ڪرم الاهي چنا
سينيئر رڪن
منهنجو نالو ڪرم الاهي چنا آهي۔ منهنجي پيدائش جي تاريخ 8 آگسٽ 1954ع آهي۔ منهنجو اصل ڳوٺ سڪرنڊ جي ڀرسان 21 دڌ آهي۔ منهنجي پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ٿي۔ ميٽرڪ سڪرنڊ شهر مان ۽ انٽر گورنمينٽ ڪاليج نواب شاهه مان بي اي سنڌ يونيورسٽي مان ۽ ايم اي بين الاقوامي تعلقات 1976 ۽ ماس ڪميونيڪيشن ۾ سنڌ يونيورستي مان 1978 ۾ ڪئي۔
منهنجو روزگار جو وسيلو لکڻ پڙهڻ سان آهي۔ سنڌي توڙي ٻين ٻولين ۾ ڪمپيوٽر تي ڪمپوزنگ ۽ بڪ ميڪنگ آهي۔ منهنجي اداري جو نالو سنگم پبليڪيشن آهي۔ ان جي شروعات سنڌ يونيورسٽي ۾ تعليم دوران ٿي ۽ هن وقت سنڌ جي قلعي سچل ڳوٺ ۾ قائم آهي۔ جتي منهنجو گهر آهي ۽ پنهنجي 6 ٻارن ۽ زال سان رهندو آهيان۔ هن وقت تائين تقريبن 180 ڪتاب مختلف ٻولين ۾ شايع ڪري چڪو آهيان۔ سچل ڳوٺ ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسئيشن جي بنيادي ميمبرن مان آهيان۔ مون کي اهو به اعزاز آهي ته سگا سچل ڳوٺ شاخ جو پهريون ميمبر ، پهريون ڪنوينر، پهريون صدر ۽ روشن تارا اسڪول سچل ڳوٺ جو پهريون چيئرمين به رهيو آهيان۔ مون کي اهو به اعزاز آهي ته مون مٿي ذڪر عهدن تي هيٽ ٽرڪ ڪئي۔ مون کي اهو به اعزاز آهي ته روشن تارا اسڪول ۾ داخل پهريان ٻه ٻار به منهنجا آهن۔
ان کان علاوه سگا مرڪز ۾ به منهنجو ڪردار فعال رهيو آهي۔ 1992ع کان 2010 تائين لاڳيتو مرڪز جي عهدن تي رهيو آهيان ، سيڪريٽري انفارميشن ۽ پبليڪيشن رهيو آهيان۔ 42 حياتي رسالا، شاهه جو ٽن ٻولين ۾ رسالو، سگا ڊائري، سگا ڪلينڊر کان علاوه شاهه سائين بابت ٻارن لاء 5 عدد ڪتاب مرتب ڪيا آهن۔
هن وقت سگا سچل ڳوٺ شاخ جو جنرل سيڪريٽري آهيان۔
سنڌ سلامت بابت گهڻي ڄاڻ سگا جي نوجوان ساٿي سليمان وساڻ جي معرفت ملي آهي۔ سنڌ سلامت جا ساٿي اسان سگا جي پروگرامن ۾ هر وقت ساٿ ڏيندا رهيا آهن۔ اخلاقي سان گڏوگڏ مالي سهڪار به ڪندا آهن۔ هاڻ اسان چاهيون ٿا ته سگا سچل شاخ ۽ سنڌ سلامت جي ساٿ سان اسان سنڌي ماڻهن جي ڪا بهتر خدمت ڪري سگهون ۔ اميد ته سليمان وساڻ ۽ اسان گڏجي ڪو رستو ڳولي وٺنداسيون۔ سنڌ جي باري ۾ ۾ مون وٽ ڪافي مواد جمع آهي ، سليمان وساڻ جي ذريعي اميد ته جلد ئي اهو سنڌ سلامت جي حوالي ڪبو۔