• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪرڪيٽ جي عالمي ڪپ 2011 جي افتتاحي تقريب بنگلاديش ۾ ٿي گذري

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
ڪرڪيٽ جي عالمي ڪپ 2011 جي افتتاحي تقريب بنگلاديش ۾ ٿي گذري

110217140539_wc-opens.jpg

ڪرڪيٽ جي عالمي ڪپ 2011 جي افتتاحي تقريب اڄ بنگلاديش جي شهر ڍاڪا ۾ ٿي گذري جنهن جو افتتاح بنگلاديش جي وزير اعظم شيخ حسينه واجد ڪيو۔ تقريب ۾ رقص ، گانن ۽ ليذر شو جو مظاهرو ڪيو ويو۔ تقريب ۾ سڀني ٽيمن جا ڪپتان سائيڪل رڪشه ۾ سوار ٿي گرائونڊ ۾ داخل ٿيا۔

تقريب ۾ سونو نگم شرڪت ڪندڙ ٽيمن لاء انگريزيء ۾ گانو ڳايو جڏهن ته مشهور گلوڪاره رونا ليلا دمادم مست قلندر ڳائي سڄي اسٽيڊيم کي جهومائي ڇڏيو۔ مقامي ڳائنن بنگاليء ۾ ڳائي داد حاصل ڪيو۔

عالمي ڪپ جو دفاع آسٽريليا جي ٽيم ڪري رهي آهي جڏهن ته دنيا جون 14 ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن۔ 29 ميچون هندستان ۾ ، 13 سريلنڪا ۽ 8 بنگلاديش ۾ ٿينديون۔
 
جواب: ڪرڪيٽ جي عالمي ڪپ 2011 جي افتتاحي تقريب بنگلاديش ۾ ٿي گذري

اد ا يو ٽيوب به ڏيو ته مهرباني
 
جواب: ڪرڪيٽ جي عالمي ڪپ 2011 جي افتتاحي تقريب بنگلاديش ۾ ٿي گذري

ادا شيئر ڪرڻ جي مهرباني، تقريب جون ڪجهه جهلڪيون مون به ڏٺيون۔۔۔
 
جواب: ڪرڪيٽ جي عالمي ڪپ 2011 جي افتتاحي تقريب بنگلاديش ۾ ٿي گذري

بنگلاديش جتي 1996 جي ورلڊ ڪپ جون پڻ ڪجهه ميچز ٿي چڪيون آهن پر هن دفعي اتان جو عوام جهڙوڪ پهريون دفعو ورلڊ ڪپ جي ميزباني ٿيندي ڏسي پيو۔۔۔ بنگلاديش جي ٽيم پڻ اڳي کان مضبوط ٿي ڏسڻ ۾ اچي جو ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ ڪافي اپ سيٽ ڪري چڪي آهي۔۔۔
هتي هڪ وڊيو لڳائي رهيو آهيان جيڪا ادا عرس جي فرمائيش مطابق ته نه آهي پر هي وڊيو ٻڌائي ٿي بنگلاديش جي تاريخ، تهذيب ۽ هتان جي عوام جو روزگار ۔۔۔ دوستن کي ياد هجي ته ايترو انڊيا وارا پاڪستان کان نفرت نه ڪندا هوندا جيترا بنگلاديش جو عوام نفرت ڪري ٿو۔۔۔ ان جا ڪارڻ ماضي ۾ پاڪستاني فوج جا جا ڪرتوت آهن جيڪي انهن اسلامي ڀائرن سان 1971 ۾ ڪيا۔۔۔ خير اها انڌيري تاريخ پاڪستان وساري چڪو آهي ان ڪري دعا ڪجي ٿي ته بنگلاديش به وساري ۔۔۔ ان کانسواءِ هن وڊيو ۾ ورلڊ ڪپ 2011 جي اوپننگ سيريمني جي ريهرسل جون ڪجهه جهلڪيون به آهن۔۔۔
پوءِ جيسيتائين ڪو دوست اوپن سيريمني جي وڊيو کڻي اچي ۔۔۔ اميد ته هي وڊيو به توهان لاءِ مزيدار هوندي۔۔۔

http://www.youtube.com/watch?v=jZx-yY-DiXE
 
جواب: ڪرڪيٽ جي عالمي ڪپ 2011 جي افتتاحي تقريب بنگلاديش ۾ ٿي گذري

ڪجهه تصويري جهلڪيون۔۔۔

Cricket-world-cup-2011-opening-ceremony-live-500x333.jpg

Asian-Cup-Qatar-2011-Opening-Ceremony-07.jpg

2011-02-17__Opening_ceremony-latest_2.jpg

182755_203972092951928_154856171196854_936218_5262064_n.jpg

۽ هي تصوير آهي سمورن ملڪن جي قيادت ڪندڙ ڪپتانن جي ۔۔۔ اميد ته توهان پنهنجي پسند جي ڪپتان کي سڃاڻي ورتو هوند۔۔۔

