مونا طور سينا سندا سنيا سين

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏18 فيبروري 2011۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    مونا طور سينا سندا سنيا سين
    سجدي ۾ سيد چئي گوڏا گودڙين

    فڪان قاب قوسين او ادنى ، نانگا ائين نمن
    ڪل من عليها فان ، باقي ڪين بچن

    الله ولي الذين آمنو يخرجهم من الظلمات
    الي النور ، اهڙي پرين

    وخر موسى صعقا ، ٿا جوڳي جنگ جلن
    مازاغ البصر وما طغى ، اهڙي روشن رون

    مشاهدو محبوب جو اتي آديسين
    بي يبصر بي يسمع بي وصال وهن

    بي يمشي بي ينطق ، ٿا اهڙي چال چلن
    سيد چئي سندين ڪل پڇين ٿو ڪهڙين

    سر رامڪلي
    شاھ عبداللطيف ڀٽائي

    ڪمپوزر ؛ افتخار علي چوهاڻ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: مونا طور سينا سندا سنيا سين

    سهڻا دوست هن وقت منهنجي سامهون، ڀرڳڙي صاحب وارو آنلائين رسالو آهي، مون سڀ اوهان طرفان ڏنل بيت ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي، ڇاڪاڻ ڪجهه لفظ منجهائيندڙ ۽ ڪجهه هيٺ مٿاهين محسوس پئي ٿي ۔۔۔

    اوهان سر رامڪلي لکيو آهي، جنهن ۾ پهريون بيت ته مونکي ڪجهه هن طرح نظر اچي ٿو:
    مونا طور سينا، سندا سنياسين،
    پورب کنيو نه پاڻ سين، بود بيراڳين،
    ردا آهي راز جي، اوڇڻ آديسين،
    قرب ڪاپڙين، نهن چوٽي سيئن ڍڪيو۔

    باقي اوهانجا ڏنل بيت مونکي نظر نٿا اچن، مهرباني ڪري جيڪڏهن اوهان وٽ ڪو رسالو آهي ۽ ان ۾ اهي بيت موجود آهن ته مهرباني ڪري ان رسالي جو حوالو ضرور ڏيندا ۔۔۔

    لک ٿورا ۔۔۔۔ دعائن ۾ گڏ
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: مونا طور سينا سندا سنيا سين

    سبحان الله! خبر پوي ٿي ته شاه سائين قرآن مجيد جا حافظ، عالم ۽ مفسر به هئا!!!
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: مونا طور سينا سندا سنيا سين

    بيشڪ ادا

    ان ۾ ڪو شڪ ناهي

    سدائين گڏ
     
  5. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مونا طور سينا سندا سنيا سين

    جي ادا بلڪل اوهان صحيح پيا فرمايو ، ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  6. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مونا طور سينا سندا سنيا سين

    سائين قبله پسند ڪرڻ مهرباني
     
  7. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مونا طور سينا سندا سنيا سين

    اهڙو قيمتي متاع (سامان) اوهان وٽ موجود ناهي ڏاڍي افسوس جي ڳالھ آهي ، سڀ شيون جيڪر آنلائن ملن ها ته ڪتاب وٺڻ جي اهميت ئي وڃا ئجي وڃي ها ، ها ڪتاب اِهي ڪتاب ئي آهن جيڪو حفاظت جو سامان فراهم ڪن ٿا هن کي نيٽ تي جيڪر حفاظت ڪرڻ ممڪن هجي ها ته اوهان کي اهڙي ناڪامي نه ٿئي ها .
    خير حواله اوهين گهريا مون تي لازم ٿيو ته اوهان کي حواله ڏيان . سو حاضر آهن حواله
    حوالو پهريون.
    شاه جو گنج (شاه جو رسالو) سهيڙيندڙ سگهڙ حاجي الهداد جهنجهي
    ڪويتا پبليشر حيدرآباد
    صفحو نمبر 349
    سر رامڪلي داستان ڇهون




    حوالو ٻيون ؛
    شاه جو رسالو . علامه غلام مصطفى قاسمي ( رحمةالله عليه)
    مهران اڪيڊمي واڳڻو در شڪارپور

    صفحو 487 فصل نمبر پنجون


    باقي شاھ جو رسالو
    ڪلياڻ آڏواڻي ۾
    يا نيٽ گردي ۾ ڪون ملندو

     
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: مونا طور سينا سندا سنيا سين

    محترم دوست افتخار شاهه صاحب جو ڪارائتو بيت ونڊڻ جي مهرباني۔۔۔
    جيتري قدر سائين نثارابڙو جن جي جواب جو تعلق آهي ته عرض ته سائين جن مڪي پاڪ ۾ رهن ٿا۔۔۔ جتي سندن وٽ هميشه وانگر ڪتابن جي قلت رهي آهي ۔۔۔ ۽ سدائين معلومات وڌائڻ لاءِ نيٽ جو سهارو ورتو اٿائون۔۔۔ توهان جي مهرباني جو توهان حوالا آندا۔۔۔
    حيرت اٿم ته هي بيت ڪليان آڏواڻي ۾ نه مليو خبر نه آهي ان جو سبب ڪهڙو آهي۔۔۔؟
     
