غلام مصطفي ميمڻ
سينيئر رڪن
قومي شناختي ڪارڊ جي آهميت۔ قومي رجسٽريشن ايڪٽ 1973،جي سيڪشن 8 جي تحت هر بالغ شهري(بالغات جي عمر قانون مطابق 18 سال آهي)جي لاء شناختي ڪارڊ حاصل ڪرڻ ضروري قرار ڏنو ويو آهي۔ساڳي ايڪٽ جي سيڪشن 4 جي موجب 18 سال يا انکان وڌيڪ هر شهري جي لاء خواه هو مرد هجي يا عورت،اندروني ملڪ هجي يا بيرون ملڪ،لازمي آهي ت هو هن قانون تحت پنهنجي پاڻ کي شناختي ڪارڊ جي دفتر ۾ رجسٽر ڪرائي ۽ قومي شناختي ڪارڊ حاصل ڪري۔جيڪڏنهن ڪو شهري 18 سالن کان گهٽ عمر جو آهي ت انجي رجسٽريشن ڪرائڻ ان جي والد يا سرپرست جي ذميداري آهي۔جيڪڏنهن ڪو شخص پنهنجو شناختي ڪارڊ ن ٺهرائيندو ت ان کي پاسپورٽ جاري ٿيندو ن ئي وري ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي لاء سفري ڪاغذن جو اجرا ممڪن هوندو۔ان کان علاوه هو پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ن ڪري سگهندو۔پنهنجي شناخت ,شهري جي حثيت ۾ ن ثابت ڪري سگهندو۔بينڪ ۾ اڪائونٽ ن کولي سگهندو،لون ن حاصل ڪري سگهندو،ڪورٽ ۾ ڪنهن جو ضامن ن پئجي سگهندو مطلب ت هن کي زندگي جي فنانشل۽ سوشل ماملات کي منهن ڏيڻ لآء شناختي ڪارڊ جي تمام سخت ضرورت پوندي۔جيڪڏنهن ڪو شخص بغير ڪنهن معقول سبب جي پنهنجو شناختي ڪارڊ ن ٿو ٺهرائي يا شناختي ڪارڊ کي حاصل ڪرڻ لاء غلط ڪوائف ٿو ڏئي ت هن کي سيڪشن 11(1)قومي رجسٽريشن ايڪٽ 1973،جي تحت 3 مهينا سزا۽ هڪ هزار ڏنڊ جي سزا آچي سگهي ٿي۔۔۔۔۔۔۔۔۔قومي شناختي ڪارڊ جي وصولي لاء نادرا جو ٻن صفحن تي سادو فارم هر جڳه تي آساني سان دستياب آهي۔شناختي ڪارڊ جي فارم سان گڏ اڳ ۾ ٻ تصويرون جمع ڪرائوبون هيون پر هاڻي نادرا آفيس وارا پاڻ تصوريون ڪمپيٽورائيزاڊ ڪارڊ لاء ڪڊن ٿا۔فارم جي تصديق ڪنهن ذمدار آفيسر کان ڪرائڻ تمام ضروري آهي۔قومي شناختي فارم جي تصديق قومي ۽ صوبائي اسمبلين جا ميمبر، زڪوت ڪميٽي جا ميمبر،مرڪزي ۽ صوبائي حڪومت جا گريڊ 16کان مٿان ۽ فوج جا ڪميشنڍ آفيسر ڪري سگهن ٿا۔۔۔۔۔۔توهان جيڪڏنهن سروري ڪندا ت توهان کي پنهنجي پسگردائي ۾ ڪافي آهڙآ ماڻهون ملندا جن جون عمرون ت وڏين آهن پر شناختي ڪارڊ جي اهميت ن معلوم هئڻ جي ڪري هنن اڃا تائين شناختي ڪارڊ ن ٺاهرايا آهن۔انهن سڀني ڳالهن کي نظر ۾ رکندي اسان مناسب سمجهو ت شناختي ڪارڊ جي اهميت ۽ ان سان رلٽيڊ قانوني تي روشني وڌي وڃي جو محترم ميمبر ۽ٻئي سٻاجهڙي سنڌي عوام ان مان مستفيد ٿي سڱهي۔الله سائين هميشه اوهان جو۽ اسانجو حامي ۽ ناصر هجي ۔آمين۔