128417.jpg

جواب: ڪرڪيٽ جي عالمي ڪپ 2011 جي افتتاحي تقريب بنگلاديش ۾ ٿي گذري

مون کي لڳو ته شايد ڪو دوست ايتري ۾ وڊيو ڳولي وٺندو پر ائين نه ٿيڻ ڪري مون ئي وڊيو ڳولي لڌي هي آهي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2011 جي افتتاحي تقريب جون وڊيوز...

http://www.youtube.com/watch?v=JFs0Hlsw8js

http://www.youtube.com/watch?v=y0639vgB6zE

http://www.youtube.com/watch?v=g0sb6gb97R4

http://www.youtube.com/watch?v=9HJ20XnuTcc

http://www.youtube.com/watch?v=CpPPBRUzBtc

دوستو هي آهي اها وڊيو جنهن ۾ ماضي ۾ سنڌي زبان ۾ ڳائيندڙ مهان گلوڪاره رونا ليلا سڀ کان پهريان بنگالي ۾ ۽ پوءِ سنڌڙي ۽ سيوهڻ جو نالو کڻي دمادم مست قلندر ڳايو...(سندس اهو گيت 0450 منٽن تي شروع ٿو ٿئي) جس لهڻي رونا ليلا جنهن جي جسامت ته هاڻي اها نه رهي آهي پر سندس آواز ساڳيو اهو ئي سنڌين تي راڄ ڪندڙ آهي.. سندس جذبات سان ڀريل هن گيت صاف ٻڌايو آهي ته پاڻ اڃان سنڌ ۽ سيوهڻ وساري نه آهي..

http://www.youtube.com/watch?v=k_FwE0SGhvE

http://www.youtube.com/watch?v=RX-ac-PCZWw

http://www.youtube.com/watch?v=mzX993ImvVw
 
جواب: ڪرڪيٽ جي عالمي ڪپ 2011 جي افتتاحي تقريب بنگلاديش ۾ ٿي گذري

ادا عبد الرشيد اوهان ته ڪمال ڪري ڇڏيو... ٿورا
 
جواب: ڪرڪيٽ جي عالمي ڪپ 2011 جي افتتاحي تقريب بنگلاديش ۾ ٿي گذري

ادا رشيد مهربانيون

لڳي ٿو اوهان به ڪرڪيٽ جا گهڻا شوقين آهيو ۔ ڪرڪيٽ جي عالمي ٻلي جو ڪريز ته هر هنڌ موجود آهي۔ اسان جي آفيس جي هڪ دوست ته فائنل تائين موڪل به ڪري ڇڏي آهي۔ مطلب اسان جو ڪم اڃان وڏيو جو اهي ذميواريون به ڏسنيون پونديون۔

پوء به ڪرڪيٽ ڏسبي جي ڏسي نه سگهياسون ته ٻڌبي نه ته رپورٽ ته پڙهي سگهبي۔
 
جواب: ڪرڪيٽ جي عالمي ڪپ 2011 جي افتتاحي تقريب بنگلاديش ۾ ٿي گذري

تمام سٺو سائين مهرباني ادي
عبدالرشيد صاحب جي جو
ڪرڪيٽ جي عالمي ڪپ 2011 جي افتتاحي تقريب جو احوال پيش ڪيو۔
 
جواب: ڪرڪيٽ جي عالمي ڪپ 2011 جي افتتاحي تقريب بنگلاديش ۾ ٿي گذري

جئين ته مٿي موضوع ۾ ادا سليمان رونا ليلى جو ذڪر ڪندي آگاهي ڏني ته انهن دمادم مست قلندر ڳائي سموري گرائونڊ کي جهومائي وڌو ۔۔۔ ان ڪري دوستن کي يقينن اشتياق ٿيو هوندو ته اهو گيت هو به ڏسن يا ٻڌن ها۔۔۔ ۽ پوءِ جڏهن مسلسل ٽي ڪال آئي ۽ دوستن چيو ته توهان جي لڳايل وڊيوز اڻ پوريون آهن جن ۾ رونا ليلى جو گيت ٻڌڻ کان قاصر آهيون ته مون ونڊ ڪيل وڊيوز کي مختصر حصن وارين وڊيوز سان تبديل ڪندي رونا ليلى جي ڳايل گيت واري وڊيو کي ظاهر ڪيو آهي۔۔۔
 
ادا اوهان جي محنت کي سلام آهي۔۔۔
 
Back
Top