  9. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: مونا طور سينا سندا سنيا سين

    [justify]سائين محترم رشيد صاحب، قرآن شريف جا ٽي نسخا ۔۔۔ هڪ سنڌي، ٻيو اردو ۽ ٽيون انگريزي هميشه موجود هوندا آهن ۔۔۔ جڏهن ڪنهن قرآني فڪر تي ڪو ليک يا قرآن شريف جي ڪا آيت ۽ انجي معني ڏسڻي هوندي آهي ته انهن ٽنهي ڪتابن کان مدد وٺندو آهيان ۔۔۔

    لطيف سرڪار جا ٻه رسالا ته هارڊ ڪاپيءَ جي صورت ۾ آهن؛ هڪ ڪلياڻ آڏواڻيءَ جو مرتب ٿيل ۽ ٻيو الف بي واري شاه جو رسالو مرتب عبدالغفار دائود پوٽو جن جو موجود هوندو آهي ۽ لطيف جي بيتن بابت انهن ٻنهي ڪتابن ۽ ڀرڳڙي صاحب جي سائيٽ تي موجود رسالي مان مدد وٺندو آهيان۔ پر ماڻهون هميشه ڪمري ۾ نٿو رهي انڪري ڪڏهن آفيس ۾ هوندو آهيان ته پوءِ نيٽ کان مدد وٺندو آهيان۔۔۔

    جيڪي رسالا سائينءَ جن ٻڌايا آهن سي اسانجي نظر مان نه گذريا آهن ۽ انهن جو ملڻ به شايد عام ناهي يا وري مونکي سنڌ کان پري رهندي هن وقت 20 سالن کان به مٿي ٿي ويو آهي، انڪري ڪتابن جي ڪمي ضرور محسوس ٿئي ٿي ۔۔۔ باقي مون وٽ سنڌ ۾ ايترو ذخيرو هيو جيڪو مون سچل ڳوٺ ۾ ڪجهه دوستن پاران قائم ٿيندڙ لائبريريءَ لاءِ ڏنو هو ۔۔۔ ڳوٺ ۾ موجود هڪ سماجي ڀلائيءَ واري اداري کي ڏنا هئا ۽ باقي ڪجهه بچيا هئا سي مون ڪجهه رکيا آهن ۔۔۔ ٻيو سائين شمشير جي گهر ۾ سنڌي ادب سان لاڳاپيل ايترا ڪتاب ۽ اخبارون ۽ رسالا آهن جو ماڻهون پڙهڻ ويهي ته هيءَ حياتي ختم ٿي ويندي پر ڪتاب ۽ مواد ڪون کٽندو ۔۔۔

    هڪ ڳالهه دوستن کي ٻڌائيندو هلان ته آءُ جڏهن 6 درجي جو شاگرد هيس ته گلن جهڙا ٻارڙا لاڙڪاڻي جو جنرل سيڪريٽري هيس ۽ مون علي گوهر آباد محلي ۾ هڪ ننڍڙي لائبريري قائم ڪئي هئي ۽ مضمون نويسيءَ ۾ سڄي سنڌ ۾ ٽيون نمبر ۽ لاڙڪاڻي ۾ پهريون نمبر آيو هيس ۔۔۔

    ٻي هڪ وضاحت ڪريان ته آءُ پيدائشي مسلمان ضرور آهيان پر مونکي اصل اسلام جي خبر ڪجهه سالن کان پئي آهي ۽ انڪري ئي آءُ نه شيعو آهيان نه سني نه ئي وري ڪنهن ٻي فرقي کي مڃيندو آهيان، ڇاڪاڻ آءُ مسلمان نه خاندان جي ڪري ٿيو آهيان نه ڪنهن فرقي کان متاثر ٿي ،،، آءُ ته قرآن الفرقان پڙهيو آهي ۽ سوره النور پڙهي ته ڪجهه نور مليو ۽ انکانپوءَ اسلامي ڪتاب پڙهيا آهن ۔۔۔ پر اڃان حالت اهڙي آهي جيئن منڊي ماڪوڙي کوهه مان آسمان جي ماپ ڪري ۔۔۔ دعا ڪريو ته رب علم ۾ اضافو ڪري ۔۔۔ قرآن شريف جو علم ايترو وسيع آهي جو هيءَ زندگي صرف الحمد شريف کي سمجهڻ ۾ صرف ٿي وڃي ته لک ٿيو ۔۔۔

