• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دل کي صــــدما ڇو بـار بـار مـليا۔؟؟

مست

سينيئر رڪن

دل کي صــــدما ڇو بـار بـار مـليا۔؟؟
دل آ هڪڙي، ڇو ڏک هزار مليا۔۔
گل ڇٽيا مون ها جنهن جي راهـــن ۾،
ان جي هٿ سان ڪنڊن جا هار مليا..
پنهنجو سمجهي مليس مان محفل ۾،
اوپرو سمجهي هو ٿي وري بــيزار مــليا..
دل ڏکـــــائڻ ڪا جــن لاءِ ڳالهه نه آه،
عـــــام اهـــــڙا هـــتي ڪــــردار مــــليا..
آهي لـــــفظن جي راند بــــس ياري،
مَير دل ۾ رکــــي سَڏي دلدار مليا..
مان ٿو تڙپان هو مسڪرائين ٿا
مست اهڙا ڇو مون کي يار مليا..
 
جواب: دل کي صــــدما ڇو بـار بـار مـليا۔؟؟

مان ٿو تڙپان هو مسڪرائين ٿا
مست اهڙا ڇو مون کي يار مليا

واه واه ادا مست لاجواب
 
يار مست ڀائو خُدا کي مڃ اهڙيون ڳالهيون مون سان نه ڪندا ڪريو ٽي درجي وارو شاعر آهيان منهنجي دل صفا ڪچي آهي ڀائو هي جهونو موڪلائي ويندئو مان تڙپان ٿو هُو مسڪرائين ٿا، ڇو مست مونکي اهڙا يار مليا، پنهنجي دل تي هٿ رکي ٻُڌايو طاهر سنڌي ۽ اسد مير جت اها سڌي ڳالهه توهان ڏي وڃي ٿي نه! خير خوش هُجو پنهنجي خرچ تي ۔
 
هاهاهاهاها سائين ڪجهه رحم ڪريو، ايئن صفا ظاهر ته نه ڪريو،،،
 
واه ادا بهترين شاعري آهي............
 
جواب: دل کي صــــدما ڇو بـار بـار مـليا۔؟؟

ادي مست ۾ شاعرانه خوبيون هاڻ ڪجهه پڪيون ٿينديون وڃن ۔۔۔ ڏک، بيوفائيون ۽ ماحول ۾ موجود سڏڪا ئي ته سنڌ جي شاعرن جو سرمايو آهن ۔۔۔ آئينو به اهو ئي منظر ڏيکاريندو آ، جيڪو سامهون هوندو اٿس ۔۔۔ سو دوست مست! پنهنجي من جي آئيني کي چمڪائيندا رهو ۽ لفظن جي ذخيري سان ان عڪس کي ظاهر ڪندا رهو ته ۔۔۔۔ بس ٻيڙا پار ۔۔۔

پر هڪ ڳالهه ياد رکجو ۔۔۔۔ ٻيا به ڏک آهن محبت کانسوا ۔۔۔

مٿان وري ادي وسيم جيڪو گانو لڳايو آهي، بس روئارڻ جو سٺو بندوبست ڪيو اٿس ۔۔۔ سنڌ جي مشڪل ۽ ان ۾ ٻوڏ تي ڳايل اهڙو درمندانه گيت مون اڳ ڪون ٻڌو ۔۔۔ وسيم ڀا، قدرتي آفتون ۽ اسانجي قومي حالت حقيقت ۾ روئڻ جي قابل آهي ۔۔۔ الله تاريندو ۔۔۔ همٿ ۽ ايمان سان اهو مرحلو به پار پونداسون۔ انشاء الله

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: دل کي صــــدما ڇو بـار بـار مـليا۔؟؟

مان ٿو تڙپان هو مسڪرائين ٿا
مست اهڙا ڇو مون کي يار مليا

واه واه ادا مست لاجواب

ادا طاهر يار سچ آهي مڙئي لکجي ويو۔۔۔
زماني جو دستور لفظن ۾ ٻڌائڻ‌جي ڪوشش ڪئي آهي۔۔۔​
 
جواب: دل کي صــــدما ڇو بـار بـار مـليا۔؟؟

يار مست ڀائو خُدا کي مڃ اهڙيون ڳالهيون مون سان نه ڪندا ڪريو ٽي درجي وارو شاعر آهيان منهنجي دل صفا ڪچي آهي ڀائو هي جهونو موڪلائي ويندئو مان تڙپان ٿو هُو مسڪرائين ٿا، ڇو مست مونکي اهڙا يار مليا، پنهنجي دل تي هٿ رکي ٻُڌايو طاهر سنڌي ۽ اسد مير جت اها سڌي ڳالهه توهان ڏي وڃي ٿي نه! خير خوش هُجو پنهنجي خرچ تي ۔

استاد سائين اوهان مست جي لفظن تي ته ڪجهه ڳالهايو ئي ڪونه۔۔۔ ! باقي توهان جو هي شاگرد تيار ڪيئن ٿيندو؟؟؟
لڳي ٿو اوهان اڄ‌ڪلهه ڏاڍين سوچن ۾‌آهيو۔۔ الله اوهان جي سوچن کي عملي نتيجي تي پهچائي۔۔۔۔۔;))
سائين طاهر سنڌي ته اصل ڪم کي کنيو بيٺو آهي، مست مڙئي هٿ ڍرو رکيو ويٺو آهي، ان کي پنهنجي استاد جي تڙپڻ‌ تي مسڪرائڻ‌جو حق نه آهي۔۔۔ طاهر ڄاڻي ته ناز سائين ڄاڻي۔۔۔ #-o
 
