوندو، خوشي هوندي ۽ سٺا خيال هوندا، هن ۾ مون اهڙي سگهه رکي آهي جو هوءَ روئڻ وارين حالتن ۾ به مسڪرائي سگهي، هيءَ ان وقت به پنهنجي سريلي آواز ۾ ڳائيندي رهندي، جنهن ۾ دل ڦاڙي روئڻ کپي ... خوشيءَ ۾ روئي ويهندي ۽ کلي پوندي جڏهن ڪنهن خوف ۾ هجي ...“ کيس مون اهڙي سگهه ڏني آهي جو هوءَ پنهنجن حقن لاءِ وڙهي سگهي، ناانصافي خلاف آواز اٿاري سگهي، هن ۾ مون ” نه“ واري خاصيت جو عنصر تمام گهٽ رکيو آهي، هيءَ جڏهن ڪنهنجو ڀلو ٿيندي ڏسندي ته ان ڪم کان انڪار ڪري نه سگهندي، پنهنجي خاندان لاءِ پنهنجو سڀ ڪجه قربان ڪري سگهندي، ڪنهنجي بيماري نه ڏسي سگهندي ۽ جي خوف ٿيندس ته انکي هڪدم ڊاڪٽرن ڏانهن کڻي ويندي“ سندس پيار ڪنهن شرط کان بنهه هوندو ... خوشيءُ ۾ روئي ويهندي جڏهن سندس اولاد ڪو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏئي ايندي، خوشيءَ ۾ نه ماپندي جڏهن سندس دوست ڪو سٺو ڪم ڪندا ... سندس خوشيءَ جا ڪا حد نه هوندي جڏهن ڪنهن ٻار جي پئدائش يا ڪنهنجي شاديءَ جي خبر ٻڌندي ... سندس دل خون جا ڳوڙها ڳاڙيندي جڏهن ڪنهن رشتيدار يا ڪنهن دوست جي موت جي خبر ٻڌندي ... پر ايتري سگهه به اٿس جو ان حالت ۾ پاڻکي ۽ ٻين کي همٿ ڏياري سگهي ... کيس اها ڄاڻ به اٿس ته پيار جي هڪ چمي ۽ پيار مان پاتل هڪ ڀاڪر، ڪنهن ٽٽل دل کي به جوڙي سگهي ٿو ... ايترين خوبين هوندي به هن ۾ هڪ خامي آهي ته هوءَ اهو وساري ويهندي ته... عورت هن دنيا ۾ ڪيتري اهم آهي ...
دوستو؛ هن عورت کي غور سان ڏسو، هيءَ سربيا جي هڪ مسلمان عورت آهي جا پنهنجي ٽن پٽن، هڪ ڀاءُ ۽ مڙس جي قبر تي ويٺي آهي ... سندس گهر جا سڀ ڀاتي 1995ع واري قتلام ۾ ماريا ويا هئا، هاڻ هوءَ اڪيلي گهر ۾ رهندي آهي.... سندس جو چوڻ آهي ته هوءَ ٽن وقتن جي کاڌي تي سڀني پٽن، مڙس ۽ ڀاءُ کي ياد ڪري روئيندي آهي ... پر تنهن هوندي به همٿ نه هاري اٿم ۽ اسلام خلاف ٿيندڙ هر ظلم خلاف آواز اٿاريندي رهندس ...
سائين ڀلا 19995 ۾ مونکي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي،suhnan saan shal judy hujeen khil sahi sindhsalamatsaathsal
سائين واهه تمام ناياب شيئرنگ آهي، shal judy hujeen ڇا ته عورت جي تصور کي ڪهاڻي جي روپ ۾ بيان ڪيو اٿئو، lajwab-sharing سائين منهنجا توهان جون عورت جي باري ۾ لکيل ڳالهيون پڙهي مونکي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ رهندڙ معصوم نياڻين نماڻين سان ٿيندڙ زيادتيون لکڻ تي مجبور ڪيو آهي۔ اهي نياڻيون نماڻيون، امڙيون ۽ ڀينرون صبح جو سوير ننڊ مان اُٿي گهر جو ڪم ڪار لاهي پنهنجي نِڪِمن مڙسن جي لاءِ ماني بچائي انهي کي نيرن ڪرائي ولو واري هوٽل لاءِ روانو ڪري، ڏاٽو ۽ گاهه وارو ڪانبو هٿ ۾ کڻي، گاهه ڪرڻ وينديون آهن، جڏهن نماڻيون گاهه پوري ڪرڻ کان پوءِ انهي ڏيڍ مڻ واري ڀري کي مٿي تي کڻائڻ لاءِ ڪير ناهي هوندي ته رستي تي ويندل، ماهيوال کي سڏ ڪنديون آهن، ته " ادا پنهنجي ڀيڻ کي ڀري ته کڻاءِ" ماهيوال ويچارو ڀري کڻائڻ ايندو آهي ته پريان هن جو مڙس ڏسندو آهي ۽ چوندو آهي ته تون ماهيوال سان ڪاري آهين۔ پوءِ انهي نياڻي نماڻي کي بيگناهه قتل ڪيو ويندو آهي يا وري گهران ڪڍي ڇڏيو ويندو آهي۔ مٿين ڳالهه کان پوءِ منهنجي ذهن ۾ ڪجهه سوال اڀرن ٿا۔ ڇا اسان جو معاشري ۾ ڪارو ڪاري رسم ختم ٿي سگهندي؟ ڇا انهي نڪمي ۽ بيڪار مڙسن جي انهي غيرت جو ڪوئي حل آهي؟ جيڪي نياڻيون ڪارو ڪاري جي ور چڙهن ٿيون، ڇا انهن خلاف ڪير آواز اٿارڻ وارو ناهي؟ ۽ آخر ڪيتري تائين اسان جي هن معاشري ۾ رهندڙ نياڻيون انهن بيهوده رسم جو ڪاڄ بڻجنديون رهنديون۔
مهرباني فقير سائين، اوهان ته عورتن کي ڊيڄارڻ واري گروپ ۾ آهيو، پوءِ هيءَ ڳالهه ڪيئن پسند آئي ؟ سهڻا سائين! اسانجي حق ۾ ڪي دعائون ئي نٿا گهرو ... ٻڌو آهي فقيرن جي دعا، اصل چوٽ تي پهچندي آهي ... سدائين سهڻا رهو ...آمين
مهرباني ادا علي علي ... يار! پاڻ ته عورت جي عظمت جا هميشه قائل رهيا آهيون ...۽ اها ڪوشش رهندي ته سموري انسانيت عورت جي عظمت کي سڃاڻي انجي تڪريم جو بندوبست ڪري ... ان سان خبر آهي ته ڇا ٿيندو ... معاشري ۾ سڪون ئي سڪون ... نه ڪو هابيل نه ڪو قابيل ...