    مون ته اڃان صرف ايترو سمجهيو آهي ته؛
    زماني جو قسم، انسان خساري ۾ آهي، سواءِ انهن جي جن ايمان آندو، عمل چڱا ڪيا، صبر ۽ حق جو آسرو ورتو۔

    باقي اسانجا دوست عالم آهن، انڪري اسين نه ته ڪنهن مقابلي ۾ آهيون ۽ نه ئي وري ڏاهپ جي دعوا آهي ۔۔۔ بس هٿ مٿي آهن، ته مونسين مون پرين ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا ۔۔۔

    رب العالمين سنڌ ۽ سنڌ واسين کي پنهنجي امان ۾ رکي ۔۔۔
    [/justify]
     
  10. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مونا طور سينا سندا سنيا سين

    ا

    مٿيان جيڪي مون حواله پيش ڪيا آهن هنن مان
    سائين غلام مصطفى قاسمي رحمةالله عليه ڪتاب جي منڍ ۾ ”پنهجي بابت “
    ۾ فرمائن ٿا ته ” 1913ء ۾ مرزا قليچ بيگ شاھ جي رسالي سرڪاري ڇاپي ۾ ڪي بيت ۽ وايون اضافو ڪري هڪ ڇاپو پڌرو ڪيو . سن 1923 ء ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي اسان جي فاضل دوست علامه داود پوٽي جي مدد سان وڏا ڪشالا ڪڍي جي سڀ نسخا مير عبدالحسين سانگي جي اڻ لڀ نسخي تائين هٿ ڪري ٽن جلدن ۾ پڌرو ڪيو .ڊاڪٽر گربخشاڻي سڀني نسخن کي آڏو رکي ڪيترن بيتن ، واين ۽ سرن کي پنهجي تحقيق موجب ڌاريو ڪلام ڄاڻي ڪڍي ڇڏيو . انهيءَ ڳالھ تي ٻين اديبن کي ڏاڍي مٺيان لڳي ، ڊاڪٽر گربخشاني جي خلاف اخبارن م مقالا ۽ مضمون پڌرا ٿيا ، پر ڊاڪٽر پنهجي خيال کان نه لٿو .ڊاڪٽڙ گربخشاڻي بيشڪ سنڌي ادب جي بي انتها خدمت ڪئي ، مگر کيس گهربو هو ته اهو ڏاريو ڪلام ضميمي طور ڇپائي ها ته شايد مخالفت کان بچي وڃي ها“ . هن ڳالھ مان واضح لڳي ٿو ته ڪافي نسخن ۾ شاھ جي ڪلام ۾ ڪاٽ ڪوٽ ٿي هجي مون وٽ جيڪو نسخو آهي اهو سائين قاسمي رحمةالله عليه جو آهي هن ۾ سڀئي بيت ۽ وايون موجود آهن ۽ جيڪو ڌاريو ڪلام آهي هن تي به سائين جن وضاحت ڪري ڪتاب ۾ آندو آهي ، پر جيڪي اشعار مون مٿي لکيا آهن الحمدلله هن کي شاه جو ڪلام ئي ڄاڻايو ويو آهي ، ادي نثار ابڙي ۽ ٻين شاھ جي مداحن کي گذارش رکجي ٿي ته اهي هن ڳالھ جي مزيد تحقيق ڪن ته سائين ڪلياڻ آڏواڻي آخر ڪهڙي بنياد تي هنن اشعارن کي پنهجي ڪتاب مان ڪڍي ڇڏيا آهن جئين اسان جهڙن ناواقفن کي به ڪجه معلمات ۾ اضافو ٿئي . مهرباني
     
  11. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: مونا طور سينا سندا سنيا سين

    بهترين ونڊ آهي سائين .
     
  12. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: مونا طور سينا سندا سنيا سين

    سائين اسان لاءِ ته سڀ سون آهي باقي ڳالھ اها اهي ته جن ماڻهن پنهنجي پوري زندگي هن علم تي صرف ڪئي آهي انهن تي اسان جهڙو طالبعلم ته ڪا ڳالھ ڪرڻ جوڳو ناهي سو اسان ته هن ڳالھ کي پهريان ڪنهن مضمون ۾ چئي چڪا آهيون جنهن جي تصديق اسان کي اڄ هن بحث ۾ ملي وئي ته قرآن جون ڪجھ آيتون منسوخ آهن جنهن تي علماءُ جو اتفاق چوندا آهن ته سالڪن ان مطلق چيو آهي ته مُلان يا مفتي يا مجتهد کي جتي سمجھ نه ائي ته هن ان کي منسوخ سمجهيو جڏهن ته سالڪن جي نگاھ ۾ ائين ناهي اڄ اسان جي مدبرن کي شاھ جو ڪلام سمٍجھ ۾ نه ٿو اچي ته ان کي لطيف جو ڪلام نه ٿا سمجهن بحرحال جنهن جيئن سمجهيو تنهن تيئن چيو ۔
    وسلام
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو