غزل

منصور سيتائي

سينيئر رڪن
سار ڪا ساربي آ سار جيان
عمر گذري پئي انتظار جيان

هار تي هار آ ملي هر دم،
جيت ڪا ٿِِِي تڏهن به هار جيان

روح منهنجو وڍي ويو آهي
تنهنجو لهجو تکو ترار جيان

جنهن ۾ ڏيئو نه ڪا قنديل ٻري
آءُ اجڙيل انهئِ مزار جيان

عمر ڀر ٺوڪرن ۾ آ رهيو
پيار منهجو يتيم ٻار جيان

آنءُ منيصور خزان جو ٻوٽو
آءُ مونتي ڪڏهن بهار جيان
 
جواب: غزل

اسانکي همدردي آهي منصور سيتائي سان، اصل اهڙي حالت ڪنهن عاشق سان جو يار همراه اصل خزان ٿي ويو آهي، چهرو زرد ۽ جسم ٿڌو ٿي ويو آهي ۔۔۔

ابا بس عاشق مجبور آ ۔۔۔ ڇا ڪجي ۔۔۔

غزل ۾ رواني ۽ محبوب جي وڇوڙي رنجايو آهي ۔۔۔ باقي وزن بحر جي خبر پاڻکي نه پوي ۽ پيشڪش ۾ ٿوري سادگي نظر ٿي اچي ۔۔۔ اڄڪلهه هر شاعر پنهنجي شاعري اهڙي ته ٺاهي ٺڪي پيش پيو ڪري جو ماڻهون جو وات پٽجيو وڃي ۔۔۔

خئير ادو منصور ب سکي ويندو آهستي آهستي ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
Back
Top