جواب: دل کي صــــدما ڇو بـار بـار مـليا۔؟؟

هاهاهاهاها سائين ڪجهه رحم ڪريو، ايئن صفا ظاهر ته نه ڪريو،،،

ادا هو چوڻي ڏاڍي مشهور آهي ته ڪجهه شين کي ڪيترو به لڪائجي ته به ڪونه لڪنديون آهن۔۔۔ هتي به اهو قصو آهي۔۔ پر بهرحال اوهان ٻئي وڏا آهيو مست تي ڪا معيار نه آهي۔۔۔ :-?? مست ته اهڙا ونڊ‌ پيو ڪندو۔۔​
 
جواب: دل کي صــــدما ڇو بـار بـار مـليا۔؟؟

مست جي سٺي شاعري

ادا دل کي صدمو ٿيندو آهي تنهنڪري اهڙي صدمن لاء تيار رهجو۔

هڪ ڳاله ته صاف جي آن لائين مشاعري ۾ مست کي به حصو وٺڻ کپندو هو۔ مست کي گذارش ته هو تيار رهي ۽ ايندڙ عالمي آن لائين مشاعري م ضرور شرڪت ڪري جنهنجو ڪو آرڊينيٽر سائين نثار ابڙو جن ئي هوندا۔ سائين نثار ابڙو تي به ان مشاعري کانپوء شاعريء جو رنگ چڙهيو آهي ۽ سندس ڳالهين ۾ ٿوري ٿوري مدهوشي پئي جهلڪي۔
 
جواب: دل کي صــــدما ڇو بـار بـار مـليا۔؟؟

ادي مست ۾ شاعرانه خوبيون هاڻ ڪجهه پڪيون ٿينديون وڃن ۔۔۔ ڏک، بيوفائيون ۽ ماحول ۾ موجود سڏڪا ئي ته سنڌ جي شاعرن جو سرمايو آهن ۔۔۔ آئينو به اهو ئي منظر ڏيکاريندو آ، جيڪو سامهون هوندو اٿس ۔۔۔ سو دوست مست! پنهنجي من جي آئيني کي چمڪائيندا رهو ۽ لفظن جي ذخيري سان ان عڪس کي ظاهر ڪندا رهو ته ۔۔۔۔ بس ٻيڙا پار ۔۔۔

پر هڪ ڳالهه ياد رکجو ۔۔۔۔ ٻيا به ڏک آهن محبت کانسوا ۔۔۔

مٿان وري ادي وسيم جيڪو گانو لڳايو آهي، بس روئارڻ جو سٺو بندوبست ڪيو اٿس ۔۔۔ سنڌ جي مشڪل ۽ ان ۾ ٻوڏ تي ڳايل اهڙو درمندانه گيت مون اڳ ڪون ٻڌو ۔۔۔ وسيم ڀا، قدرتي آفتون ۽ اسانجي قومي حالت حقيقت ۾ روئڻ جي قابل آهي ۔۔۔ الله تاريندو ۔۔۔ همٿ ۽ ايمان سان اهو مرحلو به پار پونداسون۔ انشاء الله

سنڌ سلامت ساٿ سلامت

ادا وڏا۔۔۔۔ توهان جي دعا هوندي ته مست جي شاعريءَ جي پروموشن پئي ٿيندي۔۔۔ توهان جي نظرن مان پاس ته مطلب ته مست وڏي منزل کٽي ورتي، <:-p
ڇو ته توهان جو سهرو سائين به شاعر، توهان جي گهر واري به شاعر۔۔ ان صورت ۾ توهان کي اڌ شاعر ته چئي سگهون ٿا۔۔۔
توهان جي ڳالهه صحيح آهي سائين۔۔۔ پر شاعر ته شاعر آهي ڪيڏي مهل ڪهڙي خيالن ۾ ڪيڏي مهل ڪهڙي خيالن ۾‌، سائين نثار ناز کي ئي ڏسي وٺو، ڪيڏي مهل ڪنهن کي چپن جا گلاب ارپڻ کان روڪي ٿو ته ڪيڏي مهل وري ان کي ئي چوي ٿو ڪجهه ٻڌو، ڪجهه ٻڌو، ڪجهه ته منهنجي ٻڌو۔۔​
 
جواب: دل کي صــــدما ڇو بـار بـار مـليا۔؟؟

مست جي سٺي شاعري

ادا دل کي صدمو ٿيندو آهي تنهنڪري اهڙي صدمن لاء تيار رهجو۔

هڪ ڳاله ته صاف جي آن لائين مشاعري ۾ مست کي به حصو وٺڻ کپندو هو۔ مست کي گذارش ته هو تيار رهي ۽ ايندڙ عالمي آن لائين مشاعري م ضرور شرڪت ڪري جنهنجو ڪو آرڊينيٽر سائين نثار ابڙو جن ئي هوندا۔ سائين نثار ابڙو تي به ان مشاعري کانپوء شاعريء جو رنگ چڙهيو آهي ۽ سندس ڳالهين ۾ ٿوري ٿوري مدهوشي پئي جهلڪي۔

بس سائين زندگي آهي ته صدما آهن، صدما آهن ته زندگي آهي، زندگي نالو ئي انهن لاهن چاڙهن جو آهي جيڪي صدمن ۽ خوشين جي وچ ۾ اچن ٿا۔۔۔
مشاعري جي قابل مان ته اڃان پاڻ‌کي نه ٿو سمجهان۔۔ پر تجربو ڪرڻ‌جو موقعو ملي ٿو ته ماڻهو ڇو نه ڪري۔۔
>:d<
 
Back
Top